ڪجهه فلڪيات بابت

'آئي ٽي بابت تازيون خبرون' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏15 سيپٽمبر 2013۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    انسان ڏينهنون ڏينهن ترقي جا ڏاڪا تيزيء سان طئي ڪري رهيو آهي۔۔ اهو ئي سبب آهي جو دنيا تي ريسرچ ڪرڻ سان گڏو گڏ هاڻي هو ڪائنات ۽ فلڪيات ۾ پڻ پنهنجي ڳولا تي ڌيان وڌائي رهيو آهي۔۔ تازو جڏهن ڪريوسٽي نالي مشين مريخ تي پهتي ته نت نوان مشاهدا نظرن مان گذريا ۔۔ اهو ئي سبب آهي جو علم فلڪيات ۾ دلچسپي رکندڙن کي کوڙ ساريون نيون شيون پڙهڻ ۽ ٻڌڻ لاءِ مليون۔۔۔
    مان پڻ ننڍي لانڪون علم فلڪيات سان دلچسپي رکان ٿو۔۔۔ هي موضوع کولڻ جو مقصد پڻ انهن دوستن اڳيان علم فلڪيات بابت نين کوجنائن کي پيش ڪرڻ آهي جيڪي فلڪيات سان دلچسپي رکندا هجن۔۔۔ دوستن کي پڻ موضوع ۾ ونڊ ڪرڻ جي دعوت ڏجي ٿي۔۔۔

    *******​
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]
    هي تصوير آهي مريخ تي موجود پٿر جي ان ٽڪڙي جي جيڪو ناسا طرفان موڪليل ڪريوسٽي نالي موڪليل مشين جي چهل قدمي دوران ٽٽي ڪري پيو هو۔۔۔ ان پٿر کي هن وقت سائنسدان Tintinaجي نالي سان سڏين پيا۔۔۔ پٿر جي هن ٽڪر سائنسدانن کي حيران ڪري ڇڏيو۔۔ ڇو ته ان پٿر ۾ نظر ايندڙ اڇي مواد جي باري ۾ سائنسدانن جو خيال آهي ته هي هائڊريٽڊ منرل آهي جيڪو پاڻي جي موجودگيء جو ثبوت آهي۔۔ سائنسدانن جي خيال موجب هي ڪيلشم سلفيٽ به ٿي سگهي ٿو۔۔۔
    ڪريوسٽي سان ان اتفاقي حادثي مريخ سياري تي زندگي جي آثار موجود هجڻ جي نظريي کي وڌيڪ تقويت ڏني آهي۔۔ ۽ هاڻي سائنسدانن کي پڪ ٿيڻ لڳي آهي ته مريخ جهڙي سرخ سياري تي ڪنهن وقت زندگي جو وجود ضرور هوندو۔۔۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]
    1969ع ۾ اپولو 11 مشن زمين جي ڪشش ثقل کي ٽوڙيندي خلا ۾ داخل ٿيو هو۔۔۔ ان ڪم تي 11 لک پائونڊ طاقت جا 5 F-1 انجن استعمال ڪيا ويا هئا۔۔ جيڪي وقفي وقفي سان راڪيٽ کان الڳ ٿي اينٽلانٽڪ سمنڊ ۾ ڪريا هئا۔۔۔ ايمازون جي سي اي او جيف بينروس گذريل سال انهن انجڻن کي ڳولڻ جو ڏکيو فيصلو ڪيو۔۔۔ ۽ آخرڪار هن جي ٽيم سمنڊ ۾ 14 هزار فٽ جي گهرائي مان اهي انجڻون ڪڍڻ ۾ ڪامياب وئي۔۔۔ مٿي تصوير ان ئي انجڻ جي آهي۔۔۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]
    اپولو17 مشن دوران چنڊ جي سطح تان زمين جي ڪڍيل هڪ يادگار تصوير​
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    نظامِ شمسي جي نيري سياري ڌرتي جي هي مشهور تصوير 7 ڊسمبر 1972 ۾ سڀ کان پهريان اپالو 17 تان ان وقت ڪڍي وئي جڏهن هو ڌرتي جي مهور کي ڇڏي پهريون دفعو چنڊ ڏانهن راهي ٿيو هو۔۔۔

     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]
    سياري مريخ تان ورتل زمين جي پهرين تصوير جنهن ۾ چنڊ پڻ نمايان آهي۔۔ هي تصوير 8 مئي 2003 ۾ ورتي وئي هئي۔۔ ڪيمرا جو زمين کان فاصلو 86 ملين ميل (139 ملين ڪلو ميٽر) آهي۔۔۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    بليڪ هولز تي پنهنجي تحقيق ڪرڻ جي سبب مشهور سائنسدان اسٽيفن هاڪنگ ڪجهه مهينا اڳ Cedar-Sinai ميڊيڪل سينٽر لاس اينجلس جي اسٽيم سيل ليبارٽري جو دورو ڪيو۔۔۔ ان دوران هن چيو ته انسان وٽ صرف هڪ هزار سال آهن ته هو ڌرتي تان ڪنهن ٻئي سياري تي منتقل ٿئي۔۔۔ ڇو ته اڄ کان هڪ هزار سال کان پوءِ انسان شايد ئي ڌرتيء تي رهي سگهي۔۔۔!!
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    انٽرنيشنل اسپيس اسٽيشن تي اهي تمام ڪمپيوٽرز جن تي ونڊوز ايڪس پي انسٽال ٿيل هئي۔۔ هاڻي لينڪس آپريٽنگ سسٽم تي منتقل ڪيا ويا آهن۔۔​
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    فلڪيات جي عالمي ماهرن جي ٽيم اسان جي ڪهڪشان ”ملڪي وي“ کان ٻاهر زبردست ريڊيائي ڌماڪن جو پتو ڪيو آهي۔۔ اهڙن ريڊيائي ڌماڪن کي فاسٽ ريڊيو برسٽس يا FRBs چوندا آهن جن ڪري شديد ريڊيو ويوز پيدا ٿيون آهن۔ هڪ سيڪنڊ جي هزارين حصي ۾ ٿيندڙ انهن ڌماڪن جا سگنلز پوري ڪائنات ۾ پکڙجي چڪا آهن۔۔۔ جيڪي اربين نوري سال جا سفر طئي ڪري اسان تائين پهتا آهن۔ انگلينڊ جي يونيورسٽي آف مانچسٽر جي محقق ڊين ٿامسن جي مطابق انهن ڌماڪن سان هڪ ملي سيڪنڊ ۾ ايتري توانائي پيدا ٿي جيتري سج جي گذريل ٽي لک سالن ۾ مجموعي طور پيدا ٿي آهي۔۔۔ ٿامسن آسٽريليا ۾ رکيل ريڊيو ٽيلي اسڪوپ جي مدد سان ان ڌماڪن جي نشاندهي ڪئي ۔۔ ۽ ٻڌايو ته انهن ڌماڪن سبب پيدا ٿيندڙ ريڊيو ويوز اسان تائين لڳ ڀڳ 10 ارب سالن جو سفر طئي ڪري پهتيون آهن۔۔ جڏهن ته اسان جي ڪائنات جي پنهنجي عمر لڳ ڀڳ 8۔13 ارب سال آهي۔۔۔ ان طرح هي ريڊيائي لهرون ڪائنات جي ابتدائي ڏينهن سان تعلق رکن ٿيون ۽ انهن جو مطالعو ڪائنات جا اهم راز کولڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو۔۔۔
     
  10. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    وڏي حيرت جي ڳالھ آهي ، اها خبر پڙهي ڏندين آڱريون اچيو وڃن!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو