janisp
سينيئر رڪن
عظيم ٻولي
ٻوليون قدرت جا معجزا ۽ انساني تاريخ جا وڏا ڪرشما آهن. ڪنهن ٻوليءَ جو سرجڻ ئي معنيٰ ته ڪنهن سماج جو، ڪنهن قوم جو سرجڻ، ڪن تهذيبي، سياسي ۽ معاشي ادارن جو سرجڻ، ڪنهن حڪمران قوت جو، ڪنهن سياسي اقتدار جي مرڪز جو وجود ۾ اچڻ. ”ٻولي“، آوازُ، دانَهن ۽ دانهن جو جواب- ٻوليءِ جا لفظ، ٻوليءَ جون ڳالهيون، زندگيءَ جي وڏي وٿ آهن ۽ اُن لاءِ وڏو آٿت آهن. بلڪ ماڻهن لاءِ ماڻهپي سان جيئڻ جو بنياد آهن. روسي اديب ترگنيف (38-1818ع)، جنهن پنهنجي عمر جو سڄو اڌ عرصو ڪنهن طرح بي وطنيءَ ۾ گذاريو هو، پنهنجي روسي ٻوليءَ لاءِ هڪ موقعي تي چيو هو: ”جڏهن به مان شڪ ۾ ويڙهجي وڃان ٿو، جڏهن به پنهنجي ملڪ تي ويچاريندي منهنجو من لرزجي ٿو، تڏهن او منهنجي عظيم، سگهاري، سچار ۽ آزاد روسي ٻولي! تون ئي مون کي ڏڍ ڏين ٿِي ۽ مون کي بچائين ٿِي. جي تون نه هجين، ته پڪ ئي پڪ، جو ڪجهه منهنجي وطن تي وهي رهيو آهي، اُن کي ڏسي، آءٌ هوند ڊهي، بنهه پٽ اچي پوان، پر ڪو ائين آخر ڪيئن ٿو مڃي سگهي ته ههڙي عظيم ٻولي عظيم قوم کان گهٽ ڪنهن قوم کي مليل هوندي!“ اسين به پنهنجي ٻوليءَ لاءِ چئي سگهون ٿا ته اها اسان جو ڏُڍ آهي، آٿت آهي، اسان جا شڪ ۽ نراسايون دور ڪري ٿي ۽ جيڪا ٻولي اسان کي پنهنجي پرک ڏئي سگهي ٿي، اُها ٻولي ڪيئن نه عظيم هوندي! ۽ نيٺ ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته ههڙي عظيم ٻولي عظيم قوم کان گهٽ ڪنهن قوم کي ملي هجي؟