
اسان اڪثر مختلف ڪمپيوٽرس تي ويهڻ ڪري پنهنجي اهم ڊيٽا ساڻ رکڻ لاءِ جديد فليش ڊرائيوز ساڻ کڻندا آهيون... پر ان ۾ موجود ڊيٽا کي محفوظ رکڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندا رهندا آهيون...
هڪ ٻي الجهن جنهن سان اڪثر پيچ پوندو آهي سا آهي فليش ڊارائيو جو هڪ جهڙو هجڻ ڪري مٽجي وڃڻ... ۽ ان وقت ته پريشاني عروج تي هوندي آهي جڏهن پنهنجي فليش ڊرائيو جو ڪنهن غلط ماڻهون جي هٿ لڳڻ جو امڪان هجي...
ان ڪري ڊيٽا کي محدود ۽ محفوظ بنائڻ لاءِ Corsair ڪمپني مارڪيٽ ۾ هڪ نئين Padlock 2 USB Flash Drive آندي آهي... جنهن مٿان هڪ پن ڪي پيڊ بڻايل هوندي آهي جيڪا پاسورڊ لڳائڻ طور ڪم ڏيندي آهي.... جيڪڏهن بار بار غلط پاسورڊ لڳائبو ته فليش ڊرائيو ٻن منٽن لاءِ لاڪ ٿي ويندي...
8 گيگا بائيٽ جي ميموري رکندڙ هي ڊرائيو توهان جي اهم معلومات کي غلط ماڻهن تائين پهچڻ کان 100 في صد بچائي ٿي....