• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اڄوڪو ڏينهن 15 سيپٽمبر تاريخ جي دريءَ مان

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
اڄوڪي ڏينهن 15 سيپٽمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:

15 سيپٽمبر 1883ع ناليواري عالم، مفتي، علم حديث ۽ علم تفسير جي ڄاڻو، حڪيم ۽ شاعر قاضي محمد صادق مورائي جي پيدائش ٿي.
15 سيپٽمبر 1897ع پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم آءِ آءِ چندريگر جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
15 سيپٽمبر 1898ع نامور عالم، تعليمي ماهر، ناول نگار ۽ شاعر عبدالرزاق ولد عبدالسلام ميمڻ جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
15 سيپٽمبر 1906ع شاعر عبدالرحيم عابد جوڻيجو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
15 سيپٽمبر 1915ع عمرڪوٽ جي نامياري ڊاڪٽر ۽ سماجي ڪارڪن، ڊاڪٽر هرچند راءِ سوٽھڙ جنم ڏينھن آھي.
15 سيپٽمبر 1917ع تي مشھور اديب، شان الحق حقي جنم ورتو.
15 سيپٽمبر 1918ع مشهور محقق، تاريخدان ۽ اديب، گنگارام گيانچند سمراٽ (سن / احمد آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
15 سيپٽمبر 1922ع نامور وڪيل ۽ ليکڪ منير چنا جو جنم ڏينهن آهي.
15 سيپٽمبر 1925ع سياستدان، پشتون شاعر ۽ خدمتگار اجمل خٽڪ جو جنم ڏينهن آهي.
15 سيپٽمبر 1930ع نامياري اديب ۽ تعليمدان احمد خان سيال جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
15 سيپٽمبر 1932ع شاعر، صحافي، ڊراما نگار ۽ ليکڪ شمشير الحيدري جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
15 سيپٽمبر 1935ع شاعر ۽ صحافي نادر علي شاھ فراق (ٺارو شاھ) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
15 سيپٽمبر 1940ع مشھور براڊ ڪاسٽر سڪندر بلوچ ولد نٿو خان چانديو ٽنڊو آغا (حيدرآباد) ۾ پيدا ٿيو.
15 سيپٽمبر 1943ع ليکڪ اشور ڪرپلاڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
15 سيپٽمبر 1947ع صحافي، ليکڪ ۽ شاعر ساز ڪاظمي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
15 سيپٽمبر 1949ع نامياري اديب، قانوندان ۽ سياستدان امان الله شيخ جو جنم ڏينهن آهي.
15 سيپٽمبر 1952ع شاعر عرض محمد شر جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
15 سيپٽمبر 1956ع سياستدان ارباب غلام رحيم جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
15 سيپٽمبر 1957ع نالي واري محقق ايم. ايڇ. پنهور جي گهر واري مسز فرزانہ پنهور جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
15 سيپٽمبر 1960ع سماجي ورڪر بيربل گناڻي (سنجهورو) جو جنم ڏينهن آهي.
15 سيپٽمبر 1961ع شاعر رجب آزاد (سيتا) جو جنم ڏينهن آهي.
15 سيپٽمبر 1963ع شاعر منظور سحر (سيوهڻ) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
15 سيپٽمبر 1968ع ليکڪ مشڪور مصطفى جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
15 سيپٽمبر 1972ع ليکڪ نورالدين سيتائي جو جنم ڏينهن آهي.
15 سيپٽمبر 1972ع عالم، ليکڪ ۽ تعليمي ماهر آغا بدرالدين (جيڪب آباد) جو جنم ڏينهن آهي.
15 سيپٽمبر 1977ع اداڪار ايم مصطفى کٽي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
15 سيپٽمبر 1983ع نوجوان محقق ۽ اديب امين جويو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
15 سيپٽمبر 1986ع فنون ادب جو ڄاڻو مير غلام علي آزاد بلگرامي، بلگرام ۾ جنم ورتو.

وڇوڙو:

15 سيپٽمبر 1899ع مذهبي عالم پير راشد الدين (ٽيون) جي وفات ٿي.
15 سيپٽمبر 1930ع حاجي جلال الدين (سجاده نشين پير پٺو) جو انتقال ٿيو.
15 سيپٽمبر 1931ع مذهبي اسڪالر مولانا دين محمد بٺوي جي وفات ٿي.
15 سيپٽمبر 1944ع مذهبي اسڪالر مولانا ميان محمود جو لاڏاڻو ٿيو.
15 سيپٽمبر 1966ع سياسي، سماجي ڪارڪن ۽ مشھور وڪيل ڀيمنداس منواڻيءَ جو لاڏاڻو ٿيو.
15 سيپٽمبر 1974ع صحافي، ايڊيٽر ۽ تعليمدان مولانا غلام محمد گرامي جي وفات ٿي.
15 سيپٽمبر 2007ع سياستدان ارباب امير حسن (کيتلاري) جي وفات ٿي.
15 سيپٽمبر 2011ع تي سنڌي ٻوليءَ جو مشھور ليکڪ، ڪھاڻيڪار ناول نگار ۽ نقاد وشنو ڀاٽيا ملند ڪالوني بمبيءَ ۾ آخري پساھ پورا ڪيا.
15 سيپٽمبر 2013ع مشهور ليکڪا ۽ شاعره ريٽا شهاڻي (حيدر آباد / پونا) جي ديهانت ٿي.
15 سيپٽمبر 2013ع مشهور چترڪار، اديب ۽ شاعر سنڌو ميراڻيءَ جي وفات ٿي.
15 سيپٽمبر 2020ع نامياري تعليمدان ۽ شاعر پير بخش پياسي جي وفات ٿي.

واقعا
15 سيپٽمبر دنيا ۾ جمھوريت جي عالمي ڏينھن ملھايو ويندو آھي.
668ع – اوڀر رومي حڪمران قسطن ثاني کي، سرقوسہ، صقليہ ۾ وهنجڻ وقت قتل ڪيو ويو.
1935ع – نازي جرمني پاران نرمبرگ قانون ختم ڪيو ويو، جنهن تحت يهودين کي جرمني جو شهري قرار ڏنو ويو هو.
1947ع – پاڪستان جو پهريون پاسپورٽ نمبر 000001 اسد سليم نالي شخص کي جاري ڪيو ويو.
1978ع ــ جڳ مشھور باڪسر محمد علي لاڳيتو ٽيون ڀيرو ھيوي ويٽ باڪسنگ چيمپين شپ کٽڻ جو اعزاز حاصل ڪيو.

حوالہ:
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
روزانہ ڪاوش
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
وڪيپيڊيا
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
 
Back
Top