• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

عرض هي آهي

امان الله ڀٽو

سينيئر رڪن
سنڌ سلامت جا محترم دوستو سڀني کي اسلام عليڪم

دوستو مون کي اميد آهي ته توهان خوش هوندا سائين عرض ڪيان ٿو ته مان هڪ ڪتاب جنهن جو نالو اتم انسان اسلامي شاعري جو ڪتاب آهي جيڪو شاعر مولانا جوهر بروهي صاحب جو لکيل آهي منهنجي خواهش آهي ته اهو ڪتاب سنڌ سلامت تي اچي جنهن جي لکڻ جي تياري ڪري رهيو آهيان سنڌ سلامت جي مهربان ساٿين کي گذارش آهي ته جيئن هن اڱڻ تي توهان ساٿ ڏيندا ٿا اچو تيئن هن دفعي به توهان جي تعاون جي ضرورت آهي ۽ هن ڪتاب کي سنڌ سلامت تي ڪير آڻيندو اهو توهان دوستن تي آهي منهنجي خواهش آهي ته سائين سليمان وساڻ صاحب ڪتاب کي سنڌ سلامت جي زينت بڻائي ۽ سنڌ سلامت جو سمورو سٿ به ان ئي طريقي سان تعاون ڪري ڪتاب 64 صفحن تي مشتمل آهي جيڪو تڪڙ ۾ ته نٿو لکي سگهي جيترو ٿي سگهيو ته انشاءَ الله جلد اهو ڪتاب به سنڌ سلامت تي اچي ۽ ٻيا بيشمار اسلامي ڪتاب به سنڌ سلامت تي اچڻ کپن ۽ مختلف عالمن جا ڪتاب علمي ڪتاب سماجي ڪتاب معاشي ڪتاب ادبي ڪتاب شاعري جا ڪتاب پڻ اچن کپن جيترو ٿي سگهي سنڌ سلامت ڪتاب گهر کي واقعي ڪتاب گهر بڻايو وڃي ڪتاب کي پي ڊي ايف ۾ آندو وڃي ته بهتر ٿيندو مون کي دوستن جي راين جو انتظار رهندو
 
ڪتابن جي اچڻ جو سسلسو جاري آهي۔ ڪتاب گهر ۾ ڪتاب آڻڻ جي ذميداري فلحال آهي به سليمان وساڻ جي حوالي۔
ڪتاب هن مهل تائين پي ڊي ايف ۾ ئي آيا آهن۔ اوهان ڪتاب لکو۔ دوستن جي مدد ضرورت پئي ته ضرور ڪندا۔
 
ٻه ڏينهن اڳ منهنجي هڪ دوست هڪ اسلامي اردو ڪتاب جو ڊائونلوڊ لنڪ گهريو۔۔۔ جڏهن گوگل تي ڳولا ڪئي ته ساڳئي ڪتاب جو سنڌي ترجمو سنڌ سلامت تي موجود مليو۔۔۔ جڏهن دوست ڏانهن ٻئي ڪتاب موڪليم ته سنڌي ڪتاب ڏسي خوشگوار حيرت ۾ آيو۔۔۔ پڇڻ تي مون کيس مذهبي ڪتاب ڪيٽيگري جو لنڪ موڪليو ۔۔۔ موٽ ۾ هن ڪافي ڪتاب ڊائونلوڊ ڪري پڙهڻ شروع ڪيا۔۔ ان وقت احساس ٿيو ته ٻين سنڌي ڪتابن وانگر اسلامي ڪتابن جي به ڪيتري نه ضرورت آهي۔۔۔
توهان ڪتاب لکو ۽ موڪليو ۔۔ اهي انشاء الله ضرور سنڌ سلامت تي رکبا ۔۔۔ بس ڪوشش ڪجو ته ڪوبه ڪتاب ڪاپي رائيٽ جي اثر هيٺ نه هجي۔۔۔ بهتر رهندو ته ليکڪ سان رابطو ڪري کائنس اجازت گهرندا۔۔۔

دوستن کي مذهبي ڪتابن جي حوالي سان اطلاع ته سنڌ سلامت مذهبِ اسلام جي ڪنهن به هڪ فرقي يا فقهه کي پروموٽ ناهي ڪندو۔۔۔ اسان جو مقصد سنڌي مواد کي عام سنڌين جي پهچ تائين آسان بنائڻ آهي۔۔
 
سائين ذيشان رشيد صاحب توهان جيڪو چيو بلڪل صحيح چيو
۔۔۔ بهتر رهندو ته ليکڪ سان رابطو ڪري کائنس اجازت گهرندا۔۔۔
سائين هڪ ننڍڙي گذارش ڪيان ته جي ماڻهو رابطو نه ڪري ٻيو ته جيڪو ڪتاب مان
ٽائيپ ڪري رهيو آهيان ان جي هڪ هڪ لفظ ساڳيو هوندو ان ۾ ڪابه ڦير ڦار نه
هوندي ٻيو ته هن ڪتاب ۾ ڪو به موبائيل نمبر ناهي لکيل؟
هن ڪتاب کي ساڳئي شڪل ۾ جنهن جو لکيل آهي انهيءَ جي نالي سان ئي رکيو ويندو
ان جي ڪري مان جيڪو به مضمون ڏيندو آهيان ان جو حوالو ضرور ڏيندو آهيان
انشاءَ الله جيئن توهان ڳالهه ڪئي ته سنڌ سلامت ڪنهن به فرقي جي ناهي بلڪل صحيح آ
بلڪل ٻين مذهبن جا به اسلامي ڪتاب رکيا وڃن سٺي ڳالهه آهي هن ڪتاب اتم انسان جي ملڻ جو هنڌ آهي
مدرسه عربيه محمديه فريدآباد
ميهڙ ضلع دادو سنڌ
۽ ٻيو اڪثر ڪري هي ڪتاب ٻير شريف ۾ ملندو آهي
مان ڪوشش ڪندس ته اجازت ضرور وٺان ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
سائين اوهان ڪتاب ورڊ ۾ مڪمل ڪري مونکي هيٺين ميل تي ايميل ڪيو۔ مان جلد ڪتاب اوهان پي ڊي ايف ۾ ڪنورٽ ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي زينت بڻائيندس۔

sulemanwassan@gmail.com

ڪجهه ڏينهن کان طبيعت جي بي واجبي سبب فورم کان پري رهيو آهيان ۽ ڪجهه ڪتاب به پينڊنگ ۾ آهن جيڪي به سنڌ سلامت تي آڻڻا آهن۔

ٿورا ناهن ٿورا ۔۔۔ اوهان جي هي ڪاوش به قابل تعريف آهي۔
 
شاباس سائين سليمان وساڻ کي۔جيڪو سنڌي ماڻهن لا جاکوڙ ڪري رهيو اهي۔مهرباني الله توهان کي وڏي حياتي ڏئي
 
سڀ دوست لنڪ ڏسو​
file:///C:/Documents%20and%20Settings/Umair%20Computers/My%20Documents/Downloads/Documents/168292183-islam-poitary-book-pdf.pdf​
هي گوگل ڪوروم تي​
دوستو هي هڪ ڪتاب جي لنڪ آهي جنهن جو نالو آهي اتم انسان
مون وٽ ان جي لنڪ آهي جيڪا مٿي ڏني آهي توهان هي سرچ ڪيو گوگل ڪوروم تي
مان جڏهن به هن جي لنڪ ڪاپي ڪري گوگل تي لکان ٿو مون کي پي ڊي ايف ۾ اهو ڪتاب
نظر ٿو اچي سائين وساڻ صاحب چيو ته مون ڏي ايميل ڪيو مون وٽ ايميل ارر ۾ ٿو اچي
ان جي ڪري مان سائين وساڻ صاحب کي گذارش ڪيان ٿو ته اهو ايم ايس ورڊ وارو ڪتاب
جيڪو مون لکيو آهي سو مان اسلام زندهه باد سيڪشن ۾ موڪليندس اتان ڪاپي ڪري وساڻ صاحب ڪتابي شڪل ۾
سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي بڻائي جواب جو انتظار رهندو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
سائين اسانوٽ لنڪ ڪونه پئي کلي
 
لنڪ ان ڪري نٿي کلي جو ڪتاب ڪنهن سائيٽ تي اپلوڊ ڪري پوء لنڪ ڏني وڃي ادي امان الله پنهنجي ڪمپيوٽر جي لنڪ ڏني آهي ته پوء لنڪ ڪيئن کلندي
 
ڪا اهڙي سائيٽ ڏسيو جنهن تي ڪتاب اپلوڊ ڪري پو
ان جي لنڪ ڏيان ۽ اهو ڪهڙي نموني سان اپلوڊ ڪبو ان جو طريقو به ضرور ٻڌايو۔۔
۽ ان جي لنڪ ڪهڙي نموني سان ڪاپي ڪجي۔۔۔۔۔
اها لنڪ سنڌ سلامت تي ڪيئن ڏجي۔۔۔۔
جلدي مهرباني ڏسيو
 
سائين وساڻ صاحب جيڪڏهن ايميل موڪليان ٿو ته
هن طرح اچي ٿي
The host 'pak' could not be found. Please verify that you have entered the server name correctly. Account: 'pak', Server: 'pak', Protocol: SMTP, Port: 25, Secure(SSL): No, Socket Error: 11001, Error Number: 0x800CCC0D
 
ادا امان الله ڇا توهان آئوٽ لوڪ سافٽويئر تان پيا اي ميل ڪريو۔۔۔ ؟
توهان کي گهرجي ته پنهنجي اي ميل ايڊريس ياهو يا وري جي ميل ذريعي ڪتاب کي اپلوڊ ڪري ادا سليمان کي اي ميل ڪريو۔۔۔
ٻي صورت ۾ بهتر رهندو ته پنهنجي مسئلي جي اسڪرين شاٽ موڪليو۔۔۔
 
Back
Top