دِل اَڙجي وئي دمام سان!عوامي آواز ميگزين

'مختلف موضوع' فورم ۾ faheemquest طرفان آندل موضوعَ ‏16 سيپٽمبر 2013۔

  1. faheemquest

    faheemquest
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2011
    تحريرون:
    89
    ورتل پسنديدگيون:
    197
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    383
    ڌنڌو:
    civil engineer
    ماڳ:
    قطر
    سعودي عرب جي اوڀر واري صوبي Eastern Province جي گاديء جو هنڌ دمام ملڪَ جي پنجن وڏن شهرن ۾ ليکيو ويندڙ ۽ دنيا جو وڏي ۾ وڏو تيل پيدا ڪندڙ علائقو مڃيو وڃي ٿو. دمام کان 15 ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ الظهران جو شهر ۽ 20 ڪلوميٽر ڏکڻ - اوڀر ۾ الخُبَر جا شهر آهن. ٽنهي شهرن دمام، الظهران ۽ الخُبَر کي جاڙا شهر به سڏيو وڃي ٿو، جيڪي پاڻ ۾ ويجھا هجڻ ڪري گِريٽر دمام يا دمام ميٽروپوليٽن ٺاهين ٿا. 2012ع تائين ٽنهي شهرن جي گڏيل آبادي لڳ ڀڳ 4,140,000 هئي جيڪا ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي. انهن ٽن جاڙن ۽ اهم شهرن کان سواء هن صوبي ۾الجُبيل، النعريه، الحفوف، حفرالباطن، القطيف، راس تنوره، ابقيق ۽ الاحساء شهرَ پڻ موجود آهن. جن مان هر شهر جو تاريخي منظرنامو ۽ اهميت واري واري سان بيان ڪبي. ايراضيء جي لحاظ کان دنيا جو سڀ کان وڏو ايئرپورٽ King Fahd International Airport دمام کان اُتر– اولهه ۾ 20 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي، جيڪو تقريبن 780 اسڪوائر ڪلوميٽرن جي ايراضيء تي پکڙيل آهي، ۽ پوري صوبي کي اهو هڪ ئي ايئرپورٽ آهي. ان کان علاوه دمام جي بندرگاهه فارسي نارPersian Gulf تي وڏي ۾ وڏي بندرگاهه آهي.
    دمام جو تاريخي پس منظر:
    دمام جي تاريخي پس منظر ۾ جھاتي پائجي ته اها خبر پوي ٿي ته 1923ع ڌاري بادشاهه عبدالعزيز جي دعوت تي بحرين جي هڪ قبيلي الدوسري جي آل بن علي جي ڪٽنب هت اچي پَکا اڏي ننڍڙو ڳوٺ آباد ڪيو. دمام عربي / فارسي نار (Arabian/Persian Gulf ) تي هجڻ ڪري 1932ع تائين جديد سعودي عرب جي وجود ۾ اچڻ تائين انهن ڳوٺاڻن جو گذر سفر مڇي پڪڙڻ ۽ قيمتي پٿرن جي واپار تي هئو. هت ٿوري وضاحت ڪبي هلجي ته عربي ۽ فارسي نار جي وچ ۾ آبليڪ هڻي فرق ڏيکارڻ جو سبب اهو آهي ته اڄڪلهه اهو جھيڙو پيو هلي ته ان نار کي عربي نار سڏجي يا فارسي نار، ڇاڪاڻ جو اهو نار هڪ پاسي عربي اُپٻيٽ (Arabian Peninsula ) سان به لڳي ٿو ته ٻئي پاسي وري ايراني حدن سان به ٽڪرائي ٿو. تاريخدانَ ۽ محققَ ته ان ڳالهه تي متفق آهن ته 2200 سالن کان اهو فارسي نار ئي سڏبو ٿو اچي ته پوء هاڻ ان جو نالو تبديل ڪرڻ جو ڪهڙو جواز. پوء به جي وچان ليڪ ڪڍجي ته ايران وارو پاسو سڏبو ايراني خليج يا نار ۽ عربي اُپٻيٽ وارو پاسو سڏبو عربي نار. خير، ان ڦڏي ۾ پاڻ ڪو نه پونداسين، اهي سياسي مسئلا آهن. پاڻ ڳالهائي رهيا هئاسين دمام جي مرحليوار اوسر جي بابت. دمام جي ترقيء ۽ خوشحاليء جو سفر تڏهن شروع ٿيو جڏهن 1932ع ڌاري آرامڪو (نيشنل آئل ڪمپني آف سعودي عرب جي شاخ) دمام جي ڀر واري شهر الظهران مان تيل جو وڏي ۾ وڏو کوهه دريافت ڪيو. 1940ع ۽ 1950ع واري ڏهاڪي دوران دمام جي چوڌاري تيل جا ٻيا به ڪيترائي کوهه دريافت ٿيا جيڪو سلسلو اڄ تائين جاري آهي. دمام جي مختلف علائقن ۾ ڪم ڪرڻ جي دوران اسانکي ان ڳالهه اچرج ۾ وجھي ڇڏيو ته هت تيل جا جيترا به ذخيرا اڄ تائين دريافت ٿيا آهن انهن مان هڪ اندازي مطابق صرف ڪي 20 سيڪڙو ذخيرا اهڙا آهن جن مان تيل ڪڍي صاف ڪري ملڪي ۽ عالمي ضرورتن کي پورو ڪيو وڃي ٿو، باقي 80 سيڪڙو تيل جي ذخيرن کي اڃا هٿ به نه لاتو ويو آهي.​
    دمام ۾صنعتي ۽ تجارتي انقلاب :
    سعودي حڪومت مڪمل طور تي تيل جي پيداوار تي ڀاڙڻ جي بجاء ناڻي ڪمائڻ جي متبادل ذريعن ڳولڻ ۾ پڻ اڳڀري رهي. ان ڏَسَ ۾ سَتَر واري ڏهاڪي جي شروع ۾ ئي رياض، جدي ۽ دمام جي شهرن جي اندر الڳ صنعتي شهر اڏڻ جي ڪم جي شروعات ٿي. دمام جي اندر پهريون صنعتي شهر 1973ع ۾ قائم ٿيو، جيڪو تقريبن اڍائي ملين اسڪوائر ميٽرن جي ايراضيء تي پکڙيل آهي جنهن ۾ انفرا اسٽرڪچر، تجارتي ۽ سرڪاري ميدانن ۾ ڪتب ايندڙ سازو سامان سان لاڳاپيل اَسي مختلف فيڪٽريون ڪم ڪري رهيو آهن. 1978ع ڌاري دمام کان ٿورو پَرَ ڀرو هڪ ٻئي صنعتي شهر جو قيام پڻ رکيو ويو، جنهن ۾ هن وقت 298 فيڪٽريون ڪم ڪري رهيون آهن، جيڪي ملڪ ۾ گھربل ضرورتن کي پورو ڪرڻ سان گڏوگڏ وچ اوڀر جي مختلف ملڪن ڏانهن سامان برآمد Export پڻ ڪن ٿيون. ٽيون صنعتي ۽ تجارتي مرڪز Industrial Zone دمام کان اُتر – اولهه طرف تقريبن نَوي ڪلوميٽرن جي فاصلي تي الجُبيل شهر ۾ آهي، جيڪو هن وقت وچ اوڀر ۾ وڏي ۾ وڏو صنعتي مرڪز آهي، ۽ دنيا جي چوٿين وڏي تيل ۽ گيس مان ملندڙ صنعتي مواد (پيٽروڪيميڪل) انڊسٽري پڻ الجُبيل ۾ آهي.​
    هاڻ اهو ته هو دمام جو ٻاهريون جلوو جيڪو پري پڙهندڙن کي شايد جلوو ئي لڳندو هوندو، پر هاڻ ڪجھ اندر جون ڳالهيون ڪجن. ڇاڪاڻ جو چوندا آهن نه ته هر چمڪندڙ شيء به سون نه ٿي ٿي سگھي. زندگيء جا ڇهه سال دمام ۾ گذارڻ ۽ دمام جو تجليون ڏسڻ کانپوء هڪ ڳالهه سخت پريشان ڪيو ۽ سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. اها ڳالهه هيء ته هيڏيون وڏيون انڊسٽريون هجڻ جي باوجود به مارڪيٽ ۾ سُئِيءَ کان وٺي گارمينٽس تائين، موبائلن کان وٺي جديد ٽيڪنالاجيء جي ٽيبليٽس تائين، اٽيشنري کان وٺي اڏاوت ۾ ڪم ايندڙ اوزارن تائين، تازين ڀاڄين کان وٺي تازن ميون تائين سڀ شيون مختلف ملڪن کان در آمد Import ڪيون وڃن ٿيون. ڪجھ شهرن ۾ زراعت جو نظام آهي پر پيداوار ضرورتون پوريون ڪرڻ جيتري ناهي. ڪجھ شهرن ۾ وري جديد هٿرادو طريقن سان زمين کي کيڙي زراعت ڪئي وڃي ٿي، جيڪا پڻ ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاء نا ڪافي آهي. گارمينٽس ۾ انڊيا وڏي کا وڏي مارڪيٽ ماريو ويٺو آهي تنهن کانپوء بنگلاديش. چانور هلي ئي انڊيا جو هتي. سچ پڇو ته اندر سڙيو وڃي جڏهن ڳولي ڳولي به ڪا شيء پاڪستان جي نه ملندي آهي. مُندَ ۾ پنهنجي انبن جو آسرو هوندو هو، هن سال اهو به لاهڻو پيو جو مارڪيٽ ۾ اهڙو ته سڙيل انب آيو جو دل ئي کڄي وئي. ها باقي پاڪستاني ڪاٺ جو فرنيچر جام آهي. ٻيلن جا ٻيلا وڍجي خالي ٿي ويا رُڳي عرب سڳورن جي فرحت لاء. پهريان ته سعودي مارڪيٽ ۾ چائنا پهرئين نمبر تي هو پر هاڻ ته انڊيا هَڻي چائنا جا ڍَڍَرَ ڍَرا ڪري ڇڏيا آهن. پر اڃا ٻي اندر جي ڳالهه اها ته انڊيا جا گارمينٽس ڪنهن مجبوريء ڪري وٺي پائڻا پيا ته پائڻ شرط ئي ڪنهن جو بخيو ڪاٿا پئي اُڊڙيو ته ڪنهن جو بخيو ڪاٿان.​
    هاڻ پڙهندڙن کي متان به اعتراض ٿئي ته ڀلا جي اهڙي ڳالهه هئي ته پوء هن سيڪشن کي دمام ۾ صنعتي ۽ تجارتي انقلاب جو نالو ڏيڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي. سو اهو اعتراض به اکين تي. پر مون وارو به سوال اڃا اُتي ئي آهي ته شهرن اندر ايڏا وڏا صنعتي شهر ٺاهڻ کانپوء به اها ڳالهه سمجھ ۾ نه پئي آئي ته عام واهپي جون شيون ايڏي وڏي تعداد ۾ آخر درآمد ڇو پيون ڪيون وڃن. ڪجھ تحقيق ڪرڻ کانپوء اها ڳالهه سامهون آئي ته انهن صنعتن ۾ سيمينٽ، سَريَي، دوائن، پيٽروڪيميڪل، ڊٽرجنٽ، ڊيري، پولٽري، پلاسٽڪ جي پائپن جا ڪارخانا، پاڻيء کي لوڻياٺ کان پاڪ ڪرڻ Water desalinization)) جون جديد صنعتو شامل آهن. سعودي گزيٽ اخبار جي هڪ صحافڻ سَميرا عزيز کان اهو سوال ڪيم ته ائين آخر ڇو آهي ته سعودي عرب ۾ صنعتي انقلاب کانپوء به هي ملڪ عام واهپي جي شين لاء اڃا به ٻين جو محتاج آهي؟ سوال ٻڌي پهريان ته مائيء کي ماٺ لڳي وئي، نيٺ ڪجھ ڪُڇي، اهو به صرف ايترو چيائين ته ويجھي مستقبل ۾ سعودي ڪنهن جو به محتاج نه رهندو. سندس اها ڳالهه مونکي هضم ڪانه ٿي. ڇاڪاڻ جو سعودي مرد ايترا سُست ۽ ڪاهل آهن جو اُٿي رڳو چانهن جو ڪوپ ٺاهڻ به ڪو نه پُڄين سو ڪٿان ٿي ختم ٿئي سعودي عرب جي محتاجي. بهرحال ان ۾ به ڪا ڀلائي آهي جو اسان سميت لکين غير ملڪين جو روزگار لڳو پيو آهي.​
    دمام ۾ سياحتي انقلاب:
    رب پاڪ جو هن ملڪ تي ڪو وڏو ڪرم آهي جو هن ملڪ کي قدرتي وسيلن سان مالامال ڪري ڇڏيو اٿس، پر انسان ته وري به خطاڪار آهي. ڳالهه جو مقصد اهو ته تيل صاف ڪرڻ وارن ڪارخانن Oil Refineries ۾ ويچارن غير ملڪين جي ڏينهن رات ڪم ڪري ڪري ٻيڙي ٻڏي وئي، تيل ته نڪتو پر ان جي قيمت وري عالمي منڊيء OPEC ۾ پئي لڳي، ٻيو وڏو الميو هن ملڪ سان اهو جيڪو مٿي بيان ڪري آيس ته هيڏا وڏا صنعتي شهر هجڻ جي باوجود به هي ملڪ عام واهپي جي شين لاء ٻين ملڪن جو محتاج. سو اڃا ڪي ٻيا ڪمائيء جي طريقا سوچيندي کين سياحت کي هٿي وٺرائڻ وارو خيال اچي ويو. ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڪجھ ئي سالن ۾ سعودي عرب ۾ سياحت به هڪ صنعت جي شڪل اختيار ڪري چڪي آهي. ملڪ جي تقريبن هر شهر ۾ سيروتفريح لاء باغيچا ضرور ملندا. تاريخي جاين کي به اهڙي نموني سنواري ڇڏيو اٿن جو ڏسڻ وارو دنگ رهجيو وڃي. ڳالهه هلي پئي دمام جي ته دمام جي سيروتفريح جي لحاظ کان ڪهڙي ڳالهه ڪجي. ڪارنِش Corniche سامونڊي پٽي الجُبيل کان جو شروع ٿئي ٿي ته ان ۾ هن صوبي جا تقريبن سڀ شهر اچيو وڃن ۽ انت وڃي ٿي ڪري قطر جي بارڊر سان. ان سموري سامونڊي پٽيء تي هر شهر ۾ ڪيترائي خوبصورت پارڪَ ۽ انهن ۾ من موهيندڙ نظارا اچيو وڃن. لوڪل گورنمينٽ انهن باغيچن کي اهڙو ته سنواري ڇڏيو آهي جو رات ٿيندي ئي ائين لڳندو آهي ڄڻ تارا زمين تي لهي آيا هجن. خاص ڪري هفتي جي پُڄاڻيء تي هنن باغيچن ۾ پير رکڻ جي جڳهه ناهي هوندي. ڪُٽنبن جا ڪُٽنبَ گھر ساڙيو هت اچي ويهن پوء سڄي سڄي رات ويٺا بار بي ڪندا ۽ مڇي پڪڙيندا وتن. دمام واري ڪارنش تي ته ڪنارن کي پهاڙي پٿرن سان وڌائي سمنڊ اندر ڀرائي ڪري هوٽلون ۽ نوان باغيچا ٺاهڻ جو ڪم ته هلندو ئي رهي ٿو. ان جو هڪ سهڻو مثال وري دمام ڪارنش وٽ ئي ٺهيل هٿرادو جزيرو المرجان آئلينڊ آهي.​
    دمام ڪارنش جي ڀِڪَ ۾ ئي روڊ ڪراس ڪري پرئين پاسي وري مارينا مال Marina Mall آهي. هونئن ته دمام ۽ الخبر ۾ ڪيترائي وڏا وڏا خريداريء جا مرڪز آهن پر مرينا مال گھمڻ لاء هڪ سڄو ڏينهن به ڪافي ناهي. دمام ڪارنش تي پڪنڪ لاء ايندي گھران ڪجھ ٺاهي کڻي آيا آهيو ته ڀلو، نه ته ڀر ۾ ئي هيرٽيج وِليج نالي هڪ هوٽل ۾ هليا وڃو. داخلا ٽڪيٽ ڏهه ريال الڳ، باقي جيڪو کاڌو پيتو. ان هوٽل جي خاص ڳالهه اها آهي ته اندر داخل ٿيڻ ساڻ ئي ڏندي آڱريون اچيو وڃن، اندر جي ماحول مان ائين لڳندو جهڙو ڪو هڪ صدي اڳ جي ڪنهن دنيا ۾ اچي ويا هجو. کائو پيو، پوء هاضمي لاء وري فرسٽ فلور تي تاريخي ميوزيم جو رُخ ڪيو. جتي سعودي عرب جي تاريخ سان سلهاڙيل ڪيتريون ئي ناياب شيون موجود آهن. تاريخ سا دلچسپي رکڻ وارن لاء ان هوٽل ۾ ڪو وڏو مواد ته ناهي، پر دمام ميوزيم اها اُڃ اُجھائي سگھي ٿو.​
    دمام سِٽي سينٽر يا دمام جو صدر کڻي چئجي اتي هي تاريخي ميوزيم ۽ لائبريري موجود آهن. ميوزيم ۾ مختلف وقتن جي خليفن جون لِکيل تحريرون، سندن ڪَتبَ ۾ ايندڙ سامان ۽ قديم نقشا وغيره موجود آهن. دمام جي چوگرد چار سو کن تاريخي ماڳن جي ڪري هن ميوزيم جي اهميت پوري ملڪ ۾ اهم آهي.​
    هڪ ٻيو سيروتفريح جو ماڳ جيڪو سياحن کي پاڻ ڏانهن ڇڪيو اچي سو آهي King Fahad Causeway، جنهن کي وري هِت ماڻهو آسان لفظن ۾ بحرين واري پُل سڏين. 25 ڪلوميٽر ڊگھي هيء پُل دمام جي پاڙيسري شهر الخُبَر کان پوري سعودي عرب کي بحرين جي راڄڌانيء سان ڳنڍي ٿي. ٻنهي ملڪن کي ان پُل ذريعي ڳنڍڻ جو مقصد تجارت ۽ سياحت کي هٿي وٺرائڻ هو. 1981ع کان 1986ع تائين جي وچ ۾ جُڙي تيار ٿيڻ واري هن پُل جي تقريبن وچ تي سعودي عرب کي دمام کان الڳ ڪرڻ لاء حد بندي ڪندي هڪ نهايت ئي مَنَ کي موهيندڙ هٿرادو جزيرو ٺاهيو ويو. جيڪو هڪ قسم جي چيڪ پوائنٽ آهي. ان جزيري تي ٻه خوبصورت مسجدون، پُل جي انتظاميا ۽ ڪوسٽ گارڊز جون آفيسون، هڪ 65 ميٽر ڊگھي ٽاور واري هوٽل ۽ ٻيون ننڍيون وڏيون هوٽلون ۽ باغيچا پڻ موجود آهن. ان ٽاور واري هوٽل ۾ اندر داخل ٿيڻ جي ٽڪيٽ 10 ريال آهي، لفٽ ذريعي مٿي ويندي بالڪل ٽاپ فلور تان هڪ پاسي سعودي عرب جو نظارو ته ٻئي پاسي بحرين جو نظارو، وچ ۾ سمنڊ جو نظارو اهڙو جو بس اُتي ويٺو ئي هُجِجي. ڪافي وقت کان اها ٽاور واري هوٽل ڪن سببن جي ڪري بند آهي. هفتي جي پُڄاڻيء تي بحرين وارا الخُبَر ۽ دمام جو رُخ ڪن ته وري هتان وارا بحرين جو. وچ واري هٿرادو جزيري تي به ماڻهن جو ايترو ميڙ رهي ٿو جو پير رکڻ جي جاء نه ملندي آهي.​
    دمام جي هڪ پاسي عربي/ فارسي نار ۽ ٻئي پاسي وري رِڻُ هجڻ ڪري ڪيترائي سعودي ڪُٽنب وري موڪلن وارن ڏهاڙن تي رڻ جو رُخ ڪن. جھوپڙيون، رڌ پچاء جو سامان ۽ ٻيو ضرورت وارو گھريلو سامان ساڻ ڪيو ٻه ٽي راتيون اچي رڻ ۾ گُذارين. چوندا آهن نه ته هر شيء پنهنجي اصلَ ڏانهن ضرور موٽ کائي ٿي ته هنن عربن وارو به اهو ئي قصو آهي. کين رڻ سان پراڻي نسبت آهي، توڙي جو اڄڪلهه هنن وٽ زندگيء جون سڀ سهولتون موجود آهن پر پوء به رڻ ۾ راتيون گذارڻ هنن جي پسنديده پڪنڪ آهي.​
    دمام جا حال احوال کٽڻ جهڙا ته ناهن، اڃا ته هن ليک ۾ دمام ۽الخبر جي ٻن ٽن ماڳن جو ذڪر ڪيو آهي، پر سيروتفريح جي حساب سان صرف دمام تي ڪتابن جا ڪتاب لکجي سگھجن ٿا. ڇاڪاڻ جو سعودي حڪومت جو اڄڪلهه گھڻي کان گھڻو لاڙو سيروتفريح جي ماڳن ۽ ثقافتي ميلن منعقد ڪرائڻ ڏانهن آهي. دمام جي مختصر تاريخ، صنعتي انقلاب وغيره کانپوء دمام ۽ ڀر پاسي جي شهرن جا باقي تفريحي ماڳ ۽ ٻيو حال احوال وري ڪنهن ٻئي ليک ۾ جاري رکبو.​
    [​IMG]
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    هتان جڏهن به سعودي وڃڻ جو خيال ٿئي ته عمري يا حج جي ادائيگي ذهن ۾ ايندي آهي۔ هاڻي سعودي عرب ۾ وڃي شهر گهمجن اهو ڪم به ڪو سولو ناهي۔ ها باقي اتي رهندڙ ان مان ڪيئن ٿا فائدو حاصل ڪن اها ٻي ڳالهه آهي۔

    دمام بابت اوهان جي لکڻي وڻي ۔۔۔ ايئن سمجهو ته هڪ سفرنامو هيو جنهن ذريعي اوهان دمام پيا گهمايو۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. faheemquest

    faheemquest
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2011
    تحريرون:
    89
    ورتل پسنديدگيون:
    197
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    383
    ڌنڌو:
    civil engineer
    ماڳ:
    قطر
    ادا وساڻ صاحب اميد ته اوهانجي طبيعت ٺيڪ هوندي۔وقت ڪڍي ليک پڙهڻ لاء لک لائق۔ ادا دمام جا اڃا جام عجوبا وري جلد ٻئي ليک ۾ ايندا انشاالله۔۔۔۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو