Follow along with the video below to see how to install our site as a web app on your home screen.
نوٽ: This feature may not be available in some browsers.
ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟ سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!
سمنڊ جي نرڙ تي نه ڄاڻ ڪهڙي مهل چنڊ چڙهي آيو هو ۽ ان جا ڪِرڻا سمنڊ جي پاڻيءَ منجھه ڇلي رهيا هئا. ڪي کن هو به چپ رهيو ۽ مان به ڪي کن پوءِ ساڳيءَ وقت تي هن به چيو، ”پر تڏهن به هيءَ دنيا ڪيڏي نه سهڻي آهي!!“ مون به چيو، ”ها تڏهن به هيءَ دنيا ڪيڏي نه سهڻي آهي.“ سوال ته نه هُن پئي مون کان ڪيو نه ئي مون. بس مون ئي پنهنجي اڻ پوري ڇڏيل ڳالهه کي اُتان کان ڳالهائڻ شروع ڪيو، جتي ڇڏي هئم.
چيم. ”منهنجو پيءُ منهنجي جوان ٿيڻ کان پهرين ئي دشمن جي هٿان مارجي ويو. هو اسان جي سامهون ڀريل بندوق کڻي نڪتو هو دشمن کان پنهنجن ابن ڏاڏن جو وير وٺڻ، پر موٽيو هُن جو رتوڇاڻ لاش سڄي برادري مڇرجي پئي. مون کي پيءُ جي ڇڏيل پڳ ٻڌرائي وئي ۽ ان جي اها ئي ڀريل بندوق منهنجن هٿن ۾ ڏني وئي. مون کي اڃا تائين ان بندوق جي نالي تي لڳل رت جا لينگھا ياد آهن. منهنجي جسم مان سيسراٽ نڪري ويو هو. مون ان پل ئي من ئي من ۾ جيئڻ جو فيصلو ڪيو هو. بلڪل ائين جئين منهنجي ماءُ مون ئي چوندي پئي آئي. مون اُها رت رڱيل بندوق هميشه لاءِ پنهنجي ماءُ جي لوهي ڪٻٽ ۾ بند ڪري ڇڏي هئي. مان پنهنجي ماءُ جي سامهون بنان هٿيارن جي جڏهن گھران نڪتو هوس، کڙکٻيتن جيان جرڪنديون پيون محسوس ٿينديون هيون. هوءَ چپن ۾ ڪجھه ڀڻڪندي منهنجي پٺ ڏانهن شوڪاريندي هئي ۽ مان در جي چائنٺ ٽپندي ٽپندي اُن جي ٿڌاڻ پنهنجي پٺيءَ تي محسوس ڪندو هئس. مان بنان هٿيارن جي، خالي هٿين انهن رستن تان به لنگھڻ لڳو هوس، جتان منهنجن ابن ڏاڏن جا دشمن به لگھندا هئا. خالي هٿن جو هڪڙو عجيب نشو ٿيندو آهي. ماڻهوءَ کي ائين محسوس ٿيندو آهي، ڄڻ هو دنيا جو سڀ کان سگھارو ماڻهو آهي. هر ويڙهه ۾، بنان وڙهڻ جي، هُن جي سوڀ ٿيڻي آهي. مان به ائين محسوس ڪندو هئس. انهن رستن تان، جتان منهنجو پيءُ هٿيارن ۽ پهريدارن کان سواءِ ڪونه لگھندو هو، مان خالي هٿن ائين لگھندو هئس، ڄڻ مون کي موت جي به پرواهه ڪانهي. ماڻهو مون کي چريو سمجھڻ لڳا. راڄ برادريءَ وارا مون کي بي غيرت ۽ ويڪو چوڻ لڳا ۽ مون کي پنهنجن خالي هٿن جو نشو ويو اڃا به چڙهندو. اهڙي ئي ڪيفيت ۾ هڪ شام مان انهن رستن تان وڃي رهيو هوس. واهه جي ڪپ تان لنگھندڙ ڪچي رستي تي جيپ ڊرائيو ڪندي، منهنجي ذهن تان ورثي ۾ پنهنجن ابن ڏاڏن جون دشمنيون صفا ريٽجي ويون هيون ڄڻ. ۽ مان ونڊ اسڪرين مان پريان، جهولندڙ کيتن جي هُن پار لهندڙ سج کي ڏسي سوچي رهيو هوس ته، دنيا سچ پچ به ڪيڏي نه خوبصورت آهي! هوا جو هڪڙو جھوٽو، جيڪو ماڻهوءَ کي ڇهندو لنگھيو وڃي ٿو، پن، جيڪو ٽاريءَ تان ڇڻي ڪري ٿو، هڪڙي سنهڙي لهر به، جيڪا پاڻيءَ منجھان اٿي ۽ پاڻي منجھه ئي لهي وڃي ٿي ۽ ڪک به جيڪو اُڏامندڙ پکيءَ جي چهنب مان ڪري مٽيءَ جو حصو بڻجي وڃي ٿو. هر شيءَ ۾ ڪانه ڪا سهڻي معنى رکيل آهي. هر شيءَ جي ڇهاءَ ۾ سمنڊ جيڏي گھرائي رکيل آهي ۽ ڪاش ماڻهوءَ کي اُن سمنڊ ۾ لهڻ جي مهلت ملي سگھي! بس عين اُن پل الاءِ ڪٿان کان گولي ونڊ اسڪرين کان ٿيندي منهنجي ڇاتيءَ مان پار ٿي ويئي.“
ڳالهائيندي ڳالهائيندي مان چپ ٿي ويس.
هو به چپ رهيو.
ٻئي خاموشيءَ سان سمنڊ جي لهرن تي چنڊ جي ڪِرڻن کي ڇلندو ڏسي رهيا هئاسين.
ڪيترائي پل خاموشي رهي.
پوءِ هُن ڳالهائڻ شروع ڪيو.
”مون کي لڳندو هو، خدا هر رات مسجد جي خالي اڱڻ تي منهنجو انتظار ٿو ڪري. مون کي هُن سان پيار ٿي ويو آهي ۽ هُن کي مون سان. هاڻي مان سوال ڪندو هئس ۽ هو مون کي سوالن جا جواب ڏيندو هو. الاءِ ڪيترن ڏينهن جي ان ڪچهريءَ ۾ ڪيڏي نه عجيب ڳالهه هئي، ته هُن ڪڏهن به مون کان ڪو سوال ڪونه ڪيو. مان هُن کي ڪئين ٿو محسوس ڪريان؟ مان هُن جي ڳالهين تي ڪيترو يقين ٿو ڪريان؟” مان ڪيترو هُن سان سچو آهيان؟ ڇا ٿو سوچيان هُن لاءِ. ڇا ٿو ڪري سگھان هُن لاءِ! ڪجھه به نه. سوال ڪرڻ وارو صرف مان هئس.
هڪ اهڙي ئي رات جڏهن اسين ٻئي پاڻ ۾ ڳالهيون ڪري رهيا هئاسين، مسجد جو پيش امام اچي مٿي تي بيهي رهيو. پڇڻ لڳو، ”تنهنجو فرقو ڪهڙو آهي؟“ منهنجو فرقو ڪهڙو ٿي سگھي ٿو؟ مان سوچ ۾ پئجي ويس.
بک؟؟ بيروزگاري؟؟ بيچيني؟؟ گھاڻي جي ڏاند جيان زندگيءَ جي چوڌاري ڦرندي ڦرندي پيرن کان روح تائين پئجي ويل لڦون؟؟ انهن مان ڪهڙو منهنجو فرقو ٿي سگھي ٿو؟
پيش امام جو خيال هو ته، منهنجو ائين راتين جو هتي ويهڻ شڪ ۾ وجھڻ واري ڳالهه آهي ۽ مونکي پاڻ کي ڪليئر ڪرڻ کپي. پيش امام مون سان ڳالهائي رهيو هو ۽ خدا خاموشيءَ سان مون ڏانهن نهاري مرڪي رهيو هو، ”هيءَ مسجد جنهن فرقي وارن جي آهي، انهن ۾ منهنجي باري ۾ سوالن ۽ شڪن جي ڪري بي چيني ڦهلجي رهي آهي. جي مان پاڻ کي ڪليئر نٿو ڪري سگھان، ته پوءِ هن مسجد ۾ اچڻ ڇڏي ڏيان.“ پيش امام جي وڃڻ کان پوءِ مون خدا ڏانهن سوال ڪندڙ اکين سان نهاريو. موٽ ۾ هو مرڪي پيو، چيم، ”هاڻي مان توسان ڪٿي ملندس؟؟ هِن شهر ۾ ته اهڙي ڪائي ڪنڊ ڪانهي، جتي ماڻهو اڪيلو ويهي سگھي. شهر وارن کان به. پنهنجو پاڻ کان به. ۽ زندگيءَ کان به.“ ڪيتري دير مسجد جي اڱڻ ۾ ويٺا رهياسين، هو مرڪندو رهيو ۽ مان روئندو رهيس، اُن ٻار جيان جيڪو اسڪول وڃڻ نه چاهيندو هجي ۽ هُن جي مُرڪ ڄڻ چئي رهي هجي ته، ”اسڪول توکي وڃڻو ئي آهي.“ اُن رات گھر پهتس ته، زال منهنجي انتطار در جي سامهون ئي چيائين. ”وڏي پٽ کي اسڪول مان ڪڍي ڇڏيو اٿن. چار مهينا في نه ڏيڻ ڪري.“ مان بي دم ٿي ڪرسيءَ تي ويهي رهيس. پاڻي گھريم. پاڻيءَ جي گلاس سان گڏ چيائين، ”لائيٽ وارا آيا هئا، لائيٽ ڪٽڻ. ٻڻ مهينن جو بل ڪونه پياريل آهي. پر منٿ ميڙ ڪري سڀاڻو ڏينهن گھريو مان. سڀاڻي جي بل نه پياريو ويو، ته هو ٻيهر اچي لائيٽ ڪٽي ويندا.“ مان پاڻيءَ جو اُهو گلاس سڄي رات ڪونه پئي سگھيس. ڀت ۾ منهن هڻي اکيون ٻوٽي ڇڏيم. منهنجي پٺيءَ ۾ منهن هڻي هوءَ چئي رهي هئي، ”تون ته گھر کان ٻاهر الاءِ ڪجھه کائين به ٿو يا، نه پر ڪا خبر به اٿئي ٻن ڏينهن کان گھر ۾ کنڊ، آئل، چانهه جي پتيءَ ۽ اٽو ڪونهي. دال ۽ چانور به اچي ختم ٿيا آهن. کير وارو به هاڻي ڏيڍ ليٽر کير ۾ لپ کن زهر جي ڏيو وڃي ته، کير وٺو ٿا، پر پئسا ته، ڪونه ٿا ڏيو. تون ته هوندو ڪونه آهين، مون کي اڪيليءَ کي ئي اِهو سمورو زهر پيئڻو پوندو آهي.
هو به ٿڪجي چڪو هو ۽ مان به ٿڪل هئس. هو به سمنڊ ڪناري واريءَ تي، لهرن ڏانهن پير ڪري ليٽي پيو. مان به هُن جي ڀر ۾ ليٽي پيس. هُن به اکيون ٻوٽي ڇڏيون. مون به اکيون ٻوٽي ڇڏيون.