جيجي زرينه بلوچ سياسي اڳواڻ محترم رسول بخش پليجي جي گھرواري

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏22 فيبروري 2010۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    جيجي زرينه بلوچ سياسي اڳواڻ محترم رسول بخش پليجي جي گھروار
    تحقيق ڪندڙ : عبدالرزاق ميمڻ

    ڀينر مُهنجو ڇلڙو پاڻيءَ ۾، ٿي پيو گھرگھلو ڙي
    ڪري پيو کوه ۾ ڙي، کوه جي نار ۾ ڙي
    ناڙ جي نيسر ۾ ڙي، ڀينر مُهنجو ڇلڙو پاڻيءَ
    ۾

    جي ها!. هي مٺا مٺ لوڪ گيت اڄ به اسان جي ڪنن ۾ گونجن پيا اهو من مهيندڙ آواز هو جيجي زرينه بلوچ جو، جيڪا هڪ ڳائڻي، ماسترياڻي، قومي ڪارڪن ۽ ڪمپيئر هُجڻ سان گڏ هڪ سُٺي ڪهاڻيڪار به هُئي.
    پاڻ 12 ڊسمبر 1937ع ۾ ڳوٺ الهداد چنڊ ، لڳ حيدرآباد ۾ جنم ورتائين ۽ سنس ٻانگ جو نالو آمنا هو. سند والد محمد موسي ا جلالاڻي هڪ سرڪاري مُلازم هو جنهن ميونسپالٽيءَ ۽ تعليم کاتي ۾ ڪم ڪيو هو. پاڻ 1960ع ۾ ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فار وومين حيدرآباد ۾ ماسترياڻي مقرر ٿي، سنڌ يونيورسٽي ماڊل اسڪول ۾ به پڙهايائين، ۽ 36 سال تعليمي خدمت ڪري 1996ع ۾ رٽائر ٿي.

    سياسي حوالي سان به سندس خدمتون ساراه جوڳيون آهن، پاڻ سنڌ جي ناليواري قوم پرست سياستدان محترم رسول بخش پليجي جي گھر واري هُئي ۽ گھرداريءَ سان گڏ مڙس سان سياست ۾ ٻانهه ٻيلي ٿي ڪم ڪيائين. سنڌياڻي تحريڪ ۾ سرگرم رهي، سياست ۾ جيل به ڪاٽيائين ۽ هوءَ جيل ۾ 1979ع ۾ شهيد ذوالفقار ڀُٽي خاطر وئي هُئي. هُن شاگردن توڙي عام ماڻهن ۾ قومي شعور جاڳائڻ لاِ قومي شاعريءَ کي جھر جھنگ ڳايو آهي، قومي گيتن سان گڏ نامياري سياسي اڳواڻ شهيد فاضل راهُوءَ جي شان ۾ به ڳايو اٿس.

    سندن خاندان ۾ حالانڪه ڳائڻ وڄائڻ سُٺو نه سمجھبو هو پر پر جلالاڻي صاحب جيئن ته پاڻ تمام باشعور انسان هو هُن جيجيءِ جي ڳائڻ ۽ تعليم پرائڻ ۾ ڪڏنهن به رنڊڪ نه وڌي. زرينه بلوچ اديب، اديب فاضل، ۽ انٽر آرٽس تائين پڙهي ۽ پڙهڻ جي دوران ئي سند راڳ سان نينهن لڳو. اسڪول ۾ سنڌ جي نالي واري شخصيت دادي ليلان کي ڳائيند ٻُڌي پاڻ راڳ جي ميدان تي لٿي هُئي. ابتدائي راڳ جي تربيت ته دادي ليلان کان ئي ورتي هُئائين پر مشهور لوڪ فنڪار نارُو ڀڳت ۽ رقيه خانم کان به مُتاثر ٿي ۽ پوءِ 1960ع ۾ ريڊئي تي ڳائڻ کان پوءِ اُستاد محمد جمن جي باقاعدي شاگردياڻي ٿي. هُن ريڊئي پاڪستان حيدر آباد تي جڏنهن پهريو آڊيشن ڏنو هو ته ناپاس ٿي پئي، سنس اهو آڊيشن ذڪا دُرانيءَ ورتو هو، حيرت جي ڳاله اها ته پاڻ اهو آڊيشن بُرقعو پائي ڏنو هُئائين، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته جيجي زرينه ماحول جي ڪيڏي پابند هُئي ۽ پوءِ وقت سان هُن آهستي آهستي اهي پابنديون ٽوڙي ڇڏيون.

    جڏنهن 1960ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد هڪ ڳائڻ جو مُقابلو ڪرايو ته جيجي زرينه اُن ۾ حصو ورتو، هن مُقابلي ۾ 600 نون ڳائڻن حصو ورتو هو ۽ جڏنهن رزلٽ آئي ته جيجيءَ ڳائڻ ۾ٽيون نمبر آني هُئي، پهرئين نمبر تي الله ڏنو شيدي، ٻئي نمبر تي دين محمد عرف دينو ميرپور خاص وارو. ان مُقابلي ۾ جيجي زرينه نازو ڀڳت جو ڳايل شاه صاحب جو ڪلام ” ڇو ٿيون ڏيو متيون، وسَ ته پنهنجي ۾ ناهيان“ ڳايو هو ۽ اهوئي ڪلام سندس مقبوليت جو سبب بڻيو.

    قومي گيتن کانسواءِ هوءَ لوڪ گيتن جي ڪري به مشهور ٿي ۽ کيس”لوڪ گيتن جي راڻي“ به سڏجي ٿو، هن ڳوڄن ۾ ڳائجندڙ لوڪ گيتن کي گڏ ڪري انهن جي شاعري ۽ ڌُن کي سنواري ڳايو جيڪو هڪ اهم ڪم آهي. لوڪ گيت”ڀينر مُهنجو ڇلڙو پاڻيءَ ۾“هن منظر عام تي آندو جنهن کي عابده پروين جي مُڙس ۽ مشهور ميوزڪ پروڊيوسر شيخ علام حوسين رڪارڊ ڪيو هو. اهو لوڪ گيت جيجيءَ وٽ هڪ شاگردياڻي کڻي آئي هُئي، جيڪا حيدرآباد جي ڀر ۾ زنئورن جي ڳوٺ جي رهواسڻ هُئي، هُن جيڪس ٻول ٻوڌايا هُئي اُهي هُئا ” اري ماريو گُرگلو ٿي پيو گھر گھلو، ڪري پيو کوه ۾...“ ۽ جيجيءِ اُنهيءَ ٻولن کي سوڌاري ”ڀينر منهنجو ڇلڙو پاڻيءَ...“ ۾چيو

    جيجيءَ کي هڪ ٻيو گيت به مليو جنهن جاٻول هُئا ” ڇڏ پرائي سرميداڻي، ڇڏ پرائو هار، مون مينا تي ونگان، ڇاڙهائي ڏي چار” کي جيجيءَ هن طرح ڳايو” ڇڏ پراوا سونا ڪنگڻ، ڇڏ پرائو هار..“ اهڙيءَ ڀرح جيجيءَ ڪيترائي لوڪ گيت محفوظ ڪري اُنهن جو ڌُنون ٺاهيون آهن، جيڪي اڄ سنڌي مُوسيقي جو خزانو تصور ٿين ٿيو. هن لوڪ گيتن جو پاڻ به ڌنو ٺاهيو جنهن جا ٻول آهن ” شل بوند وسئي لاڏڻ بوچڻ تي“ جيجيءَ چواڻي، ـجڏنهن مون اها ڌُن جوڙي ته مونکي خبر ئي نه هُئي ته ڪهڙي سُر ۾ ٺاهي اٿم“.. پوءَ جڏنگن هُن ان جو تذڪرو پنهنجي اُستاد محمد جمن سان ڪيو ته هن وراڻيو ته اهو سُر ” تِلنگ“ آهي. ۽ پوءِ ان ڌن کي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي پروڊيوسر انور بلوچ صاحب رڪارڊ ڪيو هو.، پاڻ سئني کان وڏيڪ شيخ اياز کي ڳايو اٿن.

    ڳائڻ کان علاوه پاڻ ريڊئي تي ڊراما، فيچر ۽ ڪمپيئرنگ به ڪئي اٿن، ريڊئي کان پوءِ 1966ع ۾ پي ٽي وي ڪراچيءَ جي شروعاتي دئور ۾ زرينه بلوچ ئي پي ٽي وي تي ڳائڻ آئي هُئي. جتي کين عبدالڪريم بلوچ صاحب متعارف ڪرايو هو، پاڻ جيڪو پهريو راڳ پي ٽي وي تي ڳيائون اُن جا ٻول هُئا ” لالا او لالا، بيان تران سيلان.“ هن بلوچي ۽ سنڌيءَ کان سواءِ اڙدو، سرائڪي ۽ پنجابيءَ ۾ به ڳايو آهي. سنڌ يونيورسٽيءَ حيدر آباد ۾ فلسطينين پاران ٿيل هڪ تقريب ۾ پاڻ عربيءَ ۾ به ڳايو هُئا ئون، جنهن تي کين ”فلسطيني ايوارڊ“ مليو هو، جيجيءَ ٻوڌايو ته ٻانگ (آذان) ڀيروينءَ ۾ پڙهي ۽ چئي ويندي آهي ۽ سنڌيءَ کان علاوه مصري زبان ۾ به ڀيروين ٿئي، تنهن ڪري ان ڳاله کي ذهن ۾ رکي هن عربيءَ ۾ ڳايو هو ۽ اُن جي ڌُن به پاڻ ٺاهي هُئائون.

    پاڻ جيئن ته ڪهاڻيڪار به هُئي ته سندن پهرين ڪهاڻي ماهوار ”روح رهاڻ “ ۾ ڇپي هُئي جنهن جو موضوع هو ” مان توکي گيتَ ڏيان او ڌرتي“، سندس لکيل ۽ ترجمو ڪيل ڪهاڻين جو ڪتاب ” تنهنجي ڳللها، تنهنجون ڳالهيو“ به ڇپجي منظر عام تي آيل اهي. پاڻ امريڪا، برطانيا، دُبئي، هندستان ۽ ڪئناڊا ۾ به فن جو مظاهرو ڪري آيون هُيون. کين مڇتا جا ڪيترا ئي ايوارڊ مليا آهن، پر سنڌ جا ماڻهو کين جيڪي مڇتا ڏين ٿا اها سڀ کان وڏو ايوارڊ آهي، سنڌ جا ماڻهو هن خاندان سان محبت ڪن ٿا، ۽ ايترو احترام ۽ عزت جو کيس ”جيجي“ يعني” وڏي امان يا ڏاڏيءَ“ جو درجوڏين ٿا. اهو اعزاز اڄ تائين ڪنهن به سنڌي راڳ ڳائڻ وري يا ٻئي ڪنهن کي نه مليو آهي.

    ڪيس هڪ نياڻي ۽ ٻه پُٽ آهن. نياڻي اختر بلوچ جو سياست ۾ وڏو ڪردار آهي، سند اولاد ۾ هن جي ڏُهٽي ؟ پره“ کي ڳائڻ سان دلچسپي آهي ۽ هُن باقاعدي استاد ظفر علي کان تربيت ورتي، جيجي اڄ ته اسان ۾ ڪانهين پر راڳ روپ ۾ زنده ۽ دلين ۾ کُتل آهي.

    پيرين پوندي سانِ چوندي سانِ رهي وڃ رات ڀنڀور ۾.
     
  2. عبدالستارچنا

    عبدالستارچنا
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    224
    ورتل پسنديدگيون:
    31
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    پاٽ شريف, ضلعو دادو سنڌ
    جواب: جيجي زرينه بلوچ سياسي اڳواڻ محترم رسول بخش پليجي جي گھرواري

    اُترڙو ٿو لڳي الا واسرو ٿو لڳي۔۔۔۔
    اسين ماڻهون لاڻ جا۔۔۔۔
    دريا جي پاڇاڻ جا ۔۔۔۔
    اُترڙو ٿو لڳي۔۔۔۔۔


    سائين عبدالرزاق ميمڻ صاحب ۽ سائين سنڌي ميڊيا مان انتهائي ٿورائتو آهيان اوهانجو، جو اوهان سائڻ جيجي زرينه بلوچ صاحبه جن جي حوالي سان هي ونڊُ ڪيو آهي۔ ۽ گڏوگڏ مون کي منهنجي اِسڪول وارا ڏينهن پڻ ياد ڄارائي ڇڏيا اٿوَ۔ مان ان وقت اٺين ڪلاس جو شاگرد هيس۔ اسان جي اسڪول جي قانون موجب سال ۾ ٻه ڀيرا ثقافتي فَنگشن منقعد ٿيندو هو۔
    اهو پهريون ڀيرو هو جو هڪ وڏي پيماني تي ثقافتي فَنگشن آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ منقعد ٿيو۔ جنهنجو مهمانِ خصوصي ناميارو سنڌي فنڪار مصطفي قريشي هو۔ تڏهن پهريون ڀيرو مان جيجي زرينه بلوچ صاحبه جن کي مٿيون ڪلام اُترڙو ٿو لڳي الا واسرو ٿو لڳي ڳائيندي ٻڌو۔ ايترو سُريلو مٺاس سان ڀريل آواز مون اَڳ ۾ نه ٻڌو هو، ۽ جڏهن جيجي زرينه بلوچ صاحبه ٻيون ڪلام هو جمالو ڳايو تڏهن مونکان به نه رهيو ۽ اِسٽيج تي جيجي زرينه بلوچ صاحبه جن سان گڏ مون به پرفارم ڪيو۔ اُن دوران مون کي چڱي طرح ياد آهي ته جيجي زرينه بلوچ صاحبه مون ڏانهن ٻه دفعا شَفقت سان مُسڪرائي ڏٺو هو۔
    جيجي زرينه بلوچ صاحبه کان پوءِ مونکي به اسٽيج تي پرفارم ڪرڻو هو۔۔ سو مون ڪيو،
    پوءِ هڪ ڪمري ۾ منهنجي مولاقات سائڻ سان ٿي جيڪا چند منٽن جي هئي انهيءَ ڪمري ۾ ٻيا به کوڻ سارا فنڪار موجود هئا۔
    ڌڻي در دعا آهي ته ربُ پاڪ سائڻ کي جنت ۾ جايون ڏي ثم آمين
    ۽ ڌڻي تعالي اوهان کي به خوش وآباد رکي ثم آمين

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  3. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    ڇڏ پرائي سرميداڻي، ڇڏ پرائو هار، مون مينا تي ونگان، ڇاڙهائي ڏي چار” کي جيجيءَ هن طرح ڳايو” ڇڏ پراوا سونا ڪنگڻ، ڇڏ پرائو هار..“ اهڙيءَ ڀرح جيجيءَ ڪيترائي لوڪ گيت محفوظ ڪري اُنهن جو ڌُنون ٺاهيون آهن
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو