جواب: اسلام عليڪم وعليڪم السلام مٺا جواد ۔۔۔ ڀلي ڪري آيا هن سنڌ دوست اڱڻ تي ۔۔۔ اوهانکي هيءَ سائبر اوطاق ڪيئن لڳي؟ ۽ ممڪن ٿي سگهي ته اوهان پنهنجو ٿورڙو تفصيلي تعرف ڪرائيندا ته دوستي رکڻ ۾ مزو اچي ۔۔۔ هڪ دفعو ٻيهر ڀليڪار ۔۔۔ ان اميد سان ته اوهان اڱڻ تي ايندا رهندا ۽ پنهنجا خيال اسان سان ونڊ ڪندا رهندا ۔۔۔ سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار، دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين۔
جواب: اسلام عليڪم ادا نثار مهنجو نالو جواد آهي مهنجي ذات صبح پوٽو آهي آئون ٽنڊو محمد خان جو رهندڙ آهيان گريجويشن ڪري رهاو آهيان توهان پهنجو تعارف ڪرايو
جواب: اسلام عليڪم ادا جواد مهرباني جو تڪڙو جواب ڏئي پنهنجو تعرف ڪرايو اٿوَ، منهنجو تعرف به هن ئي ڌاڳي ۾ ڏنل آهي ۔۔۔ آءُ هت سعودي عرب جي شهر مڪي پاڪ ۾ رهانٿو ۔۔۔ هڪ 5 ستارن واري هوٽل جي انتظامي امور جو هڪ رڪن آهيان ۔۔۔ سنڌ سلامت جي هن اڱڻ جو شروعاتي رڪن آهيان ۔۔۔ ۽ ان ڳالهه ۾ پڪو ايمان آهي ته لائجي ته نڀائجي نه ته اصل نه لائجي ۔۔۔ سو دوستي رکجي ته توڙ ڪجي ۔۔۔ هن اڱڻ سان دوستي رکڻ سان اوهانکي به کوڙ ساترا سٺا دوست ملندا ۔۔۔ بس اوهان به پنهنجي علم شخصي تجربن جو خئير ڪڍندا ته ممڪن ڪيترن جو ڀلو ٿي پوندو ۔۔۔ دعائن ۾ گڏ ۔۔۔
جواب: اسلام عليڪم ادا جواد اسلاعليڪم اميد ته توهان خوش و آباد هوندا۔ ادا سنڌ سلامت جي هِن محبتي اڱڻ تي توهانکي ڀليڪار اوهانجا لک قرب جو توهان هن اوطاق تي ڪَهي آيا۔ سنڌ سلامت جا سڀ دوست محبتي دوست آهن اميد ته اوهان به پنهنجي لکڻين ذريعي هن محبتي اڱڻ تي پنهنجو پاڻ ملهائيندا۔ اوهان جي لکڻين جو انتظار رهندو۔۔۔۔۔۔!! shal judy hujeen سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: اسلام عليڪم ادا اوهان ڀائرن جي وڏي مهرباني جو اوهان مون ۡکي ايترو مان ڏنو در اصل مون کي سندهي فارم سائٽ جي ؓڳولا هئي مون کي ڪلھ هن سا ئٽ جي خبر پئي ۽ مهنجي ڳولا مڪمل ٿي وئي دعائن ۾ ياد
جواب: اسلام عليڪم ادا جواد اسان به توهان کي ڀلي ڪار چئون ٿا اميد ته اوهان هن ساٿ سان گڏ رهڻ کي يقيني بنائيندو سدا سلامت هجو شال۔