سج جي روشني مان لاتعداد ڪم وٺي سگهجن ٿا.. جيڪڏهن سج جي شعائن کي آئيني جي مدد سان هڪ نقطي تي آڻجن.. ان سان ان نقطي جو گرمي پد ايترو وڌي ويندو جو ان سان مختلف ڌاتن ۽ پٿرن کي به پگهرائي سگهجي ٿو...
پيرابولڪ شڪل جي هن مخصوص ڌاتو جي پٽي کي سج جي روشني اهڙي نموني گرمائيندي آهي جو ٽيهه سيڪنڊ ۾ ٽي انچ ٿُلهي سُڪل ڪاٺي کي باهه لڳندي مون پنهنجي اکين سان ڏِٺي۔ هي ڪو ايڏي مهانگي شئي به ناهي۔ ڳوٺن ۾ مختلف ڪمن ڪارن لاءِ پاڻي گرم ڪرڻ لاءِ ڪاٺ کي باهيون ڏيڻ بجاءِ پاني جو گرم هنڊو هن مٿي رکجي ته پنج منٽ ۾ گرم ٿيڻ شروع ٿي ويندو۔ ۽ هڪ عام چُلهي جيتري باهه جي گرمائش ڏيندي ڏهن منٽن ۾ پاڻي کي ٽهڪائي ڇڏيندو۔
ادا حفيظ ان ڌاتو بابت ڪجهه وڌيڪ وضاحت هجي ته بيان ڪندا۔۔۔ وڊيو ته هلي پئي ۔۔۔ سائين عبدالغني توهان پني کي ٻيهر ري لوڊ ڪري ڏسو۔۔۔
بيشڪ الله تعالي سندس تخليق ڪيل شين ۾ هر قسم جون سهولتون ۽ فائده رکيا آهن۔ هاڻي اهو انسان جي مٿان آهي ته هو سندس دماغ کي استعمال ڪري الله تعالي جي تخليقن مان فائدو وٺي۔ بهترين ونڊ۔ دعا ۾ ياد ۔
ادا عمران توهان جي صحيح ڳاله آهي پر دماغ استعمال اسان ڪندا ئي ڪونه آهيون۔شاباس آهي انگريزن کي جيڪو دماغ لڳائن ٿا۔