سنڌ ۽ پنجاب پاران پاڻي ورڇ لاءِ نئون ”ڪراپ ڪلينڊر فارمولا“ متعارف

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ janisp طرفان آندل موضوعَ ‏23 فيبروري 2010۔

  1. janisp

    janisp
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 فيبروري 2010
    تحريرون:
    38
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    ٽنڊو محمد خان
    سنڌ ۽ پنجاب پاران پاڻي ورڇ لاءِ نئون ”ڪراپ ڪلينڊر فارمولا“ متعارف:
    چشما لنڪ ڪئنال عارضي طور تي بند

    لاهور (رپورٽ:شڪيل ملڪ) پنجاب حڪومت سنڌ جي سخت احتجاج کانپوءِ چشما جهلم پاور پراجيڪٽ تان هٿ کڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، جڏهن ته پاڻي ورڇ بابت ٻنهي صوبن جي سيڪريٽرين جي صدارت ۾ ٿيل ٽيڪنيڪل ماهرن جون ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون آهن، جنهن ۾ ڪراپ ڪلينڊر تحت پاڻي ورڇ تي اتفاق ڪيو ويو، پنجاب چشما جهلم لنڪ ڪئنال کي رڳو سنڌو درياءَ مان پنهنجي حصي واري پاڻي مان ئي هلائيندو، ان حوالي سان ڪالهه پنجاب جي آبپاشي کاتي جي ڪاميٽي روم ۾ ڌرين ۾ ڳالهيون ٿيون، سنڌ جي وفد جي اڳواڻي سنڌ جي آبپاشي واري سيڪريٽري شجاع جوڻيجو ڪئي، وفد ۾ آبپاشي کاتي جو ڪنسلٽنٽ ادريس راجپوت ۽ شهباز احمد شامل هئا، جڏهن ته پنجاب طرفان صوبائي وزير راجا رياض به ڳالهين ۾ ڪجهه دير لاءِ شرڪت ڪئي، ان کان اڳ پنهنجي آفيس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پنجاب جي آبپاشي واري صوبائي وزير راجا رياض چيو ته ڪراچي واري اجلاس ۾ طئي ڪيو ويو هو ته پاڻي جي مسئلي کي سياسي نه ٿيڻ ڏنو ويندو، مسئلي کي بهتر نموني حل ڪيو ويندو، هن چيو ته سنڌ ۾ سيزن پنجاب کان هڪ مهينو اڳ شروع ٿي ويندي آهي، ان صورتحال کي سامهون رکندي ٻئي صوبا گڏجي پاڻي ورهاست جو فيصلو ڪن ۽ پوءِ اهو فيصلو ارسا جي حوالي ڪن، هن چيو ته انهي باوجود 1991ع وارو ٺاهه اثرائتو آهي، ارسا کي ان مطابق پاڻي جي ورهاست جي فيصلي جو اعلان ڪرڻو آهي، اسان رڳو پنهنجون تجويزون ڏينداسين، جڏهن ته فيصلي جو اعلان به ارسا ئي ڪندي، هن چيو ته سنڌ ۾ فصل اڳ ۾ پوکيو ويندو آهي ان ڪري پنجاب پنهنجي حصي جو پاڻي سنڌ کي ڏيندو، بعد ۾ گهرج وقت سنڌ پنهنجي حصي جو پاڻي پنجاب کي ڏيندي، راجا رياض چيو ته اسان ڀائرن وانگر فيصلو ڪنداسين ۽ اعتماد واري فضا کي قائم ڪيو ويندو، هن چيو ته اسان اپر سائيڊ (منڍ) تي آهيون، جڏهن ته سنڌ پڇڙي تي آهي، سندس ضرورت کي سامهون رکڻ اسان جو فرض آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪراچي واري گڏجاڻي ۾ طئي ٿي چڪو آهي ته سنڌ کي چشما ٿرمل پاور تي جيڪي اعتراض آهن ان حوالي سان نيپرا ۾ اپيل داخل ڪئي ويندي، جيڪڏهن نيپرا ان رٿا کي رد ڪري ڇڏيو ته اسان منصوبو نه لڳائينداسين، اهو منصوبو لڳائڻ اسان جي خواهش ناهي نه وري ترجيح آهي، ڇاڪاڻ ته ان سان ايتري گهڻي بجلي پيدا نه ٿيندي، راجا رياض چيو ته اسان فيصلو نيپرا تي ڇڏيو آهي، نيپرا جيڪو به فيصلو ڪندي اسان ان کي تسليم ڪنداسين، هن چيو ته ان فيصلي تي مسلم ليگ به اتفاق ڪيو آهي، جڏهن اهو فيصلو ڪيو ويو هو ته ان وقت سينيئر صلاحڪار سردار ذوالفقار کوسا موجود هو، راجا رياض چيو ته هونئن به اها پارٽين جي ڳالهه نه پر صوبن جي ڳالهه آهي، اهو سنڌ ۽ پنجاب ۾ بهتر فضا کي اڳتي وڌائڻ طرف قدم آهي، هن چيو ته چشما جهلم لنڪ ڪئنال کي بند نه ڪيو ويندو پر اهو فيصلو ڪيو ويندو ته ان ۾ پاڻي ڪڏهن ۽ ڪيترو ڇڏڻو آهي، هن چيو ته هي جمهوري حڪومت آهي اسان جهڙي طرح اين ايف سي ايوارڊ جو فيصلو ڪيو آهي، اهڙي طرح پاڻي جو مسئلو به سٺي نموني حل ڪري وٺنداسين، جڏهن ته هاڻي به پنجاب وڏي ڀاءُ جو ڪردار ادا ڪندو، راجا رياض چيو ته ڏکڻ پنجاب پنجاب جو حصو آهي، ان کي پاڻي ڏئي رهيا آهيون، هوڏانهن ڳالهين جي پڄاڻي تي ٻنهي صوبن جي سيڪريٽرين گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪيو، پنجاب جي آبپاشي واري سيڪريٽري رب نواز باجوه چيو ته اڄ جون ڳالهيون انتهائي خوشگوار ماحول ۾ ٿيون آهن، پاڻي جي ورهاست جي حوالي سان سموريون غلط فهميون رابطي جي فقدان سبب آهن، ان لاءِ رابطا جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي، هن چيو ته پاڻي اسان سڀني جو گڏيل اثاثو آهي، جيڪو اسان کي پنهنجي هاري کي ڏيڻو آهي، هن چيو ته هاڻي پاڻي جي ورهاست ڪراپ ڪلينڊر تحت ڪئي ويندي، جڏهن اسان جي سنڌ جي هاري ڀاءُ کي پاڻي جي ضرورت هجي ته ان کي پاڻي ڏنو وڃي ۽ جڏهن پنجاب جي هاري کي ضرورت هجي ته ان کي پاڻي ملي، هن چيو ته نئين فارمولا سان ڪنهن جي حصي جو پاڻي ٻئي ڪنهن کي نه ملندو پر ورهاست جو فيصلو 1991ع واري ٺاهه جي روشني ۾ ئي ڪيو ويندو، هن چيو ته هن وقت پاڻي جي 30 سيڪڙو کوٽ آهي، اها کوٽ پنجاب ۽ سنڌ ۾ ورهائي ويندي، هن چيو ته ڳالهين جا منٽس تيار ڪري ان کي سياسي قيادت جي حوالي ڪيو ويندو، جيڪا ان تي حتمي فيصلو ڪندي، سنڌ جي آبپاشي سيڪريٽري شجاع جوڻيجو چيو ته پڇڙي جي هارين کي ترجيحي بنيادن تي پاڻي ملڻ گهرجي، جنهن جو جيڪو حق آهي اهو ملي، هن چيو ته جيڪي به قدم کنيا ويندا اهي 1991ع واري ٺاهه جي روشني ۾ ٿيندا، هن چيو ته سي جي پاور پراجيڪٽ جو معاملو نيپرا وٽ ٻڌڻي هيٺ آهي، ان منصوبي خلاف سنڌ اپيل داخل ڪئي آهي، ان حوالي سان هن فورم تي وڌيڪ ڪجهه نٿو چئي سگهان، هن چيو ته اسان چشما جهلم لنڪ ڪئنال کي بند ڪرڻ جو مطالبو ناهي ڪيو، جيڪڏهن پنجاب ان کي وڌيڪ هلائڻ چاهي ٿو ته سنڌو درياءَ مان پنهنجي حصي جو پاڻي کڻي، ٻئي طرف ٽيڪنيڪل ماهرن جي اجلاس ۾ پنجاب سنڌ جي موقف کي تسليم ڪندي يقين ڏياريو ته کوٽ وقت جيڪڏهن چشما جهلم لنڪ ڪئنال کي کوليو ويو ته پنجاب سنڌو درياءَ تي واقع ٻين واهن مان پاڻي نه کڻندو، نه رڳو اهو پر پنجاب حصي کان وڌيڪ پاڻي به نه کڻندو، ذريعن موجب اجلاس دوران سنڌ موقف اختيار ڪيو ته چشما جهلم لنڪ ڪئنال فلڊ ڪئنال آهي، ان تي بجلي گهر جو منصوبو فزيبل نه آهي، ان حوالي سان پنجاب حڪومت جو اهو موقف آهي ته اهو پرائيويٽ ڪمپني جو منصوبو آهي ته پوءِ پنجاب حڪومت به سنڌ کي سپورٽ ڪري، جنهن تي پنجاب حڪومت جي نمائندن موقف اختيار ڪيو ته اسان کليل نموني ان جي مخالفت نه ٿا ڪري سگهون ڇاڪاڻ ته هن وقت پنجاب ۾ ٻيا اهڙا به منصوبا جاري آهن، جن تي پرائيويٽ ڪمپنيون سرمائيڪاري ڪري رهيون آهن، اهڙي قدم سان هو سرمائيڪاري نه ڪنديون، اجلاس ۾ سنڌ طرفان موقف اختيار ڪيو ويو ته چشما جهلم لنڪ ڪئنال پنجاب پنهنجي حصي مان هلائي ان لاءِ سنڌو درياءَ مان اضافي پاڻي نه کنيو وڃي، پنجاب ان کي تسليم ڪيو ۽ يقين ڏياريو ته پنجاب پنهنجي طئي ٿيل حصي مان ئي چشما جهلم لنڪ ڪئنال لاءِ پاڻي کڻندو.پنجاب حڪومت جي سفارش تي ارسا في الحال تڪراري سي جي لنڪ ڪئنال بند ڪري ڇڏيو، ارسا جي 12 فيبروري تي منظور ڪيل پلان تحت سنڌو درياءَ تي صوبي جو اڃا سوا ايم اي ايف جي لڳ ڀڳ پاڻي جو حصو برقرار، صوبو آئينده سي جي کولڻ سميت اهو پاڻي کڻڻ جو حق رکي ٿو، صوبي پاران پنجند مان 0.3 ايم اي ايف پاڻي واپس ڪرڻ وارو مامرو ختم، ذريعن مطابق پنجاب حڪومت جي آگاهي تي ارسا ڪالهه تڪراري سي جي لنڪ ڪئنال بند ڪري ڇڏيو آهي، ڄاڻايل ڪئنال 12 فيبروري تي کوليو ويو هو، ذريعن مطابق ڪئنال جي وارا بندي کانپوءِ پاڻي صورتحال تي غور دوران صورتحال اها سامهون آئي ته سنڌو درياءَ ۾ پاڻي موجودگي وڌي وئي، جڏهن ته جهلم-چناب ۾ گهٽجي وئي، جنهن جي بنياد تي سنڌوءَ تي پناجب جو حصو 1.48 ايم اي ايف رهيل ظاهر ٿيو، جيتوڻيڪ ارسا جي 11 فيبروري تي ايڊوائيزري ڪاميٽي جي اجلاس ۾ سنڌ ۽ بلوچستان ارسا جا اهي انگ اکر مڃڻ کان انڪار ڪيو هو پر ارسا 12 فيبروري تي ٿيل اجلاس ۾ اٿارٽي جي پاڻي پلان جي منظوري ڏني، جنهن تحت سنڌوءَ تي پنجاب جو ربيع جي رهيل سيزن لاءِ حصو 1.48 ايم اي ايف تسليم ڪيو ويو، جنهن مان پنجاب هينئر تائين 0.12 يا 0.13 ايم اي ايف پاڻي کڻي چڪو، باقي پاڻي کڻندو، ذريعن مطابق جيتوڻيڪ پنجاب سي جي لنڪ ڪئنال بند ڪيو پر جيڪڏهن هو چوندو ته حصي جو پاڻي سي جي مان ڏنو وڃي ته ارسا ٻيهر پاڻي فراهم ڪندي، پنجاب پاران ڊسمبر کان جنوري جي آخر تائين سنڌوءَ مان اضافي کنيل 0.4 ايم اي ايف پاڻي مان رهيل 0.3 ايم اي ايف جهلم-چناب زون مان پنجند ذريعي واپس ڪرڻ واري سوال تي ذريعن چيو ته سنڌوءَ تي پنجاب جي حصي جو پاڻي ثابت ٿيڻ کانپوءِ اهو پاڻي ايڊجسٽ ٿي ويو.سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته سنڌ- پنجاب ڳالهين جي نتيجي ۾ چشما- جهلم لنڪ ڪئنال بند ٿيو آهي، ٻنهي صوبن وچ ۾ پاڻي مسئلو 91ع ٺاهه تحت حل ڪرڻ تي اتفاق وڏو بريڪ ٿرو آهي، ڪجهه دوستن کي جهيڙي ۽ ٽڪراءُ ۾ مزو ٿو اچي پر اسان مفاهمتي واٽ اختيار ڪئي آهي، سنڌ ۾ ايڊمنسٽريٽرن جي مقرري بعد 120 ڏينهن ۾ بلدياتي اليڪشن ٿيندي، مهيني ۾ نئون بلدياتي قانون اسيمبلي مان منظور ڪرايو ويندو. ڪجهه مونجهارا آهن جيڪي اتحادين جي مشاورت سان حل ٿي ويندا، ڪالهه حيدرآباد۾ پ پ سنڌ ڪائونسل جي اجلاس کانپوءِ سرڪٽ هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته اين ايف سي کانپوءِ پاڻي جو ٻيو وڏو مسئلو آهي. اڳي اينٽي ڪالاباغ ڊيم ايڪشن ڪاميٽي ٺهيل هئي. جنهن جي سرگرمين جو مرڪز حيدرآباد هو ۽ پ پ ان ڪاميٽي ۾ اڳيان هئي، هاڻي ڪالاباغ ڊيم جو فيصلو ٿي چڪو آهي، ان ڪري ڪاميٽي به ختم آهي، ڪاميٽي ۾ گريٽر ٿل ڪئنال جي ڪا ڳالهه نه هئي، اهو ته 75 سيڪڙو ٺهي چڪو هو، هاڻي ان کي ڪير ڊاهي ته نٿو سگهي، ڪجهه دوستن کي مزو ٿو اچي ته هن مسئلي تي جهيڙو ۽ ٽڪراءُ هجي، جيئن ڪنهن کي فائدو ملي پر اسان مفاهمت تحت ڪم ڪري ڪافي حد تائين مسئلو حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ چشما- جهلم لنڪ ڪئنال بند ٿي ويو آهي، مون اڳ ۾ شهباز شريف سان ڳالهايو، جنهن کانپوءِ پنجاب جو وفد آيو، اسان ان کي پنهنجون تڪليفون ٻڌايون ته پاڻي کوٽ سبب اڌ سنڌ سڪي وئي آهي.اسان پنهنجو درد محسوس ڪرايو، سنڌ- پنجاب پاڻي مسئلو 91ع ٺاهه تحت حل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي جيڪو وڏو بريڪ ٿرو آهي، هاڻي 91ع ٺاهه قانون جو حصو ٿي چڪو آهي، ٻئي ڏينهن وزير اعليٰ پنجاب مون سان ڳالهايو ۽ سندس خيال هو ته سنڌ کي حصي جو پاڻي ملڻ کپي. ڳالهين جي نتيجي ۾ ئي سي جي ڪئنال بند ٿيو آهي. آئون نٿو چوان ته پاڻي تڪرار هميشه لاءِ طئي ٿي ويو آهي پر هن سيزن ۾ پاڻي ملندو. جنهن سان ڪڻڪ جو فصل بچي ويندو ۽ ٽارگيٽ حاصل ڪري سگهبو، ارسا 30 سيڪڙو پاڻي کوٽ ڄاڻائي هئي پر سنڌ ۾ کوٽ 41 سيڪڙو تائين آهي، اسان جو خيال هو ته ٻيا صوبا کوٽ ۾ به حصيدار ٿيندا پر ائين نه ٿيو هن چيو ته ڳالهين کانپوءِ هاڻي اسان جو 6-7 هزار ڪيوسڪ پاڻي اچي ويندو. هن چيو ته چشما- جهلم فقط لنڪ ڪئنال آهي، اهو مستقل يا وقتي نه آهي، هن مسئلي تي سٺي ابتدا ٿي آهي پر اها انتها ناهي، هن مسئلي تي سي سي آءِ ۾ وڃڻ سميت سمورا آپشن موجود آهن، وڏي وزير چيو ته ملڪي اقتصادي صورتحال اها آهي جو وفاق سنڌ جي بجيٽ مان ڪٽوتي جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن سان وڏن ترقياتي پروگرامن جي متاثر ٿيڻ جو خطرو آهي، جڏهن ته سنڌ حڪومت پنهنجن پروگرامن جي بجيٽ ۾ ڪٽوتي ڪرڻ نه ڏيندي، هن چيو ته پوليس ۾ 5 هزار ڀرتيون ڪيون وينديون.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو