رضوان علي جمالي
سينيئر رڪن
جا شام اڄوڪي گذري وئي
سا ياد به توکان وسري وئي
سي گلَ به ويا مرجهائجي
ڄڻ خوشبو تن مان وکري وئي
هو آکيرا ڏس خالي آهن
ڪا ڪوئل ڪوڪي اڏري وئي
گڏ چنڊ ڏٺوسين تارن سان
سا رات به توکان وسري وئي
ڪو جيون ساٿي ٿي نه سگهيو
پر زندگي منهنجي به گذري وئي