• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ جو تعليمي ماحول

اسان جو ھي تعليمي نظام بلڪل صحيح آھي جنھن ۾ ننڍڙي بار کي پنھنجي ٻولي ۾ پرائمري سطح تي مھارت حاصل ڪرائي پو سيڪنڊري سطح تي ھڪ سبجيڪٽ انگلش باقي مضمون سنڌي ۾ پڙھائي تيار ڪيو ٿو وڃي ۽ پو انٽرميڊيئيٽ ۾ صرف انگلش ۾ مضمون پڙھي ٿو ۽ پو پروفيشنل تعليم حاصل ڪري ٿو سوشيالاجي ڊاڪٽري انجينيئري قانون سائنس وغيرھ ...سو اھو ھلڻ ڏيو ۽ نوان لاڙا ۽ رجھان ڏيڻ جي بجاءِ ان ۾ استادن جي حاضري کي يقيني بنايو نوان تجربا نھ ڪريو ۽ پرائمري ۾ ھر سال داخلا جو تعداد وڌايو پرائيويٽ اسڪولن جي حوصلا شڪني ڪريو جيڪي سنڌي کي بلڪل ئي نھ پيا پڙھائين انھن جا لائسنس رد ڪريو ۽ انھن ۾ سليس سنڌي نھ پر لازمي سنڌي پڙھايو جيئن سنڌي سرڪاري پرائمري ۾ پڙھائي وڃي ٿي ۽ استاد جي 5 ڪلاڪ حاضري کي يقيني بنايو ھي جي سپروازر آھن اي ڊي آوز آھن تن کي فيلڊ ڊيوٽي تي ڊيلي اسڪولن جو دورو ضروري قرار ڏيو ۽ ھي انگلش اسڪولن جي نالي تي تعليم سا مذاق بند ڪريو ۽ سنڌي ٻولي سان ھي ويڌن بند ڪريو ھي اردو پرائمري اسڪول بند ڪريو جنھن سان سنڌ ۾ رھندڙ ڌريون ڪڏھن بھ ھڪ نھ ٿي سگھنديون.
 
Back
Top