گوگل ڪروم بوڪ پڪسل

'آئي ٽي بابت تازيون خبرون' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏12 سيپٽمبر 2013۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    ڪجهه مهينا اڳ فيبروري جي 21 تاريخ گوگل طرفان ”ڪروم بڪ پڪسل“ رليز ڪري سڀني کي حيران ۽ پريشان ڪري ڇڏيو۔۔۔ ڇو ته ڪروم بڪ زبردست قسم جي هارڊويئر سان تيار ڪيل آهي۔۔ هي ٽچ اسڪرين ليپٽاپ آهي جنهن جي اسڪرين جي سائيز 9۔12 انچ آهي۔۔ جڏهن ته سندس وڌ کان وڌ ريزولوشن 1700x2560 آهي۔ گوگل وارن جو چوڻ آهي ته هن ليپٽاپ ۾ پڪسلز جو تعداد 239 پڪسلز في انچ آهي جيڪا ايپل جي ميڪ پرو ريٽينا کان به وڌيڪ آهي۔۔ ياد رهي ته ميڪ پرو ريٽينا جي اسڪرين جو سائيز 13 انچ ۽ پڪسلز جو تعداد 227 پڪسلز في انچ آهي۔۔۔
    ڪروم بڪ پڪسل ۾ ”ٻٽي ڪور“ وارو Core i5 پروسيسر لڳل آهي جيڪو 15 گيگا هرٽز جي اسپيڊ تي ڪم ڪندو آهي۔۔ هن ۾ 32 گيگا بائيٽس جي سالڊ اسٽيٽ ڊسڪ ۽ 4 گيگا بائيٽ RAM پڻ موجود آهي۔۔۔ گوگل جي مطابق هن ليپٽاپ جي بيٽري لڳاتار پنج ڪلاڪ هلي سگهي ٿي۔۔
    هوئن گوگل وارن ته نه ٻڌايو آهي ته هي ليپٽاپ ڪهڙي ڪمپني کان تيار ڪرايو ويو آهي پر سڀني ماهرن جو خيال آهي ته هن کي به Asus ئي تيار ڪيو هوندو جو ان کان اڳ گوگل نيڪسس 7 ٽيبليٽ پڻ ساڳي ڪمپني ٺاهيو هو۔۔۔
    هن ليپٽاپ جي باڊي ايلومونيم سان تيار ڪئي وئي آهي ۽ ان تي اسڪرو ڪجهه اهڙي طرح لڳايا ويا آهن جو اهي نظر نه ٿا اچن۔ هن جو وزن سرف 53۔1 ڪلوگرام جيڪو سندس مقابلي ۾ موجود ميڪ بوڪ پرو ريٽينا کان ٿورو گهٽ آهي۔ هن جي ٿولهه به رڳو 2۔16 ملي ميٽر آهي۔ سالڊ اسٽيٽ هارڊ ڊسڪ سان گڏو گڏ گوگل ڪروم بڪ پڪسل خريد ڪندڙن کي هڪ ٽيرا بائيٽس تائين آن لائين ڪلائوڊ اسٽوريج به ايندڙ ٽن سالن تائين بلڪل مفت ملندي۔۔۔ ياد رهي ته ڪروم بوڪ جي گذريل ورشن سان گڏ به گوگل ٻن سالن تائين هڪ سو گيگا بائيٽس مفت اسٽوريج ڏني هئي۔۔۔

    وڌيڪ تفصيل لاءِ هتي ڪلڪ ڪري وڊيو ڏسي سگهجي ٿي۔۔
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    وڏي ترقي آهي هتي مان کي اڄان پي ٿري ڪمپيوٽر آهي

    زمانو ڏاڍو تيز رفتاري سان ٿو ترقي ڪري دوستو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سائين منهنجا گوگل ته سڀ کان اڳتي آهي۔تمام گهڻي ترقي پئي ڪري
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عبدالرحيم

    عبدالرحيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2009
    تحريرون:
    630
    ورتل پسنديدگيون:
    581
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Computer Officer
    ماڳ:
    ميرپورخاص، سنڌ
    تمام بهترين ونڊ آهي۔ واقعي ۾ گوگل ته هاڻ ليپٽاپ ۾ به ملھ ماري پيو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. عباس ڪوريجو

    عباس ڪوريجو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    930
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    شاگرد ۽ استاد
    ماڳ:
    قمبر، سنڌ
    تمام بهترين معلوماتي ونڊ آهي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو