هڪ سڄڻ تنهنجي سڪ ٻيو غمن جو غبار

جواب: هڪ سڄڻ تنهنجي سڪ ٻيو غمن جو غبار

نهائينءَکان نيهن، سک منهنجا سپـرين،
سڙي سارو ڏينهن، ٻاهر ٻاڦ نه نڪري۔


بره جي باه کي ايترو وڌائي ڇڏ جو تنهنجو وجود پچي پڪو ٿي وڃي پوءِ ٻيڙا پار ۔۔۔
 
جواب: هڪ سڄڻ تنهنجي سڪ ٻيو غمن جو غبار

ابڙا صاحب لڳي ٿو ته توهان پنهنجو پاڻ کي انهئ منزل تي پهچايو آهي. ۽ هاڻ توهان پنهنجو پاڻ کي به وساري پنهنجو وجود ختم ڪري ٻين کي مشورا ڏيڻ شروع ڪيا آهن،
برحال مشوري جي مهرباني ۽ نوازش.
الله توهان کي پنهنجي نيڪ ارادي ۽ عمل ۾ هميشه ڪامران ۽ ڪامياب رکي.

مُئي هاٿِيءَ تي مامِرو، اَچِي ڪَيو اَنڌَنِ؛
مَناڙِينِ هَٿَنِ سين، اَکِئين ڪِينَ پَسَنِ؛
”فِي الۡحَقِيۡقَتَ“ فِيل کي، سَڄا سُڃاڻَنِ؛
سَندِي سَرۡدارَنِ، بَصِيرَتَ بِينا ڪَري.

نيت صاف منزل آسان
اي دوست ڇڏ غمن جي گهپي، رک پرک ماڻهن جي سڃاڻڻ جي
ممتاز محبتي ماڻهن جي سهڻي خيالن جي هن دو رنگي دنيا ۾
 
Back
Top