زال ۽ مڙس ۾ جهيڙو جڏهن روز روز ننڍين ننڍين ڳالهين تان ٿيڻ لڳو ته ٻنهي فيصلو ڪيو ته ان جو اعلاج خاموشي آهي۔۔۔
فيصلي وارو ڏينهن گذريو رات ٿي ۔۔۔ اچانڪ مڙس کي ياد آيو ته صبح 5 بجي واري گاڏي ۾ کيس شهر هڪ اهم ميٽنگ لاءِ وڃڻو آهي۔۔۔ان سلسلي ۾ هن کي زال کي ٻڌائڻو هو ته کيس صبح جو 5 بجي ننڊ مان اٿاري۔۔۔پر هن نه پئي چاهيو ته پاڻ پهريان خاموشي ٽوڙي ۽ ويڙهه هارائي ان ڪري هن هڪ ڪاغذ کنيو جتي ”مهرباني ڪري مون کي صبح جو 5 بجي اٿارجان۔۔۔“ لکي اهڙي جڳهه تي رکيو جتي سندس زال وقت سر ڏسي سگهي۔۔۔
صبح ٿيو مڙس ننڊ مان اٿيو ۽ گهڙي تي نظر وڌائين ۔۔۔ صبح جا 9 وڄي رهيا هئا۔۔۔ مڙس جا ته تاڪ وڄي ويا۔۔۔ هن ڪاوڙ ۾ زال کي ڪجهه چوڻ ٿي چاهيو ته هن جي نظر بستري جي ڀرسان رکيل ميز تي موجود هڪ ڪاغذ تي پئي ۔۔۔ ڪاغذ تي لکيل هو۔۔۔
”اٿو۔۔ صبح جا 5 ٿيا آهن۔۔۔“