ڪامن ويلٿ اسڪالرشپس بابت شاگردن جا مونجهارا

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏9 سيپٽمبر 2013۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    اڪثر ڪري نوان گرئجوئيٽس يا وري پوسٽ گرئجوئيٽ شاگرد مختلف اڪالرشپس بابت پُڇندا رهن ٿا۔ خاص ڪري تڏهن جڏهن ڪو اسڪالرشپس جو اشتهار اخبار ۾ ڇپيو ناهي ۽ سوشل نيٽ ورڪ ويبسائيٽس تي آيو ناهي ته ميسيج اچڻ شروع ٿي ويندا “فلاڻي اسڪالرشپ ۾ ڇا آهي ٿورو ڏِسي ته ٻُڌايو“۔ ڇو ته همراهن وٽ کوڙ سارا ٻيا ڪم اهڙا هوندا آهن جيڪي مٿو کپائي هي ڳالهه سمجهڻ کان پيا روڪيندا اٿن۔
    انهي پُڇا جا جواب ڏيئي ڏيئي ٿڪي پوڻ ڪري هي موضُوع لکڻ جو سوچيم۔
    هن وقت اهڙي اسڪالرشپ ۾ ٽاپ تي آهي ڪامن ويلٿ اسڪالرشپ 2014۔ هي اسڪالرشپ برطانيه پاران ترقي پذير مُلڪن کي ڏني ويندي آهي جنهن ۾ آخري فيصلو ته وٽن ئي هوندو آهي ته ڪنهن کي چونڊين ٿا۔ پر انهي کان اڳ هو انهي مُلڪ پاران به درخواستگذران جي ڇنڊ ڇاڻ جي ڪوشش ڪرائن ٿا۔ اڳي هي اسڪالرشپ هائر ايجوڪيشن ڪميشن جي ذريعي ڏيندا آهن۔ پر هن دفعي بين الصوبائي رابطن Inter Provincial Coordination Division واري وزارت کي اهو ڪم ڏنو ويو آهي۔
    انهي وزارت وري سڄو ڪم اين ٽي ايس کي ڏنو آهي ۽ پاڻ آجا ٿي ويهي رهيا آهن۔ شاگرد ويچارا پريشان آهن ته ڇا ڪجي؟ ڪيئن ڪجي؟۔
    شاگردن کي وڏي پريشاني اها آهي ته کين سواءِ اين ٽي ايس جي ”جي آر اي ٽيسٽ“ ٽيسٽ (جنهن جو اشتهار آخر ۾ ڏنو اٿم) جي ٻيو ڪُو به تفصيل نه پيو ملي انهي اسڪالرشپ بابت۔
    پر جيئن ته هن مُلڪ ۾ اهو ويل رُڳو هڪ اداري پاران ناهي۔ هر ڄڳهه تي اهو ئي پيو ٿئي۔ سو هن ڏچي کي سمجهائڻ لاءِ اهڙي ئي هڪ ٻي اهڙي ڏچي جو مثال به موجود آهي۔ تازو اين ٽي ايس تعليم کاتي لاءِ ماسترن جي ڀرتي جي ٽيسٽ ورتي۔ جيستائين انهي ٽيسٽ لاءِ درخواستون ڏنيون ويون ۽ اها ٽيسٽ ٿي تيستائين تعليم کاتي جي ويب سائيٽ تي انهي بابت ڪُجهه به نه هو۔ نه وري انهي ڪم لاءِ پروجيڪٽ تي ڪم ڪندڙ آر ايس يو جي ويبسائيٽ تي ڪُجهه هو۔
    بس اهو هو ته اين ٽي ايس جي ٽيسٽ ڏيو۔ فل حال اهو ئي ڪريو۔ انهي کان پوءِ ڏَسبو ته ڇا ڇا ڪرڻو آهي۔
    ساڳي ريت ڪامن ويلٿ ۾ به فل حال ته بس اين ٽي ايس جي جنر جي آر اي ٽيسٽ کي ئي فوڪس ڪرڻ گهُرجي۔ پنهنجا ڪاغذ پٽ گڏ ڪري اين ٽي ايس جي 29 سيپٽمبر تي ٿيندڙ جي آر اي ٽيسٽ لاءِ اپلاءِ ڪرڻ گهُرجي جنهن جي آخري تاريخ 11 سيپٽمبر2013 آهي۔ پوءِ جي پاليسي بين الصوبائي وزارت جي ويبسائيٽ تي اڳتي هلي متان اچي۔
    پر انهي جي اندازي خاطر اوهان هي پيج ڏسي سگهو ٿا۔ جيڪو هائر ايجوڪيشن ڪميشن جو آهي۔ انهي ۾ 2013 جي پروگرام لاءِ 2012 ۾ آيل تفصيل آهن۔ توڙي جو هن دفعي اسڪالرشپ ايڇ اي سي جي ذريعي نه پئي ڏني وڃي پر اهليت جو معيار پرکڻ لاءِ ساڳيا ئي قانون هوندا۔
    دراصل ڪامن ويلٿ جا ٻه پروگرام آهن۔ هڪ ته نئين سر پي ايڇ ڊي ۾ داخلا وٺي وڃي ٻاهر مُلڪ پڙهڻ (جيڪو صرف يونيورسٽي جي ٽيچرس لاءِ آهي)۔ ٻيو آهي هتي پي ايڇ ڊي ۾ انرول شاگردن لاءِ رسرچ جو ڪُجهه حصو وڃي ٻاهر مُلڪ ڪرڻ۔
    ٻي ڪيس ۾ ڪُجهه آساني آهي۔ پر اوهان جو پي ايڇ ڊي ٽاپڪ ٻاهر مُلڪ جي يونيورسٽي جي ٽيچر کي پسند اچڻ لازمي آهي۔ هو اوهان کي قبوليت جو ليٽر ڏيندو ته ڪم ٿيندو۔ ۽ اسڪالرشپ جو تعداد تمام گهٽ هُجڻ ڪري اوهان کي جي آر اي ۾ ٺيڪ ٺاڪ اسڪور کپندو۔
    [​IMG]
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو