ڪنهن دوست جي پڇيل سوال تي بي خود اندر جا احساس مان ھن سنڌ جي سرزمين جو فرزند هان جيڪو صرف سچ ۽ سنڌ سنڌيت ۽ سنڌي ٻولي سان پيار ڪندڙ آھيان ڪشمور ڪنڌڪوٽ کا ڪلاچي تائين ڦھليل آھيان ...مان سنڌو جي سير ھان مان سنڌ جو خمير ھان مان سنڌ کي آسودو ٿيڻ جو ھڪ آواز ھان ھڪ سوز ھان ھڪ امنگ ھان ھڪ آرزو ھان ھر سنڌي پڙھيل ھجي ھر سنڌي نوڪري سان ھجي ھر سنڌي گھر گھاٽ وارو ھجي اھو سوچيندڙ آھيا نھ مھاجر ھان نھ پنجابي ھان مان سنڌ جو سنڌي ھان جي مونکي ڳولين تھ پاڻيءَ جي لھرن ۾ ڳول جي مونکي ڦولھين تھ سنڌ جي چيڪي مٽي ۾ ڳول جي مونکي ڳولين تھ سنڌ جي ھوائن ۾ ڳول جي مونکي ڳولين تھ سنڌ جي سڪل انگ اگھاڙن چولي ڦاڙيل بي وس بک وکي پاھ ڏيندڙ مارن ۾ ڳولھ تان انھن جي درد ڪٿا ٿي تو کان لڀي پوندس توکي نظر ايندس پو تون منھنجو تدارڪ ڪر تھ منھنجي ھن ڀونءِ ۾ جنھن جي ھيٺان تيل بھ آھي گيس بھ آھي ڪوئلو بھ آھي جيڪو صدين تائن استعمال ڪجي تھ بھ نھ کٽي..پر قدرت جي ايڏي نعمتن ھوندي مونکان ھي غير سنڌي سڀ ڦريون ٿو وڃي ۽ منھنجي ديس واسين کي پاڻ ۾ ويڙھائي ھو غير سنڌي مزاو پيو ماڻي ...مونکي ۽ منھنجي مارن کي قسمت جي حوالي ڪري پاڻ ھوند ھنن وسيلن جو مالڪ ٿيندو ٿو وڃي ...ھي ڏس امرت سنڌو دريا جيڪو صدين کان منھنجي سرزمين کي امرتا بخشيندو آيو آھي ھاڻي قيد ڪري بيراجن ۽ ڊيمن ۾ روڪيو ويو آھي مان ان درياقن جي دانھن توکي بھ ڏيان ٿو تھ پوري قوم کي بھ ڏيان ٿو تھ ٻيلي ھي دريا ۽ منھنجن وسيلن جي مڙسي سان مالڪي ڪريو ۽ منھنجي مارن ،ڌرتي ڌنارن جوڌن دودن للنگھ جوانن کي بي موت ماريندڙ سان مھاڏو اٽڪايو ۽ ايندڙ نسل بچايو.....