• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪومل نثار ۔۔۔ ڀلي ڪري آيا

نثارابڙو

نائب منتظم
اڄ جڏهن هيٺ نون ميمبرن جي فهرست تي نظر پئي ته هڪ نالو نظر آيو ”ڪومل نثار“ ۔۔۔ آءُ پنهنجي هن ننڍڙي ڌيءَ کي سنڌ سلامت جي اڱڻ تي ڀليڪار چوانٿو ۔۔۔
اميد ته منهنجي هيءَ ڪومل ڌيءَ سنڌ سلامت جا تعليمي ليک شوق سان پڙهندي ۽ گهر وارن کي پڻ پڙهي ٻڌائيندي ۔۔۔

ڌيءَ ! اوهانکي هن اڱڻ تي ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي ۔۔۔ سنڌي اسانجي ٻولي آهي ۽ هن اوطاق جا سڀ دوست سنڌي ٻوليءَ جي خدمت لئه وقف ٿيل آهن ۔۔۔ منهنجي دعا آهي ته اوهان به سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ڪرڻ ۾ مددگار ٿيندا ۔۔۔

سنڌي لکو سنڌي پڙهو ۔۔۔

دعا آهي ته سنڌي جڳ جڳ ترقي ڪن ۽ شاد رهن ۔۔۔ آمين

sindhsalamatsaathsal
 
جواب: ڪومل نثار ۔۔۔ ڀلي ڪري آيا

اسان ڪومل نثار کي سنڌ سلامت فورم تي ڀليڪار چئون ٿا ويلڪم ادي

ادي اسان کي اوهان جي نڪور لکڻين جو انتظار رهندو

سنڌ سلامت ساٿ سلامت

سدائين گڏ
 
جواب: ڪومل نثار ۔۔۔ ڀلي ڪري آيا

ماشاء الله۔۔۔ لڳي ٿو هي توهان جي ننڍڙي ڪِڪي آهي۔۔۔
اسان جون دعائون آهن ته اسان جون سنڌي نياڻيون ائين ئي هڪ قدم اڳتي وڌي سنڌ ۽ سنڌيت جي پرچارڪ ٿي اسان جو هٿ ونڊين۔۔۔
الله پاڪ کين نظرِ بد کان بچائي۔۔۔۔
 
جواب: ڪومل نثار ۔۔۔ ڀلي ڪري آيا

سنڌ سلامت جي فورم تي ڪڪي ڪومل نثار کي ڀلي ڪار هجي۔
اميد ته ادڙي ڪومل ٻين سنڌي ادڙن کي سنڌ سلامت فورم تي آڻڻ لاء پڻ پوري پوري ڪوشش ڪندي۔
۽ پنهنجي سنڌي ٻولي ۽ سنڌ جي خدمت ۾ پنهنجو حصو شامل ڪندي۔

دعائن جو طالب ۽ دعاگو
ممتاز علي وگهيو
ڪراڇي سنڌ
سنڌ سلامت جو ساٿ ممتاز رک هميشه من ۾
هجين ڪهڙي به ڪم ۾ پر ڪڍاء نالو پنهنجي نينهن جو
 
جواب: ڪومل نثار ۔۔۔ ڀلي ڪري آيا

اسلام عليڪم ادي ڪومل نثار اوهان کي منهنجي طرفان به ڀليڪار ڀيڻ اوهان کي لک مبارڪون جو اوهان سنڌ سلامت جي هن محبتي اڱڻ تي قرب جا قدم ڀَري آيا۔

سدا خوش وآباد هجو


سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
جواب: ڪومل نثار ۔۔۔ ڀلي ڪري آيا

سائين قبلا اوهان ان جي تصديق يا ترديد ڪانه ڪئي ليڪن اگر اوهان جي نياڻي آهي ته اسان جي ننڍڙي ڀيڻ آهي اسان پنهنجي ڀيڻ کي هن فورم تي اچڻ لاء خوش آمديد چئون ٿا ۽ سندن خدمت ۾ گلن جا تحفه پڻ پيش ڪيون ٿا اميد ته اوهان جي ورثه مان اسان جي ڀيڻ اسان کي پڻ ڪجهه معلومات فراهم ڪندي۔

redroseflower2.jpg



f934330x370.jpg


245d8c9.jpg



2evav0h.jpg
 
جواب: ڪومل نثار ۔۔۔ ڀلي ڪري آيا

دوستو: اوهان سڀني جي مهرباني جو اوهين منهنجي پياري ڌي ڪومل کي مان ۽ عزت ڏني، مون انتظار ٿي ڪيو ته شايد پاڻ اچي ڪجهه لفظ لکي وٺندي پر جيئن ته مارچ جي شروعاتي هفتي ۾ پڪا امتحان اٿس ۽ ٻيو کيس فورم تي سنڌي لکڻ ۾ کيس ڏکيائي ٿئي ٿي ۔۔۔ امتحانن کانپو کيس تلقين ڪندس ته سنڌي ٽائيپنگ سکي وٺي ۔۔۔ ٻي ڳالهه ته هي سندن (ٻن نياڻين ڪومل ۽ حنا جو) پهريون سال آهي جو سنڌي انگريزي ميڊيم ۾ داخلا ورتي اٿن، انکان پهريان جنهن علائقي ۾ رهندا هئاسون ات سنڌي اسڪول نه هئا ۔۔۔ انڪري انگلش ميڊيم پڙهڻ سندن مجبوري هئي ۔۔۔

منهنجي زور ڪرڻ تي سچل ڳوٺ جي هڪ سنڌي اسڪول ۾ ئي پڙهڻ شروع ڪيو اٿن ۔۔ مون کين انڪري ئي زور ڀريو ته سنڌي ٻولي سکڻ سندن ضروري آهي۔۔

دوستو! پنهنجي ئي ملڪ جي هڪ وڏي شهر ۾ سنڌي ڳولهيندي ۽ پڙهندي ڏکيائي ته آهي پر الله مالڪ آهي ۔۔۔ همٿ مردان مدد خدا ۔۔۔

اوهان دوستن جي مهرباني ۔۔۔
sindhsalamatsaathsal
 
Back
Top