ڀٽ ڌڻي جو راڳ ۽ راڳي فقير نور سنڌي -------------------------------------------------------------------------------- حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو مخصوص انداز ۾ ڳائجندڙ ڪلام جنهن جي ٻڌڻ سان وجد طاري ٿيو وڃي اهو راڳ ڀٽ ڌڻي پاڻ شروع ڪرايو هو. ۽ اهو راڳ دنبوري تي ڳائجي ٿو ۽ اهو دنبورو ساز پڻ لطيف سائين جي ايجاد آهي. لطيف سائين ڀٽ شاهه تي هجن يا سير ۽ سفر ۾ پر راڳ ڳائڻ لاءِ مقرر فقير ۽ دنبورا ساڻن گڏ هوندا هئا ۽ فقير مقرر وقت تي راڳ ڳائيندا هئا. اهو مخصوص راڳ سيکارڻ لاءِ پڻ پاڻ فقير مقرر ڪري ڇڏيا جيڪي نون فقيرن کي راڳ سيکاريندا هئا. روايتون آهن ته جيڪي فقير بيمار ٿي پوندا هئا خاص طور جن کي بخار ٿي پوندو هو ته انهن کي راڳ ٻڌڻ جو چوندا هئا ۽ اهي بيمار فقير جڏهن راڳ ٻڌندا هئا ته ٺيڪ ٿي ويندا هئا. اهي به روايتون آهن ته جمع رات راڳ ڳائندڙ فقيرن مان اگر ڪو راڳ ڳائڻ لاءِ نه ايندو هو ته ان کي ٻيهر بخار ٿي پوندو هو. اها به روايت آهي ته جڏهن وقت جي مشهور بزرگ هستي ۽ لطيف سائين جو همعصر ۽ دوست مخدوم محمد هاشم ٺٽوي لطيف سائين جي دعوت تي سندن مهماني کائڻ لاءِ پهتا ۽ سندن پهچڻ بعد اوطاق جي ڪمري ۾ فقيرن راڳ شروع ڪيو مخدوم محمد هاشم ٺٽوي وڏا شريعت جا پابند هئا ۽ پاڻ اهڙي عمل تي ناراض ٿيا ان تي لطيف سرڪار فقيرن کي ڪمري مان ٻاهر ڪڍي انهن دنبورن کي ڪمري ۾ رکي دروازو ڏئي ڇڏيو کن پل کانپوءِ دنبورا خود بخود وڄڻ لڳا چون ٿا ته ان بعد پاڻ وري اهو ساز وڄائڻ کان منع نه ڪيائون.( هن ڳالهه جي ڪا پڪي ثابتي ڪانهي ۽ عقيدت ۽ حقيقت ۾ برحال فرق هوندو آهي. ؛ عقيدت ۽ حقيقت ۾ ممتاز آ وڏو فرق، هروڀرو نه ره غرق ذري ذري ذهني خيالن ۾ ، ..............ممتاز وگهيو )266 سال اڳ لطيف سائين جي حال حياتي ۾ ڀٽ شاهه تائين محدود هي راڳ هاڻ دنيا ۾ شوق ۽ عقيدت سان ڳايو ۽ ٻڌو وڃي ٿو. لطيف سائين جي وصال بعد اهو راڳ صرف جمع رات ڳايو ۽ ٻڌو وڃي ٿو. لطيف سائين جي وصال بعد اهو راڳ صرف جمع رات سندن مزار تي ڳايو ويندو هو. بعد ۾ جمع ۽ اربع رات ڳايو ويندو هوپر لطيف سائين جي خاندان جي مشهور راڳي سيد غلام شاهه جي وقت ۾ اهو راڳ هفتي جا 5 راتيون ڳائڻ شروع ٿيو بعد ۾ 1975ع کان هفتي جون ست راتيون ڳائڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو. پر هاڻ ڪجهه سالن کان ڏينهن جو به اڳين پهر هڪڙا فقير پوئين پهر ٻيا فقير راڳ ڳائين ٿا يعني ته هاڻ لطيف سائين جو راڳ درگاهه تي 24 ڪلاڪ ڳايو وڃي ٿو. راڳ ٻڌڻ لاءِ هر وقت زائرين جا هجوم هوندا آهن. جڏهن ته جمع رات راڳ ٻڌڻ لاءِ هزارين ماڻهو ايندا آهن. زائرين راڳي فقيرن کان بيمارين لاءِ پنهنجون مچتائون پوريون ٿيڻ لاءِ ڌاڳا به وٺن ٿا ۽ راڳ ٻڌندڙ راڳي فقيرن کي ونڊ طور مصري نقل ۽ روڪ رقم به ڏين ٿا. لطيف سائين جا راڳي فقير ثقافت کاتي جي معرفت 35 کان وڌيڪ ملڪن ۾ ٿيندڙ دنيا ليول جي فيسٽيول ۾ راڳ ڳائي آيا آهن. سنڌي راڳ نه سمجهندڙ غير ملڪين تي به اهو ٻڌي وجد طاري ٿيو وڃي ۽ هو بي اختيار ٿي جهومڻ لڳن ٿا. هاڻ ته سنڌ جي ڪيترن ئي بزرگن جي عرس مبارڪن جي افتتاحي تقريبات ۾ به شاهه لطيف سائين جو راڳ ڳايو وڃي ٿو. جڏهن ته هاڻ شادين ۽ عام فنڪشنن ۾ به شاهه جو راڳ ڳايو وڃي ٿو اهڙي عمل کي ڪجهه ڌريون سٺو عمل قرار ڏيندي چون ٿيون ته لطيف جو راڳ جهر جهنگ ۾ ڳائڻ گهرجي. ڪجهه ڌريون ان کي سٺو عمل نٿيون سمجهن ۽ اهڙي عمل کي ڀٽ ڌڻي جي درگاهه جي ريتن، رسمن خلاف قرار ڏين ٿيون جڏهن ته ماضي ۾ راڳ درگاهه جي ٻاهران ڳايو ويندو هو ۽ سياري ۾ مسافر خاني ۾ پر هاڻ راڳ درگاهه جي اڱڻ ۾ ڳايو وڃي ٿو. ڪجهه ڌريون ان کي صحيح قرار نٿيون ڏين ۽ چون ٿيون ته اولياءَ ظاهري طور تي لاڏاڻو ڪري وڃن ٿا پر هو حيات هوندا آهن اهو ئي سبب آهي ته تمام بزرگن جي مزارن جا دروازا رات جو دير سان قائم (بند) ڪري وري صبح جو کوليا ويندا آهن. ان ڪري مزار جي اڱڻ ۾ 24 ڪلاڪ راڳ ڳائڻ جي ڪري لطيف سائين جي آرام ۾ ۽ ساڻن ملڻ ايندڙ ٻين بزرگن سان ڪچهرين ۾ رخنو ايندو هوندو ان ڪري اهو سلسلو درگاهه جي ريتن رسمن جي خلاف آهي ۽ راڳ ماضي وانگر ٻاهر اڱڻ تي ڳايو وڃي. اهڙي عمل سان راڳ جي اهميت تي اثر پئي ٿو لطيف سائين جو راڳ مقدس آهي ان جي اهميت برقرار رکڻ لاءِ راڳ درگاهه تي ئي ڳائڻ گهرجي. هن وقت لطيف سائين جا سوين راڳي فقير آهن جيڪي درگاهه تي راڳ ڳائين ٿا جڏهن ته ڪافي اهـڙا راڳي فقير آهن جيڪي ته سکيا آهن ۽ ڪجهه وقت راڳ به ڳايو پر بعد ۾ هنن راڳ ڳائڻ ڇڏي ڏنو. لطيف سائين جو راڳ سيکارڻ لاءِ 1985ع ۾ سنڌ جي ان وقت وزير اعليٰ سنڌ سيد غوث علي شاهه جي راڳ جو اسڪول جي قيام جو اعلان ڪيوپر ثقافت کاتي وارن خبر ناهي ڇو شاهه جي راڳ جو اسڪول کولي نه سگهيا ۽ ڀٽ شاهه ۾ شاهه جي راڳ جي اسڪول جو بورڊ ڪڏهن ملاکڙ گرائونڊ وٽ ايڪسلينسي هال وٽ ڪڏهن فنڪارن جي هاسٽل وٽ ڪڏهن موٽيل وٽ لڳل نظر ايندو هو. شايد رڪارڊ ۾ شاهه جي راڳ جو اسڪول کليل ڏيکاريل هو. ثقافت کاتي جي اهڙي عمل خلاف اهڙي مهم هلائڻ جو شرف مونکي حاصل ٿيو 93ع کان اڳ لطيف جي عرس مبارڪ تي اهڙيون خبرون اخبارن ۾ هلائڻ لڳس ۽ عرس مبارڪ جي حوالي سان لکيل آرٽيڪلن ۾ پڻ ذڪر ڪيم ۽ 93ع کان وٺي ڀيڄ ڀٽائي ميگزين ۾ باقائده الڳ ايڊيٽوريل لکڻ شروع ڪيم ۽ وقت جي حڪمرانن کي اهڙا خط به لکندو رهيس نيٺ چند سال اڳ ۾ شاهه جي راڳ جو اسڪول ميوزم واري سائيڊ تي هڪ ڪمري ۾ شروع ڪيو ويو. ٽيوٽر طور لطيف جي مشهور راڳي سيد فقير جمن شاهه ۽ ٻانهن ٻيلي طور کٻڙ فقير جون خدمتون حاصل ڪيون ويون ۽ اهو اسڪول جاري ساري آهي. ڀٽ ڌڻي جي وقت ۾ ڪهڙا راڳي هئا ان بابت وڌيڪ احوال معلوم نه ٿي سگهيو آهي.پر ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي سنڌي موسيقي تي لکيل ڪتاب مان ڪجهه نه ڪجهه معلومات ملي ٿي. لطيف سائين جي وصال بعد تمر فقير راڳين جو اڳواڻ ٿيو ۽ باقائده راڳ جو سلسلو جاري رکيو. جڏهن ته تمر فقير کان موجود وقت تائين وصال ڪري ويل لطيف جي راڳي فقيرن ۾ تمر فقير، ميون ڪمال پٽ، محمد اسماعيل کاهوڙي جوڻيجو، يعقوب شهيد، مائي ٺوڙهي، حڪم الدين سيلاني، الياس فقير، عرس فقير ساند، مراد فقير ٻگهيو ڪيهر فقير، راهمون فقير، رحيم فقير راهو، پير علي بخش شاهه علڻ سائين ”اول“ يوسف ٻگهيو، عيسو ٻگهيو، سيد غلام شاهه، ميون ولي محمد، محبت فقير تمراڻي، خليفو ميهار فقير، سيد تقي فقير، فقير علڻ ريحان پوٽو، هاشم علي فقير ريحان پوٽو، ميون عثمان فقير، ميون حسن، ميون محمد، حاجي عالم ڏيرو، ننڍو، بالاج فقير عمراڻي، حافظ چاڪي، الهه بچايو فقير لنجواڻي، يوسف فقير ٻگهيو، فقير غلام دين آريسر، رمضان فقير لوهار، لونگ فقير اول، آچر فقير تنيو، موسو فقير تنيو، حاجي غلام حيدر جت، محمد فقير اوڏ، محبت فقير لنجواڻي، ميرو فقير لنجواڻي، محرم فقير، جلال فقير نظاماڻي، حسن شاهه، احمد فقير لغاري، سيد نور محمد شاهه، الهه بچايو فقير سهتو، قاسم فقير خاصخيلي، محمد فقير ڪوري، غلام حيدر سومار، سکيو فقير لنجواڻي، واحد بخش وساڻ، صوف فقير وساڻ، پنهل فقير اوڏ، قربان فقير لنجواڻي، الهه بچايو فقير تمراڻي، غلام حيدر فقير نظاماڻي، لائق ڏنو فقير تمراڻي، جان محمد فقير تمراڻي، فقير جانو، چڀڙ فقير، علي بخش مگسي، محمد هاشم فقير ميرجت، جلال فقير لنجواڻي، غلام رسول فقير، مصري فقير جلالاڻي، جيئڻ فقير، مجيد فقير ملاح، موسو فقير راهو، احمد فقير، الهه بخش فقير تمراڻي، تاج محمد لنجواڻي، چڀڙ فقير ملاح، محرم فقير خاصخيلي، محمد رحيم شاهاڻي، فضل فقير ڇڄڙو، جيئڻ فقير، جانو فقير نظاماڻي ۽ ٻيا شامل آهن. هن وقت لطيف سائين جا سوين راڳي فقير آهن جيڪي واري سان سڄو ڏينهن لطيفي ڪلام کي ڳائين ٿا. درگاهه تي جمع رات فقير جمن شاهه ۽ فقير علي ڏني تمراڻي جي اڳواڻي ۾ مير حسن تمراڻي، رسول بخش فقير، محرم فقير، طالب حسن فقير تمراڻي، غلام محمد فقير تمراڻي، قادر بخش فقير خاصخيلي، مدد علي فقير ميرجت ۽ ٻيا ڳائين ٿا. ڇنڇر رات نادر فقير لنجواڻي جي اڳواڻي ۾ اختر حسن فقير لنجواڻي، جواڻ فقير ڇڄڙو، مختيار علي فقير سنديلو، غلام حسين وساڻ فقير، قادر ڏنو فقير ٿهيم ۽ ٻيا، آچر رات گل محمد فقير خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ رحيم فقير جوڻيجو، راڻو فقير جوڻيجو، ڏسو صفحو 7 ڪامل فقير ٿهيم، يعقوب فقير خاصخيلي، رمز علي فقير خاصخيلي، ابراهيم فقير خاصخيلي ۽ ٻيا سومر رات سيد حسن فقير تمراڻي جي اڳواڻي ۾ سائين بخش ٿهيم. اڱاري رات فقير سيد گدا حسين شاهه لطيفي جي اڳواڻي ۾ خان محمد فقير لنجواڻي، ربڏنو فقير جوڻيجو، منٺار فقير جوڻيجو، لال محمد فقير خاصخيلي، وريام فقير خاصخيلي، خان محمد فقير چانڊيو، اربع رات فقير قادر بخش خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ سيد ميرل شاهه، سيد بهزاد حسين شاهه، امام بخش ڀنگوار، محمد فقير سوڍڙو، خير محمد فقير سوڍڙو، گلڻ فقير خاصخيلي ۽ ٻيا خميس رات فقير الهه ڏنو نظاماڻي جي اڳواڻي ۾ شير محمد فقير نظاماڻي، غلام محمد فقير نظاماڻي، سائين بخش فقير نظاماڻي، فقير شير محمد لاکو، قمبر فقير جلالاڻي، الهه ڏنو فقير، جڏهن ته ڏينهن جو راڳ ڳائيندڙ فقيرن ۾ پهرين پهر کٻڙ فقير جي اڳواڻي ۾ پير بخش فقير ٿهيم، ادلو فقير رنگ، مدد فقير ميرجت، بابل فقير ميربحر، قربان فقير کوسو، فقير خان محمد چانڊيو، جمع ڏينهن ٻئي پهر ۾ ربڏنو فقير جوڻيجو جي اڳواڻي ۾ منٺار فقير جوڻيجو، صوف فقير خاصخيلي، وريام فقير خاصخيلي، خان محمد چانڊيو، ڇنڇر ڏينهن قمبر فقير جي اڳواڻي ۾ جڙيل فقير لنجواڻي، ذوالفقار لنجواڻي، فقير شاهه نواز بڙدي، انور فقير خاصخيلي ۽ ٻيا، آچر ڏينهن پهرين پهر ۾ الهه ڏنو فقير نظاماڻي جي اڳواڻي ۾ سائين بخش فقير، غلام محمد فقير نظاماڻي، الهه ڏنو فقير، شير محمد لاکو، آچر ڏينهن پويون پهر، شاهه نواز نظاماڻي جي اڳواڻي ۾ خان محمد فقير لنجواڻي، قربان کوسو، فقير شاهاڻي، صوف فقير خاصخيلي، فقير غلام قادر نظاماڻي ۽ ٻيا، سومر ڏينهن پهرين پهر ۾ جمن فقير لنجواڻي جي اڳواڻي ۾ ادلو فقير، فقير قربان کوسو، شاهاڻي فقير ۽ ٻيا سومر ڏينهن پويون قادر ڏنو ٿهيم، فقير رمز علي خاصخيلي، معشوق فقير ملوڪاڻي، اڱارو ڏينهن پهريون پهر ۾ سيد ذوالفقار شاهه المعروف زلف سائين جي اڳواڻي ۾ فقير معشوق ملوڪاڻي، فقير امام بخش ڀنگوار، سانوڻ فقير ميرجت، سيد حاڪم علي شاهه عرف درياءَ شاهه، برڪت خاصخيلي، حاجي شاهه، پپو مهاجر ۽ ٻيا، لطيف جي راڳي فقيرن جي هن ٽولي جو راڳ ڳائڻ جو انداز ٻين فقيرن کان ٿورو مختلف آهي. هي جهونگار جي انداز ۾ ڳائين ٿا ۽ هي انداز منفرد آهي ۽ ٻڌندڙن کي ڏاڍو وڻي ٿو. ۽ عام ماڻهو به آساني سان سمجهي سگهي ٿو. اڱارو ڏينهن پويون پهر ۾ مختيار فقير سنديلو جي اڳواڻي ۾ جواڻ فقير ڇڄڙو، نادر فقير لنجواڻي، عزت فقير لنجواڻي، فقير شاهاڻي، دائم فقير، رمز علي فقير خاصخيلي، اربع ۽ خميس ڏينهن ساڳيا فقير سڄو ڏينهن ڳائين ٿا اربع ڏينهن گل محمد فقير پهوڙ جي اڳواڻي ۾ منٺار فقير جوڻيجو، رب ڏنو فقير جوڻيجو، صوف فقير خاصخيلي، وريام فقير خاصخيلي، فقير خان محمد چانڊيو، خميس ڏينهن سيد سجاد حسين شاهه جي اڳواڻي ۾ خان محمد فقير لنجواڻي، ڪامل فقير لنجواڻي، قربان فقير کوسو، عدلو فقير رنگ ۽ ٻيا شامل آهن. لطيف سائين جو مشهور راڳي سيد غلام شاهه لطيف جي ڪيترن ئي سرن ۽ واين کي هڪ نئين انداز ۾ ڳايو. اهو انداز اڳ نه هو ۽ هن دنبوري جي وڄت ۾ نئين ٻن قسمن جي ”جهڙ“ ايجاد ڪئي. لطيف جي مشهور راڳي يعقوب شهيد دنبوري جي تند کي وڌيڪ چٽو ڪيو ۽ مٺو ڪيو ”جهڙ“ نه اڳتي هئي پر يعقوب شهيد ان کي سر ۾ آندو ۽ پاڻ وڌيڪ 5 قسمن جا جهڙ ايجاد ڪيا. شاهه جي راڳي طور وڏي مقبوليت ماڻي ۽ سندس اها مقبوليت ڪن ماڻهن کي نه وڻي ۽ کيس شهيد ڪرائي درگاهه جي کوهه ۾ اڇلايو ويو. جتان فقيرن کيس ڪڍي کيس الڳ دفن ڪيو ۽ اتي هاڻ وڏو قبرستان ٿي ويو آهي جيڪو يعقوب شهيد جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. ۽ اتي مشهور شخصيتون ۽ تمراڻي فقيرن جا ڪيترائي مشهور راڳي دفن ٿيل آهن. يعقوب شهيد جي آخري آرام گاهه تي ڀٽ شاهه جي هڪ ديوان سيٺ ايشور داس عرف سيٺ اشو مقبرو ٺهرايو آهي ۽ هر سال يعقوب شهيد تي ڀٽ شاهه جي مشهور سماج سڌارڪ ۽ ادب دوست شخصيت ديوان گاگن داس مدناڻي 2 روزه عرس مبارڪ ڪرائيندو آهي. جنهن ۾ لطيف جو راڳ، محفل موسيقي، مشاعرو، ادبي ڪچهري ۽ ملاکڙو ٿيندو آهي. 1993ع واري پ پ پ حڪومت ۾ شهيد راڻي محترمه بي نظير ڀٽو جي ذاتي دلچسپي سان ان وقت جيڪي به راڳي فقير هئا انهن لاءَ الڳ ڪالوني ٺهرائي اتي فقيرن کي رهائش لاءِ ڪوارٽر الاٽ ڪيا پر 90 سيڪڙو فقيرن اهي ڪوارٽر غير قانوني طور وڪرو ڪري ڇڏيا آهن يا ڪرائي تي ڏئي ڇڏيا آهن. لطيف سائين جي راڳ جي حوالي سان ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ روايتن جي آڌار تي لکي ٿو ته تمر فقير کان وٺي ميئين اسماعيل تائين سڀ خليفا راڳ جا به اڳواڻ هئا. عبدالله فقير کانپوءِ ڌاڳڙيا فقير راڳ تي آيا ان ڪري جو عبدالله فقير ڪڇ مان آيو هو ۽ سندس ٻولي ڪڇي هئي ان ڪري راڳ جا اڳواڻ نه ٿي سگهيا. پهريان الياس فقير کي ڌاڳا ڏنائين ان کانپوءِ ٻيا راڳ جا اڳواڻ ٿيا. الياس فقير ميون اسماعيل جي دعا سان ڀٽ تي آيو سو پهرين ناچن سان گڏ هو. پڻس کيس ڀٽ تي وٺي آيو. ميون اسماعيل کيس ويهاري ۽ پاڻ دنبورو کڻي ويهي تند وڄايائين جڏهن وڄائي بس ڪيائين تڏهن چيائينس ته ابا ٻڌئي هاڻ ڀلي وڃي ناچن سان ڳاءِ. الياس کي تند اهڙي وڻي وئي جو جواب ڏنائين ته سائين! هاڻي هتي ئي مرندس، پر ٻئي پاسي ڪونه ويندس ۽ آخري دم تائين ڀٽ شاهه رهيو. سندس آخري آرام گاهه لطيف سائين جي درگاهه واري اڱڻ ۾ آهي. هن آرٽيڪل ۾ فقير حڪيم علي ڏنو لسڪاڻي جو ذڪر ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو. پاڻ لطيف جو راڳ سکيل آهي پر باقائده ڳائي ڪونه ٿو. پر پاڻ 47 سالن کان هر جمع تي حاضري ڏيندو آهي ۽ جمع رات سڄي رات درگاهه تي ويهي راڳ ٻڌندو آهي. سندس چوڻ آهي ته جڏهن سندس شادي ٿي ته اها رات جمع جي هئي ۽ پاڻ مجبورن درگاهه تي نه اچي سگهيو ۽ ان رات جي جڏهن سندس اک لڳي ته کيس ڪو بزرگ نظر آيو ۽ کيس لڪڻ وهائي ڪڍيائين ۽ چيائين ته تون درگاهه تي ڇو نه پهتو آهين. جڏهن اک کلي ته کيس واضح پٺن ۾ ڌڪ جو سور محسوس ٿيو ۽ اتي کيس لٺ جو نشان ٺهيل هو جيڪو اڄ به اهو نشان آهي ۽ جڏهن به اهو قصو ڪندو آهي ته اهو نشان ڏيکاريندو آهي. لطيف جي راڳي فقيرن کي سياحت ثقافت کاتي پاران وظيفو ملندو آهي..پر ڪافي اهڙا راڳي فقير آهن جيڪي ڪافي عرصي کان ڳائين پيا پر کين وظيفو نه پيو ملي.ڪافي اهڙا راڳي فقير به آهن جيڪي هاڻ ڳائين ڪونه ٿا ۽ اهڙا به ماڻهو شامل آهن جيڪي راڳي فقير نه آهن پر انهن کي به راڳي فقير ڄاڻائي وظيفو ڏنو پيو وڃي. جن راڳي فقيرن کي وظيفو نه پيو ملي انهن ۾ 30 سالن کان راڳ ڳائيندڙ کٻڙ فقير سومرو، 15 سالن کان راڳ ڳائيندڙ مدد فقير، 13 سالن کان راڳ ڳائيندڙ فقير شاهنواز نظاماڻي، 22 سالن کان راڳ ڳائيندڙ سيد ذوالفقار علي شاهه عرف زلف سائين 12 سالن کان راڳ ڳائيندڙ سيد ممتاز شاهه، 15 سالن کان راڳ ڳائيندڙ سيد فقير گدا حسين شاهه، 14 سالن کان راڳ ڳائيندڙ سيد سجاد حسين شاهه، 15 سالن کان راڳ ڳائيندڙ صوف فقير خاصخيلي، 15 سالن کان راڳ ڳائيندڙ وريام فقير خاصخيلي، 8 سالن کان راڳ ڳائيندڙ فقير امام بخش ڀنگوار، 9 سالن کان راڳ ڳائيندڙ سيد بهزاد حسين شاهه، 10 سالن کان راڳ ڳائيندڙ سيد ميرل شاهه، 19 سالن کان راڳ ڳائيندڙ مير محمد فقير، 8 سالن کان راڳ ڳائيندڙ سانوڻ فقير ميرجت، 7 سالن کان راڳ ڳائيندڙ پپو مهاجر، 8 سالن کان راڳ ڳائيندڙ سيد حاڪم علي شاهه شامل آهن. ان لاءِ سياحت ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سسئي پليجو، سيڪريٽري شمس جعفراڻي کي گذارش ڪنداسين ته وظيفو کان محروم لطيف جي راڳي فقيرن کي به وظيفو ڏنو وڃي. اسين هنن کان اهو به مطالبو ڪنداسين ته سڄي حياتي لطيف سائين جي درگاهه تي راڳ ڳائيندڙ فقير سکيو فقير لنجواڻي، کٻڙ فقير خاصخيلي ۽ ٻيا جهونا ٿي ويل فقير جيڪي مسلسل بيمار رهڻ ۽ غربت هئڻ ڪري بهتر نموني علاج نه ڪرائي سگهيا آهن انهن جو سرڪاري طور علاج ڪرايو وڃي.