• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اسڪائيپ تي روزانو 2 ارب منٽ ڳالهه ٻولهه

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
MS_Skype1.jpg

ڪجهه مهينا اڳ اسڪائيپ اعلان ڪيو هو ته اسڪائيپ استعمال ڪرڻ وارن جو تعداد ايترو وڌي ويو آهي جو سندن وچ ۾ اسڪائپ تي روزانو 2 ارب منٽ ڳالهه ٻولهه ٿئي ٿي۔۔ هي وقت ڪيترو آهي۔۔ ان حوالي سان اسڪائيپ ڪجهه دلچسپ معلومات پڻ فراهم ڪئي آهي۔۔ اسڪائيپ جي مطابق 2 ارب منٽن ۾۔۔
  • زمين کان چنڊ ۽ چنڊ کان زمين تائين 225 هزار چڪر لڳائي سگهجن ٿا۔۔
  • 5400 دفعا مريخ جو چڪر لڳائي سگهجي ٿو۔۔۔
  • هڪ ڪروڙ سٺ لک موويز ڏسي سگهجن ٿيون۔۔
  • هوائي جهاز ۾ زمين جا ست لک دفعا چڪر لڳائي سگهجي ٿو۔۔۔
  • 845 دفعا زمين جو پيرين پنڌ چڪر لڳائي سگهجي ٿو۔۔۔
ٻه ارب منٽ تقريبن 3400 سال جي لڳ ڀڳ ٿين ٿا۔۔ يعني اسڪائيپ استعمال ڪندڙ روزانو مجموعي طور 34 صديون اسڪائيپ تي گذارن ٿا۔۔۔
اسڪائيپ دنيا ۾ انتهائي مقبول سافٽويئر مڃيو وڃي ٿو جيڪو وڊيو ۽ وائيس چيٽ لاءِ تمام گهڻو استعمال ڪيو وڃي ٿو۔۔ مائڪروسافٽ طرفان ڪجهه عرصو اڳ ئي هن کي خريد ڪيو ويو آهي۔۔ ۽ ڪجهه مهينا پهريان ئي هي اعلان ڪيو ويو آهي ته ونڊوز ميسينجر لائيو ۽ اسڪائيپ کي پاڻ ۾ ملايو پيو وڃي۔۔۔

windows-skype.jpg

اسڪائيپ جي جاري ڪيل معلوماتي تصوير (انفو گرافڪ) پڻ هتي پيش ڪجي ٿو۔۔۔۔​
skype_infographic.jpg

 
اسان ۽ اوهان جهڙا واندا ماڻهو هوندا ته تعداد جلد 4 ارب منٽن تائين پهچندو ۔۔۔۔ باقي ڪم سو سولو ٿي پيو آهي۔ مفت ۾ مزا ماڻيو
 
Back
Top