• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سُتي رات سنڌو منهنجي خواب ۾ آئـي

عابد بلوچ

سينيئر رڪن
سُتي رات سنڌو منهنجي خواب ۾ آئـي،
اچي ڪجھ چيائيـــن ۽ روئــــي ڏنائيــــن،
چيائين اڳوڻي نـ ڪا سهتي رهي آهـي،
نـ ڪا ملاحن جي ڪشتي رهي آهــي،
مان سازش وڏي سان سڪائي وئي آن،
مان پنهنجن هٿان بـ ستائــــي وئـــي آن،
مان پراون سان شامل پنهنجا ڏسان ٿي،
مان مهراڻ هوندي بـ صحرا لڳـــان ٿــــــي.
 
آءُ سوچيندو آهيان
سمجهان ٿو هي سوچ غلظ آهي
پر سوچ ته آهي
منهنجي ڌرتي تي هي حڪم ڪنهنجو هلي ٿو
منهنجي ڌرتي تي ظلم ڪير ڪري ٿو
جڏهن مون هي سوال پاڻ کان ڪيو
مُڙي جواب منهنجي من مان
مونکي مليو
مان ئي ظالم آهيان ۔
 
Back
Top