جيڪي توهان جي چوڌاري موجود آهن ڪوشش ڪري به انهن ۾ خوشيون ورهايو۔۔۔ انهن سان محبت ڪريو۔۔۔ ڇو ته محبت ئي سان ئي دنيا آهي ۽ محبت سان ئي دنيا کي خوبصورت بڻائي سگهجي ٿو۔۔۔
بيشڪ محبت هڪ اهڙي سگهه آهي جنهن سان دنيا ۾ هر شئي ممڪن آهي، محبت کان بغير نه جيئڻ جو مزو نه مرڻ جو ۔۔۔ محبت جي هجڻ سان ڪائنات ئي سهڻي ۽ رنگين ٿي پوي ٿي ۔۔۔
ادا رشيد صاحب 110 سيڪڙو صحيح ٿا چئو، ته محبت کانسواء ڪجهه به نه آهي، اسان جي سراسر عمر 60 سال آهي، ۽ اسان انهيء 60 سالن ۾ عمر جو ٽيون حصو ته ننڊ ۾ گذاري ڇڏيندا آهيون، ۽ باقي هڪ وڏو حصو ڪم ۾ گذاري ڇڏيندا آهيون، ۽ جيڪڏهن باقي زندگي اسان نفرت ۾ گذاريون ته اسان وٽ بچيو ڇا۔ هميشه هر ڪنهن سان محبت ڪرڻ گهرجي، ۽ نفرتون ختم ڪرڻ گهرجن، هر ڪنهن سان ڳنڍڻ گهرجي ۽ اسلام به اسان کي اهو سبق ڏنو آهي، اسان جي صوفي شاعر حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائيء صاحب به ڳنڍڻ جو سبق ڏنو آهي، ۽ فرمائن ٿا ته