• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اڄوڪو ڏينهن 13 سيپٽمبر تاريخ جي دري مان

عبدالحفيظ لغاري

منتظم
انتظامي رڪن
اڄوڪي ڏينهن 13سيپٽمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:

13 سيپٽمبر 1898ع مشھور اديب ۽ صحافي دوارڪا پرساد روچيرام شرما جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
13 سيپٽمبر 1924ع سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي جج جسٽس دراب پٽيل جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
13 سيپٽمبر 1930ع تي مشھور اديب محمد حيات خان سيال جنم ورتو.
13 سيپٽمبر 1933ع پي پي اڳواڻ ۽ ٽي دفعا وزير اعلى سنڌ رهندڙ سيد قائم علي شاھ جي پيدائش جو ڏينهن آهي
13 سيپٽمبر 1969ع مشھور آسٽريلوي ڪرڪيٽر اسپنر شين وارن جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
13 سيپٽمبر 1975ع ٽي. وي آرٽسٽ ۽ هدايتڪار سيد سليم راشديءَ جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
13 سيپٽمبر 1994ع ٿر ۾ تعليم لاءِ جاکوڙيندڙ باھمت سماج سڌارڪ آسو ٻائي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.

وفات:

13 سيپٽمبر 1919ع مشھور شاعر ۽ صحافي رئيس شمس الدين ’بلبل‘ جي وفات ٿي.
13 سيپٽمبر 1973ع ڪميونسٽ اڳواڻ ۽ اردو ٻوليءَ جي ترقي پسند ليکڪ سجاد ظھير جي وفات ٿي.
13 سيپٽمبر 1986ع عالم اسلام جو نامور خطاط، محمد يوسف وصال ڪيو.
13 سيپٽمبر 1982ع شاعر ۽ سماجي خدمتگار خادم حسين شاھ جي وفات ٿي.
13 سيپٽمبر 1994ع سياستدان ۽ ڪراچيءَ جي اڳوڻي ميئر حڪيم محمد احسن جي وفات ٿي.
13 سيپٽمبر 2004ع پروڊيوسر محمد بخش سميجو جي وفات ٿي.
13 سيپٽمبر 2005ع پھريون سنڌي ٽائيپ رائيٽر ٺاهيندڙ، موسيقيءَ جو ڄاڻو ۽ ليکڪ عنايت الله عباسي لاڏاڻو ڪري ويو.
13 سيپٽمبر 2019ع سياستدان ۽ درگاھہ نئئگ شريف جي سجادہ نشين غلام شاھہ جيلاني جي وفات ٿي.

واقعا:

1904ع – يورپ ۾ سڀ کان پھرين هوائي جھاز جي پرواز شروع ٿي.
1948ع – رياست حيدرآباد دکن تي هندوستان فوج چڙهائي ڪئي.
 
Back
Top