• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اڄوڪو ڏينهن 7 سيپٽمبر تاريخ جي دري مان

عبدالحفيظ لغاري

منتظم
انتظامي رڪن
اڄوڪي ڏينهن 7 سيپٽمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:
7 سيپٽمبر 1861ع مذهبي اسڪالر مولانا محمد عمر ڀٽي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
7 سيپٽمبر 1894ع مذهبي اسڪالر مولانا غلام رسول عباسي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
7 سيپٽمبر 1908ع انتظامي سربراھہ ۽ تعليمي ماھر
محمد اسماعيل ڀٽو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
7 سيپٽمبر 1949ع ليکڪ مالڪ ڌار منٺار جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
7 سيپٽمبر 1957ع ليکڪ، ڪهاڻيڪار، ڊراما نگار، شاعر، ڪالم نگار، مترجم ۽ ڪمپيئر زيب سنڌي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
7 سيپٽمبر 1961ع سياستدان
مسرور احمد خان جتوئيءَ جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
7 سيپٽمبر 1968ع صحافي
عزيز رانجهاڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
7 سيپٽمبر 1979ع شاعر ۽ صحافي
انور سومرو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.

وڇوڙو:
7 سيپٽمبر 1618ع بزرگ هستي شاھ خير الدين سکري فاضلاڻي جو لاڏاڻو ٿيو.
7 سيپٽمبر 1827ع مرثياگو شاعر
مرزا مراد علي سائل جو لاڏاڻو ٿيو.
7 سيپٽمبر 1988ع شاعر عبدالله همدم جو لاڏاڻو ٿيو.
7 سيپٽمبر 1994ع نامياري اردو اديب، محقق ۽ تعليمي ماھر
پروفيسر ڊاڪٽر ابوالليث صديقي جو لاڏاڻو ٿيو.
7 سيپٽمبر 2004ع نامياري ليکڪ ۽ فلاسافر اشفاق احمد جو انتقال ٿيو.
7 سيپٽمبر 2007ع ڪاموري بدرالدين زاھديءَ جي وفات ٿي.
7 سيپٽمبر 2014ع
سياستدان مير عنايت علي ٽالپر جو انتقال ٿيو.
7 سيپٽمبر 2023ع زرعي ماھر
عبدالمجيد نظاماڻي جو انتقال ٿيو.

واقعا

1822ع– برازيل جي آزاديءَ جو ڏينھن آھي.
1954ع – پاڪستان سميت اٺ ملڪن سيٽو مهادي تي صحيحون ڪيون.
1958ع – سلطنتِ عمان جي سلطان گوادر جو علائقو چار لک پائونڊ جي عيوض پاڪستان کي وڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
1974ع – قاديانين کي غير مسلم اقليت ۾ شمار ڪيو ويو.
 
Back
Top