ٻين لاءِ زمين تنگ ڪندڙ آمريڪين مريخ تي رهڻ لاءِ جستجو شروع ڪري ڏني آهي.. مريخ تي زندگي جي آثارن ملڻ کان پوءِ اتي رهائش جي خواهش رکندڙ 2 لکن کان وڌي ماڻهن درخواستون پڻ جمع ڪرائي ڇڏيون آهن. اهڙن ماڻهن ۾ گهڻن جو تعداد آمريڪا سان جڏهن ته ٻئي نمبر تي وڏو تعداد برطانين جو آهي. ان کان علاوه دنيا جي 138 ملڪن جي ماڻهن پڻ درخواستون ڏنيون آهن. آمريڪي سائنسدانن مطابق مريخ تي رهائش لاءِ پهريون گروپ 2023 ۾ ويندو .. جڏهن ته مريخ تي رهائيش وٺندڙن کي پهرين مرحلي ۾ 60 لک ڊالرز جمع ڪرائڻا پوندا.. جنهن مان ثابت ٿيو ته اتي رڳو امير ئي رهي سگهندا.. غريبن لاءِ اتي داخلا منع آهي.... ياد رهي ته مريخ تي گرمي پد ڪاٽو 55 سينٽي گريڊ آهي ۽ آمريڪي شٽل مريخ جي سطح جو جائزو وٺڻ لاءِ اڳ ئي مريخ تي موجود آهي..