لک قرب سڄڻن جا

'ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا' فورم ۾ منظور ڪلهوڙو طرفان آندل موضوعَ ‏13 سيپٽمبر 2013۔

  1. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,729
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    مان نهايت ئي سڪ ۽ اُڪير منجهان سائين محترم افتخار علي چوهاڻ صاحب جو ٿورائتو آهيان جو انهن پاران مون لا هڪ انمول تحفو قرآن مجيد، نورالقرآن پنهنجي ڀا جي هٿان مون ڏي ڏياري موڪليو آهي۔ ان قرآن مجيد بابت سائين افتخار صاحب پاران ئي خبر پئي ته اسان جي سنڌي ٻولي ۾ هڪ اهڙو ناياب ترجمو ٿيل قرآن پاڪ جو نسخو موجود آهي جنهن جي پڙهڻ سان علم ۽ ڏاهپ ۾ پڻ اضافو ٿئي ٿو۔۔ اهو نسخو مولانا الحاج حافظ احمد ملاه جو ترجمو ٿيل آهي جيڪو جن سنڌي شاعري طرز تي آهي جنهن جي پڙهڻ سان شاهه سائين جي بيتن جي سڪ به پوري ٿئي ٿي ۽ مولانا صاحب جي اهڙي با ڪمال شاعراڻي واري انداز ۾ ترجمي کي پڙهڻ اچرج پڻ اچيو وڃي۔۔وري به سڄڻ جا لکين قرب ۽ مان اهو نسخو پنهنجي آفيس ۾ ئي رکي ورتو آهي جتي روزانو پڙهي روح ۽ ايمان کي تازگي ڏيان ٿو۔۔۔الله پاڪ سائين افتخار صاحب ۽ ان جي سموري اهل و عيال تي پنهنجو خصوصي ڪرم عطا ڪندو جن مون لا اهڙو بهترين تحفو موڪلي ڏنو۔۔ آمين ثم آمين۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    ادا منظور۔۔ اهو ناياب نسخو صرف پاڻ تائين محدود نه ڪريو۔ مهرباني ڪري ڪو حيلو وسيلو ڪريو ته جيئن اسان به ان مان فيض حاصل ڪري سگهون۔
    الله پاڪ توهان کي ان جو اجر ڏيندو۔ جزاڪ الله۔
     
  3. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,729
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي

    حاصر منهنجا سائين هي ناياب نسخو ته اهڙي شي آهي جو هر ڪو هن مان فيض وٺڻ چاهيندو۔۔اوهان سڄڻن کي به مهيا ڪيو ويندو۔۔بس منهنجي مطالعي هيٺ آهي۔۔ مان اوهان کي عنايت ڪندس پر واعدو ڪونهي ته ڪڏهن عنايت ڪندس پر ضرور اوهان لا ڪو بندبست ڪيو ويندو۔۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو