محترم دوستو۔۔۔۔۔!! هڪ اهڙو پِرنٽر به ايجاد ٿي ويو آهي۔ جنهن جي پِرنٽ (لکائي) مَسُ (ڪارٽيجز) سان نه بلڪه پينسل واري پِرنٽ آئوٽ يعني پينسل واري لکائي هوندي۔ ۽ جيڪڏهن پينسل واري پِرنٽ آئوٽ ۾ ڪا غلطي هجي ته ان غلطي کي رَٻڙ جي مدد سان ڊراهي ساڳئي پني تي وري پِرنٽ آئوٽ نڪري سگهي ٿو۔ ان سان پني جي بچت ٿيندي۔ ان قسم جي پِرنٽر جي ايجاد جو مقصد وڻن کي بَچائڻ آهي ڇو جو پنو وڻ مان ٺهندو آهي۔ پني جي بچت معني وڻ جي بچت آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔!!! سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: پِينسل به وڏي ڪارائتي شيءِ آهي تمام بهترين ايجاد آهي۔۔۔ جيڪڏهن مون کي اجازت ڏيو ته مان توهان کي پينسل جي ڪجهه پراڻي تاريخ ٻڌايان۔۔۔۔۔ جڏهن خلائي تحقيق ڪندڙ اداري ناسا پنهنجا تيار ڪيل خلائي جهاز خلاء ۾ موڪليا ته انهن کي هڪ مسئلي کي منهن ڏسڻو پيو ۔۔۔ مسئلو هيو ته ڇو ته خلاء ۾ ڪششِ ثقل آهي ئي ڪونه ٻين لفظن ۾ ڪشش ثقل زيرو هجڻ ڪري پين ۾ موجود مس هيٺ لهڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو۔۔۔۔ نتيجي طور خلاء ۾ لکڻ ممڪن ئي نه رهيو۔۔۔ مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ Accenture نالي هڪ ڪمپني جون خدمتون ورتيون ويون۔۔۔ جنهن مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ڏهه سال ۽ 12 ملين ڊالر ورتا۔۔۔ انهن هڪ اهڙي پين ايجاد ڪئي جيڪا ڪششِ ثقل جي زيرو درجي تي، مٿي، هيٺ، پاڻي ۾ مطلب هر جڳهه تي ايسيتائين جو ڪاٽو زيرو کان 300 ڊگري سينٽي گريڊ گرمي پد تي پڻ لکڻ جي سگهه رکي پئي۔۔۔ ۽ توهان کي خبر آهي ته روس جي ان ڪمپني ڇا ڪيو۔۔۔؟ هنن پينسل ايجاد ڪئي ۔۔۔ ان ڪري ئي ته چوندا آهن ته۔۔۔ جيڪڏهن توهان ڏسندو ته توهان وٽ زندگي ۾ ڇا نآهي۔۔؟ ته توهان کي ڪجهه نه ملندو۔۔۔ پر جيڪڏهن توهان ڏسندو ته توهان وٽ زندگي ۾ ڇا آهي۔۔۔؟ ته توهان کي سڀ ڪجهه ملندو۔۔۔
جواب: پِينسل به وڏي ڪارائتي شيءِ آهي الســـــــلام علـــــــيڪم ورحــــمـة الله وبرڪاتـه سائين محترم عبدالستار چنه صاحب جڙيا هجو شال سائين ڇا ته توهانجي محنت آهي زبرست ونڊ آهي ۔ الله حافظ علي منير لوهار پاٽائي مڪو پاڪ کان سدائين گڏ