طيف سائين جو شعر آهي جنهن کي مون پهريان به ونڊ ڪيو هو وري هتي ونڊ ڪري رهيو آهيان ۔ مون جو پڙهيو پاڻ لئي سبق سابقن جو پهريان سڃاتم پاڻ ۾ نفس ڪجو نِهو جتِ عرفان اصل ۾ ٿي روز روحن ڪيووري رورق پيو ڳنٺيئين وڍ وصال جا شاھ صاحب جي هن شعر جي معنى جا اسان سالڪن کان سمجهي آهي يا جنهن جي دل تصديق ڪري ٿو سا اها آهي ته جي اڳ گُذري چُڪا يا جيڪي پيغام پروردگار پنهنجي انبياءِ جي زريعي انسانن جي رهبري و رهنمائي لاءِ صادر فرمايا اسان جڏهن انهن پيغامن کي پنهنجي لاءِ سمجهيوته مٿيون شعرجڙي پيو۔ درحقيقت قرآن ۾ به سوره انبياءِ ۾ ذڪر آهي ته ( اسان اوهان قرآن نازل ڪيو جنهن ۾ اوهان جو ئي ذڪر آهي پوءِ ڇا اوهان غور نه ڪندؤ۔ اسان وٽ جهيڙا ۽ جهگڳڙا ان لاءِ اهن جو اسان اهي پيغام ان وقت جي قومن و ماڻهن جي شان و تذليل تي توريندا رهيا سين پر ڪردارن ۾ اسان انهن کي نه ڏٺو نتيجو اهو آهي جو هر ففڪر وٽ ساڳيو قرآن پر فرقا ڪيترا۔ قرآن ۾ پنهنجو پيعام اولياءِ الله جي اشعار ۾ پنهنجو پيغام ڳولڻ جي صرورت آهي جي اسان هنن حقيقتن کي پاڻ تي پنهنجي ذات کي حدف بڻايون ته نفرتون ختم ٿي محبت بڻجي پون۔ وسلام