• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سندي ۾ ويب سائيٽ بنائڻ سکو

جهاندادسمون

سينيئر رڪن
سندي ۾ ويب سائيٽ بنائڻ سکو

ڪجهه ڪتاب بابت​
جئين ته مون هن کان پهرين” پنهنجي ويب سائيٽ پاڻ ٺاهيو“ جو قسط وار مضمون شروع ڪيو جنهن کي ڪافي دوستن پسند ڪيو ۽ وڌيڪ رهنمائي جي لاءِ اي ميلز ڪيون. پر آءُ ٽائيم جي ڪمي جي ڪري انهي مضمون کي قسط وار باقاعدگيءَ سان شايع نه ڪري سگھيس. ان بعد مون انهي کي اي بُڪ ۾ ترتيب ڏيئي دوستن سامهون پيش ڪرڻ جو سوچيو. هاڻ منهنجي جيڪا محنت آهي اها توهان جي سامهون آهي ۽ مون هي ڪتاب انهي مقصد سان لکيو آهي ته جئين سنڌي دوست انهي کي پڙهي ۽ رهنمائي حاصل ڪري سنڌي ويب سائيٽ ترتيب ڏيئي سگھن. آءُ ان وقت پنهنجي محنت کي ڪامياب تصور ڪندس جڏهن توهان ڪتاب پڙهي ڪا سنڌي ويب سائيٽ نيٽ جي دُنيا تي آڻيندا.
هن ڪتاب ۾ مون ڪوشش ڪئي آهي ته آسان مضمون سان توهان کي ويب سائيٽ ٺاهڻ متعلق معلومات سمجھايان. انهي کي وڌيڪ آسان بنائڻ جي لاءِ تصويري سمجھاڻي پڻ ڏني اٿم. ڪتاب ۾ مڪمل رهنمائي موجود آهي جيڪا توهان کي ڪا سُٺي ويب ڊزائينگ لاءِ گھربل آهي ۽ هاڻ سڄي ڳالهه توهان جي توجه ۽ محنت تي آهي. توهان جيتري توجه سان محنت ڪندا اوتري ڪاميابي حاصل ڪري سگھندا. انهي کان علاوه توهان کي ڪنهن به مرحلي تي ڪنهن به قسم جي مشڪل درپيش هجي ته اي ميل ايڊريس تي رابطو ڪري انهي مشڪل جو حل حاصل ڪري سگھجي ٿو.

ڊائونلوڊ ڪرڻ هتي ڪلڪ ڪجو
 
ادا حاضر اهيون
dh9xqd.jpg
 
ادا تمام بهترين شيئرنگ آهي مٺا توهان جي هڙين شيئرنگس جو انتظار رهندو، پر هي تصوير ڇا جي لاءِ
 
Back
Top