
آفيس ريڪوري واحد سافٽويئر آهي جنهن کي خاص آفيس ڊاڪومينٽس جي ريڪوري لاءِ بڻايو ويو آهي۔۔۔ هن سافٽويئر ذريعي اهي سمورا آفيس فائيلز جيڪي۔۔
غلطي سان ڊيليٽ ڪري ڇڏيا هجن ۔۔۔
يا هارڊ ڊسڪ فارميٽ ڪرڻ سان ضايع ٿي ويا هجن۔۔۔
يا وائرس ورتل هجڻ ڪري ضايع ٿيل هجن۔۔۔
يا هارڊ ڊسڪ ۾ بيڊ سيڪٽر اچڻ ڪري نه کُلي سگهندا هجن۔۔۔
يا وري هارڊ ڊسڪ کي غلط طريقي سان استعمال ڪندي ضايع ٿي ويا هجن ۔۔۔ کي آساني سان درست حالت ۾ واپس آڻي سگهجي ٿو۔۔۔
هن سافٽويئر ذريعي هيٺين فاميٽس کي ريڪور ڪري سگهجي ٿو۔۔۔۔
DOC, DOCX, XLS, XLSX, PPT, PPTX, PST, DBX, ACCDB, MPP, PUB, ONE, XSN PDF
هوئن ته هن سافٽويئر جي قيمت لڳ ڀڳ 30 ڊالر آهي پر ڪمپني مشهوري خاطر 10 اپريل 2010 تائين هن سافٽويئر جو ڪوڊ مفت ۾ ڏيڻ جو اعلان ڪري چڪي آهي۔۔۔

مفت ڪوڊ حاصل ڪرڻ جو طريقي ڪار ڪجهه هن طرح آهي۔۔
هتي ڪلڪ ڪري سافٽويئر پروموشن صفحي جو ڦيرو ڀريو۔۔۔
جتي گهربل معلومات لکو ۽ Get Key Code بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔

هتي ڪلڪ ڪري مفت ۾ Office Recovery 1.5.0 سافٽويئر حاصل ڪريو۔۔۔
۽ انسٽاليشن دوران رجسٽرڊ ڪوڊ گهرڻ تي پنهنجي اي ميل ايڊريس تي آيل ڪوڊ لڳايو۔۔۔
هاڻي توهان پنهنجي ڪمپيوٽر يا ڪنهن دوست جي ڪمپيوٽر جي ضايع ٿيل ڊيٽا کي ريڪور ڪري ”ڊيٽا ريڪوري ايڪسپرٽ“ سڏرائي سگهو ٿا۔۔۔
توهان کي هي موضوع ڪيئن لڳو پنهنجا رايا لکو۔۔۔