شايد خواب هو

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ڏاڏل شينو طرفان آندل موضوعَ ‏14 سيپٽمبر 2013۔

  1. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    عجيب آواز واري صورت نمودار ٿي۔ ڪئي جانورن جي جهرمٽ ۾ هي نمودار ٿي۔
    ها ها مون تنهنجي مخالفت صحيح ڪئي هئي ؟
    تو منهنجي مخالفت ڇو ڪئي هئي ئ تو آهين ڪير ؟
    مان اهو آهيان جنهن تنهنجي مخالفت ۾ پنهنو سڳو منصب و مان وڃايو مان ابليس آهيان۔
    ڏس تو کي ڪا مخلوق پاڻ ۾ گرداني ٿي ۔
    هُن مونکي ڪُتو چيوتو ڪُتو آهين ڪُتو۔
    ڪُتو هن تي ڀونڪڻ لڳو؟
    ها تو کي بُرو لڳو ها تو کي بُرو ڪيئن نه لڳندو تو ڪو اهڙو ڪم ٿورئي ڪيوآهي۔
    تو ۾ ته وفا آهي صبر آهي مالڪ جو خيال اهي ، مالڪ سان محبت آهي تون ته سُڪي بُکي تي رازي آهين ۔
    وري هن مونکي وراڻيو ته نه تون ڪتي کان بدتر نانگ آهين ته ناگ ڦڻ ڪڍي پنهنجي ماتم جو اظهار ڪيو ۔؟
    هن نانگ ڏانهن پرمعنى نظرن سان ڏٺو ۽ نانگ کان معافي گهرندي چيائين مان سمجهان ٿو ۽ تنهنجي ڪاوڙ به بجا آهي ۔
    تو هڪ ٻن کي ڏنگيو تو پنهجي سڄي حقيقت سان ظاهر ٿي ڪري ٻڌايو ته مان نانگ آهيان ، تنهنجي فطرت به ظاهر آهي ڪنهن کان لڪل ٿورئي آهي تو ڪنهن سان ويساه گهاتي ٿورئي ڪئي آهي جو تون هن جهڙو هجين ۔
    هن ته پنهنجو ڪري ڌوڪو ڏنو آهي هن هميشه اعتماد بحال ڪري سماج کي ڏنگيو آهي۔
    وري هن چيو آءُ تو کي ڇا سمجهان تون ڪتي ؤ۽ نانگ کان بدتر سُور آهين؟
    ته سُور هن تي ڀاڄ ڪئي هن سُور کان معافي گهرندي چيو سائين سُور صاحب غلطي ٿي وئي مان وري نه چوندس تون ته جهڙو آهين تهڙو سڀني کي ڏسجين پيو تو واقعي اهڙو ڪم ناهي ڪيو تون بيغيرت آهين ظالم ناهين ؟ ميان سُور مان تنهنجو ڏوهي آهيان مون تو کي هن سان گڏيو هي واقعي تو کان بدتر آهي ؟
    هن مخلوقِ الاهي کي مخاطب ٿيندي چيو؟
    توهان کي خبر آهي مون آدم جي مخالفت ڇو ڪئي هئي مون ته سمجهيو ٿي ته هي فقط قتل و غارتگيري ڪندو پر هن ته قتل و غارتگيري کان وڌي ايترا ظلم ڪيا آهن جن کي ڏسندي مون کي سمجھ ۾ نه ٿو اچي ته مان هن کي ڇا چوان ۔
    واقعي ڪنهن به جانور ائين ناهي ڪيو هلندڙ بسن ۾ نياڻين سان اهڙا قيس نه ڪتا تو ڪيا نه اهڙا ڏنگ نانگ تو هننيا نه سُوَر تو اهي بيغيرتي ڪئي نه تو نياڻي کي دريا ۾ اڇليو نه تو پنجن سالن جي نياڻي کي اهڙا عزاب ڏنا انسان ته ڇا توهان مان ڪو به اهڙو جانورڪونهي جيڪو اهڙن ظُلمن جو مرتڪب هُجي اچو هلون هي هي الائي ڪهڙو جانور آهي منهنجي سمٍ کان ٻاهر آهي نه هي جانور ڪيئن ٿو ٿي سگهي خبر ناهي هي ڇا آهي ڳٍجھ به اهڙو حرام ناهي کائيندي جهڙو هي کايئندو آهي ۔
    هي اٿي هليو کڳي پيو ته کلي پيو پر هن جي اکين ۾ ڳوڙها خبر ناهي ته هن جي ڪاميابي جا يا احساسن جي ڏک جا۔
    مان ڇرڪ ڀري اٿي ويهي رهيم سوچڻ لڳس ها هي خواب ئي ته هو ۔
    هي هي خواب ئي ته هو۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو