ڊاڪٽر اي ڪيو افغان

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ عبدالحئي چاچڙ طرفان آندل موضوعَ ‏15 سيپٽمبر 2013۔

  1. عبدالحئي چاچڙ

    عبدالحئي چاچڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2013
    تحريرون:
    60
    ورتل پسنديدگيون:
    218
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    233
    Dr. Abdul Qadir Chachar
    M.Phil (SALU) Ph.D (Sindh)
    Head
    Islamic Studies Department
    Govt: Islamia A&C College Sukkur
    Mob: 03337238280


    سيد گهراڻي ۾ جنم وٺندڙ ڊاڪٽر اي ڪيو (عبدالقدير قادر داد) ذات پات، رنگ نسل ۽ اونچ نيچ جي مت ڀيد کي ختم ڪرڻ لاءِ سيد سڏائڻ بجاءِ وڏن جي ديس جي نسبت ڪري ”افغان“ سڏائڻ پسند ڪيو.
    سندس جنم پرائمري استاد قادرداد خان جي گهر ۾ ٿيو. هُن محنت، هوشياري ۽ استقامت ڪري وڏو مرتبو ۽ حيثيت ماڻي.
    ڊاڪٽر صاحب B.E جي تعليم تي اڪتفا نه ڪئي، بلڪه اهڙي وقت لنڊن (برطانيه) مان Ph.D جي اعلي تعليم پرائي آيو جنهن وقت سهولتن جي اڻاٺ هئي ۽ سماج ۾ ان جو وڏو اتساهه به نه هو.
    وطن دوست، وطن پرست ۽ قدردان ڊاڪٽر اي ڪيو افغان برطانيه، يورپ، امريڪا، ڪنيڊا وغيره جي آرائش، ٺٺ باٺ، ، ڌن ڌولت ۽ امن سڪون کي ڇڏي سنڌ موٽي آيو ۽ هتي علم جي شمع کي روشن ڪيائين. ڊاڪٽر صاحب جي سچائي ۽ محنت ڪري سنڌ يونيورسٽي جي انجنيئرنگ ڪاليج کي يونيورسٽي (مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو) جو درجو مليو.
    موجوده دور ۾ ترقيءَ جون راهون تڪيندڙ هارين ۽ مزورن جو اولاد يا عام سنڌي نوجوان ڊاڪٽر صاحب جي شخصيت کي سامهون رکي محنت ۾ مڱن ٿي پون ته سنڌ مٿان جيڪي غربت، جهالت ۽ مصيبتن جا ڪڪر لامارا ڏئي رهيا آهن، اهي ڇٽجي پون.
    مانواري قاضي خضر حيات صاحب جي ڪوششن سان اهڙي عظيم انسان کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ هر سال پروگرام ٿين ٿا. جنهن ۾ عالم، اديب ۽ شاعر کين ڀيٽا پيش ڪن ٿا.
    قاضي صاحب، ڊاڪٽر اي ڪيو افغان جي شخصيت ۽ خدمتن بابت ٽڙيل پکڙيل مواد گڏ ڪري ڪتاب صورت ۾ آندو آهي ۽ سنڌ جي عظيم ماڻهن بابت ڇپيل ڪتابن جي قطار ۾ هڪ بهترين اضافو ڪيو آهي. ان لاءِ قاضي صاحب جس لهڻو.
    عوام چاهي خواص کي ڪتاب جي مطالع مان پنهنجي خاندان جي مستقبل روشن بڻائڻ ۾ مدد ملندي.



    ڊاڪٽر عبدالقادر چاچڙ
    اسسٽنٽ پروفيسر
    گورنمينٽ اسلاميه آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج
    سکر
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. اي جي شيخ

    اي جي شيخ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    121
    ورتل پسنديدگيون:
    412
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    213
    ابا تون به نيٺ سنڌ سلامت تي اچين وئين ماشا الله وڌي واڙي لڳي ڀاڳ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڊاڪٽر اي ڪيو افغان جي ڪاوشن تي کيس سلام پيش ڪجي ٿو۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو