ڪمپني جو هڪ نئون ملازم ٽريننگ تي آيو۔۔۔ پهرين ڏينهن هن بريڪ جي دوران لوڪل ايڪسٽينشن واري فون تي ڪيفي ٽيريا جو نمبر ملايو ۽ چيائين۔۔۔ ”روم نمبر 3 ۾ جلدي هڪ کير پتي کڻي اچ۔۔“
ٻئي پاسي ڏانهن ڪاوڙ سان ڀريل آواز آيو۔۔۔ ”اڙي بيوقوف ۔۔۔! توکي خبر آ۔۔ تو ڪنهنجو ايڪسٽينشن ڊائل ڪيو آهي۔۔۔“
ٽريننگ تي آيل ملازم چيو۔۔۔ ”نه۔۔“
آواز آيو۔۔۔ ”مان ٽريننگ سينٽر جو چيف ٿو ڳالهايان۔۔۔“
ٽريني پهريان ته گهٻرائجي ويو پر جلدي ئي چيائين۔۔۔ ”۽ اڙي ڄٽ۔۔۔! توکي خبر آهي ته مان ڪير آهيان۔۔؟“
آواز آيو۔۔۔۔ ”۔۔نه۔۔!“
ٽريني چيو۔۔۔ ”تمام ڀلو۔۔۔!“ ۽ رسيور ڪريڊل تي رکيو۔۔۔