اسڪائيپ تي روزانو 2 ارب منٽ ڳالهه ٻولهه

'آئي ٽي بابت تازيون خبرون' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏17 سيپٽمبر 2013۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    ڪجهه مهينا اڳ اسڪائيپ اعلان ڪيو هو ته اسڪائيپ استعمال ڪرڻ وارن جو تعداد ايترو وڌي ويو آهي جو سندن وچ ۾ اسڪائپ تي روزانو 2 ارب منٽ ڳالهه ٻولهه ٿئي ٿي۔۔ هي وقت ڪيترو آهي۔۔ ان حوالي سان اسڪائيپ ڪجهه دلچسپ معلومات پڻ فراهم ڪئي آهي۔۔ اسڪائيپ جي مطابق 2 ارب منٽن ۾۔۔
    • زمين کان چنڊ ۽ چنڊ کان زمين تائين 225 هزار چڪر لڳائي سگهجن ٿا۔۔
    • 5400 دفعا مريخ جو چڪر لڳائي سگهجي ٿو۔۔۔
    • هڪ ڪروڙ سٺ لک موويز ڏسي سگهجن ٿيون۔۔
    • هوائي جهاز ۾ زمين جا ست لک دفعا چڪر لڳائي سگهجي ٿو۔۔۔
    • 845 دفعا زمين جو پيرين پنڌ چڪر لڳائي سگهجي ٿو۔۔۔
    ٻه ارب منٽ تقريبن 3400 سال جي لڳ ڀڳ ٿين ٿا۔۔ يعني اسڪائيپ استعمال ڪندڙ روزانو مجموعي طور 34 صديون اسڪائيپ تي گذارن ٿا۔۔۔
    اسڪائيپ دنيا ۾ انتهائي مقبول سافٽويئر مڃيو وڃي ٿو جيڪو وڊيو ۽ وائيس چيٽ لاءِ تمام گهڻو استعمال ڪيو وڃي ٿو۔۔ مائڪروسافٽ طرفان ڪجهه عرصو اڳ ئي هن کي خريد ڪيو ويو آهي۔۔ ۽ ڪجهه مهينا پهريان ئي هي اعلان ڪيو ويو آهي ته ونڊوز ميسينجر لائيو ۽ اسڪائيپ کي پاڻ ۾ ملايو پيو وڃي۔۔۔

    [​IMG]

    اسڪائيپ جي جاري ڪيل معلوماتي تصوير (انفو گرافڪ) پڻ هتي پيش ڪجي ٿو۔۔۔۔​
    [​IMG]

     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالرحيم

    عبدالرحيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2009
    تحريرون:
    630
    ورتل پسنديدگيون:
    581
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Computer Officer
    ماڳ:
    ميرپورخاص، سنڌ
    اسڪائپ جڏهن کان ماڪروسوفٽ ڪمپني وارن ورتو آهي تڏهن کان ان ۾ تيزي سان طرقي ٿي رهي آهي۔
     
  3. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    هن ۾ اسان ٿورو اضافو ڪري رهيا آهيون۔
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اسان ۽ اوهان جهڙا واندا ماڻهو هوندا ته تعداد جلد 4 ارب منٽن تائين پهچندو ۔۔۔۔ باقي ڪم سو سولو ٿي پيو آهي۔ مفت ۾ مزا ماڻيو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو