• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اڄوڪو ڏينهن 11 سيپٽمبر تاريخ جي دريءَ مان

عبدالحفيظ لغاري

منتظم
انتظامي رڪن
ع اڄوڪي ڏينهن 11 سيپٽمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:

11 سيپٽمبر 1878ع نامور سماجي ڪارڪن خانبهادر آرد شير هرمسجي ماما جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
11 سيپٽمبر 1878ع برک اديب ممتاز مفتي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
11 سيپٽمبر 1890ع ڪھاڻيڪار آچاريہ آسودو مل سنگت راءِ گدواڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
11 سيپٽمبر 1921ع نامياري اديب ۽ اسڪالر تاج صحرائي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
11 سيپٽمبر 1938ع مسيحائي ڪردار ادا ڪندڙ نامور جراح ڊاڪٽر اديب الحسن رضوي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
11 سيپٽمبر 1956ع ليکڪہ، شاعره ۽ چترڪار شبنم موتي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
11 سيپٽمبر 1957ع ليکڪ عاجز يوسفاڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
11 سيپٽمبر 1957ع اسٽيج ڊائريڪٽر کيمچند لاکياڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
11 سيپٽمبر 1974ع صحافي ڊاڪٽر سنڌو راشدي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
11 سيپٽمبر 1982ع ليکڪ اسد سومرو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

11 سيپٽمبر 1916ع شاعر مرزا مراد علي بيگ “ٻڍل” جو لاڏاڻو ٿيو.
11 سيپٽمبر 1931ع آزادي جي تحريڪ جي ڪارڪن پير امام الدين راشدي جو لاڏاڻو ٿيو.
11 سيپٽمبر 1933ع حيدرآباد سان تعلق رکندڙ سياستدان ديوان ٻولچند آڏواڻي جو لاڏاڻو ٿيو.
11سيپٽمبر 1948ع باني پاڪستان قائد اعظم محمد علي جناح جو لاڏاڻو ٿيو.
11سيپٽمبر 1965ع شهيد ميجر ضياءَالدين احمد عباسي پاڪستان ۽ ڀارت جي 1965ع واري جنگ ۾ دشمنن سان لڙندي شھيد ٿيو.
باني پاڪستان قائد اعظم محمد علي جناح جو لاڏاڻو ٿيو.
11سيپٽمبر 1971ع روس جي ناليواري سياسي اڳواڻ ۽ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي پهرئين سيڪريٽري خروشچيف جو لاڏاڻو ٿيو.
11سيپٽمبر 1982ع مذهبي عالم مولانا جان محمد ڀٽو جو لاڏاڻو ٿيو.

واقعا

1803ع – انگريزن جي قبضي ۾ پاني پت آيو.
1948ع – ڊاڪ جي ٽڪليءَ تي قائداعظم محمد علي جناح جي تصوير پھريون دفعو شايع ٿي.
1960ع – ڪراچيءَ کي ڊويزن جو درجو ڏنو ويو.
1970ع – ‘جيئي سنڌ نوجوان محاذ’ ۽ ‘سنڌ نيشنل فيڊريشن’ جو اتحاد ٿيو ۽ ‘جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن’ جو بنياد رکيو ويو
1973ع – چليءَ جي سوشلسٽ ليڊر ۽ صدرآلندي جي حڪومت جو تختو ملٽري ڪُو (Coup) ذريعي اونڌو ڪيو ويو ۽ آلندي محل اندر وڙهندي مارجي ويو.
1996ع – ٽنڊو بھاول ساڻھي جي انصاف خاطر حيدرآباد جي جي. او. آر ڪالونيءَ ۾ واقع هڪ دهشتگردي ٽوڙ ڪورٽ آڏو مائي جندو ۽ سندس ڌيئرن پاڻ کي باهہ ڏئي ساڙيو. ان حادثي ۾ مائي جندو بچي وئي، پر مائي جندو جون ٻه ڌيئرون حاڪم زادي ۽ زيب النساءِ ڪجهہ ڏينهن بعد بحريہ جي اسپتال- پي. اين. شفا ۾ 20 ۽ 21 تاريخ تي وفات ڪري ويون.
2001ع – آمريڪي شهر نيويارڪ ۾ ورلڊ ٽريڊ سينٽر جي عمارت، واشنگٽن ڊي سي ۾ پينٽاگان جي عمات سان جهاز ٽڪرايا ويا.
2015ع – مسجد الحرام، سعودي عرب ۾ ڪرين حادثي سبب 111 ماڻهو فوت ۽ 394 زخمي ٿي پيا.
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top