سمون نثار ناز ڪٿي آهين اسانجي اُميدَ ڪٿي آهين سواءِ تُنهنجي ته نٿي سري کپي ٿِي ديدَ ڪٿي آهين مٽ ڀڃڻ جي ڳالهه ڪر يَرَ نئين ڏي نَوِيدَ ڪٿي آهين توکان سواءِ سدائين آ روزو توسان آ عِيدَ ڪٿي آهين ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ صرف تُنهنجو وحيد ڦلپوٽوفقير shal judy hujeen sindhsalamatsaathsal
جواب: سائين نثارناز صاحب ڪٿي آهين ؟؟؟ گهل ڙي، فقير شاعر ٿي ويو آهي ۔۔۔ اهڙي تڪبندي ۽ لفظن جو سهڻو استعمال ۔۔۔ بس وڃي ٿيا خئير ۔۔۔ هاڻ ته ناز کي ناز ڇڏڻا ئي پوندا ۔۔۔ نه ته اسان انداز شروع ڪنداسون ۔۔۔hatt-pare فقير سائين اهو رنگ ڪيئن لڳو ۔۔۔ اسانکي به رستو ٻڌايو ٻيلي ۔۔۔ shal judy hujeen
جواب: سائين نثارناز صاحب ڪٿي آهين ؟؟؟ سائين فقير سائين کي پنهنجي ساٿ جي سونهن جي جدائي بيقرار ڪيو ته الفاظ سندس دل جو آواز بنجي پيا ۽ نتيجو اسان جي سامهون آهي اميد ته سائين نثار جن دل جو آواز ضرور ٻڌو هوندو ۔
جواب: سائين نثارناز صاحب ڪٿي آهين ؟؟؟ ادا وحيد ڦلپوٽي جو اهو آواز ۽ شاعري صرف ان ڪري ڏسي نه سگهيس ته انهن ڏينهن ۾ سنگت سان غير حاضري منهنجي نه هُئڻ برابر هُئي ان هوندي به دوست ڦلپوٽو منهنجي ياد ۾ بيقرار هو، ان بيقراريءَ کي سلام، ان تڙپ کي سلام، ان انداز شاعريءَ کي سلام، دوستو پوڙهو مڙس آهيان، بجلي جو بحران، ڪجهه سنڌ سلامت واسطي ڪوريج ڪرڻ وارا ٿڪائيندڙ پروگرام مونکي هڪ اڌ ڏينهن واسطي غير حاضر ضرور ڪندا هُوندا پر صفا غير حاضري ته سوال ئي ڪونه ٿو پيدا ٿئي ته سنڌ سلامت جي محبتي ساٿين سان جُدايون ڪجن۔