ڪتبخانا ۽ انهن جي اهميتماهه رخ بلوچمقصد ۽ سڌارا: ڪتبخانا علمي زندگيءَ جو اهم شعبو آهن. انهن جي ترقي ملڪي ترقيءَ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿي. ڪنهن ملڪ جي ترقي جو اندازو اُن ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته اُتي ڪيترا ۽ ڪهڙا ڪهڙا ڪتبخانا آهن. جارج برنارڊ شاهه جي خيال ۾ “ڪتاب تهذيب جي ترقي وٺرائڻ جو بهترين ذريعو آهن”. بقول ڊاڪٽر احسان رشيد جي ته جيستائين اسين پنهنجي ثقافت کي ترقي نه ڏينداسين، تيستائين ملڪي ترقي ناممڪن آهي، ۽ ثقافت جي ترقي جو دارومدار ڪتابن تي آهي. جيڪي ڪتبخانن ۾ موجود آهن. هڪ معروف محقق ٿامسن بار ٿولين جو چوڻ آهي ته ، ”ڪتاب کانسواءِ خدا خاموش آهي“ يعني الله تعاليٰ پنهنجي بندن جي رهبري ۽ رهنمائي جي لاءِ پنهنجو پيغام ڪتاب جي ذريعي ئي هن دنيا ۾ موڪليو ۽ اهي ڪتاب جن جي ايتري قدر اهميت آهي، جِتي به محفوظ هوندا آهن، ڪتبخانو چَورائيندا آهن. ڪتبخانا اُن وقت کان ئي قائم ٿيڻ شروع ٿي ويا، جڏهن کان انسان تحريري علم کي محفوظ ڪرڻ جي اهيمت کي سمجهي ڇڏيو هو، ائين به چئي سگهجي ٿو ته ڪتبخانن جو قيام اُن وقت عمل ۾ آيو، جڏهن تحرير جنم ورتو هو. ڪتبخانن جي باري ۾ اڪثر اهو احوال ڏنو ٿو وڃي، ته اهي ڪنهن به اداري جي دل هوندا آهن، ۽ اُهي هڪ معاشري جو ذهن يا دماغ هوندا آهن، ۽ اهو پڻ چيو وڃي ٿو ته هيءَ تهذيب جي ماضيءَ جو امانت خانو ۽ حال جي علمي سرگرمين کي مستقبل جي لاءِ قائم رکڻ جو هڪ اهم ذريعو آهن. ميڪالون جي چوڻ مطابق ڪتبخانن جا اهم ٽي مقصد هوندا آهن (1) عوام کي انهن ڪتابن جي مطالعي جو موقعو فراهم ڪرڻ جيڪي انهن کي بهتر ۽ سٺي زندگي مهيا ڪن. (2) عوام جي لاءِ معلومات مهيا ڪرڻ. (3) انسان ۾ اهڙيون صلاحيتون پيدا ڪرڻ، جيڪي معاشري جي لاءِ فائديمند هجن ۽ اهي صلاحيتون ڪتابن جي مطالعي سان حاصل ڪري سگهجن ٿيون. بهر حال، ڪتبخانن جو اصل مقصد هر ان شخص جي حقيقي ضرورت پوري ڪرڻ آهي، جيڪو ان جو رخ ڪري ٿو. ڪتبخانن جي ترقي، ملڪي ترقي ۽ قوم جي ترقي ۾ اضافي جو اهم سبب ٿي سگهي ٿي. ڇو جو ڪتبخانا علمي سرمائي جو مرڪز هوندا آهن. قومي تعمير ۽ ترقي ۾ ڪتبخانن جي اهميت هر دور ۾ تسليم ڪئي وئي آهي، جنهن قوم هن طرف جيترو گهڻو توجه ڏني آهي اها اوترو ئي ڪامياب رهي آهي. عوام جي ذهني تربيت جي لاءِ سڄي ملڪ ۾ ڪتبخانن جو ڄار وڇائڻ گهرجي. پر مسئلو هي آهي جو اسان جي ترقي پذير ملڪن وٽ ايترو سرمايو ناهي. جو بيشمار ڪتبخانا قائم ڪري سگهجن. اسان جي ملڪ ۾ تعليم ۽ ڪتبخانا اهميت جي لحاظ کان سڀ کان آخر ۾ اچن ٿا، بااختيار آفيسر عوامي جلسن ۾ تعليم ۽ ڪتبخانن جو ذڪر به وڏي جوش ۽ جذبي سان ڪن ٿا ۽ انهن جي اهميت ۽ افاديت تي به ڊگهيون تقريرون ڪن ٿا. پر عملي طره ڪتبخانن جي قيام ۽ ترقي جو مسئلو جڏهن انهن وٽ وڃي ٿو ته اهميت جي لحاظ کان اُن کي سڀ کان آخر ۾ رکيو وڃي ٿو. اِن ڪري هن مُشڪل کي آسان بنائڻ جي لاءِ ضرورت ان ڳالهه جي آهي، ته ڪتبخانن ۾ گڏيل تعاون جو بندوبست ڪيو وڃي. ترقي يافته ملڪن ۾ اِن قسم جو انتظام بهتر نموني سان موجود آهي. ڇو جو ان کانسواءِ بهتر لائبريري سورس مهيا نٿي ڪري سگهجي. انگلينڊ جي ڪتبخانن ۾ هڪ ڪتبخانو ٻئي ڪتبخاني کان ڪيتري قدر فائدو وٺي ٿو. ان ڳالهه جو اندازو هن مان لڳائي سگهجي ٿو. 1965ع ۾ يونيورسٽي لائبرير نيشنل سينٽرل لائبريري جي ذريعي 24448 ڪتاب اڌارا ڏنا، ۽ ريجنل سسٽم جي ذريعي 17445 ڪتاب اڌارا ڏنا. جن ۾ گهڻو ڪري عام ڪتبخانن (Public Libraries) جي لاءِ هئا. اهڙيءَ طرح يونيورسٽِي نيشنل سينٽرل لائبريري کان 1968ع جنوري تائين 10673 ڪتاب اڌارا ورتا. جنهن مان 13 سيڪڙو فيصد نيشنل سينٽرل لائبريري خود پنهنجي (Stock) مان مهيا ڪيا، ۽ 34 سيڪڙو کان 40 سيڪڙو فيصد ٻين يونيورسٽين يعني 15،10 فيصد پبلڪ لائبريريز کان، 87 سيڪڙو فيصد ٻين ملڪن کان، 83 فيصد علمي ادارن ۽ 4 سيڪڙو کان 15 سيڪڙو فيصد خاص ڪتبخانن کان وٺي ڏنا ويا. جديد دور ۾ لائبريري تعاون جي تمام گهڻي ضرورت آهي. اگر انهيءَ تي عمل ڪيو ويو ته ملڪ جي هر شهري کي علم حاصل ڪرڻ ۽ ڪتاب پڙهڻ جو پورو موقعو ملي سگهندو. اسان وٽ ڪانگريس لائبريري جهڙو ڪتبخانو ته موجود ناهي. پر جيڪڏهن اهڙو ڪو ڪتبخانو موجود هجي به ها تڏهن به اُهو ممڪن نه آهي جو سڄي ملڪ جو عوام اُن لائبريريءَ تائين پهچڻ ۾ ڪامياب ٿئي ها، اهڙو ڪو بندوبست هئڻ گهرجي، جو هڪ ڪتبخاني جا پڙهندڙ بئي ڪتبخاني جي ڪتابن مان علم جي اُڃ اجهائي سگهن. جيئن ته ڪتبخاني جو مقصد ئي انساني فڪر کي ۽ علمن کي جمع ڪرڻ ۽ انهن کي استعمال جي قابل بڻائڻ آهي. ترقي يافته ملڪن ۾ گڏيل تعاون جو نظام اڄ کان 67 سال پهرين 1931ع ۾ شروع ٿيو. 1931ع کان 1936ع تائين هن پروگرام تحت 1141 ڪتاب ٻين ملڪن کي موڪليا ويا. ۽ هي ڪم نيشنل سينٽرل لائبريري جي ذريعي سر انجام ڏنو ويو. آمريڪا ۾ 1956ع ۾ هي احساس پيدا ٿي چڪو هو ته، هڪ Central School Library هئڻ گهرجي، جيڪا اسڪول جي ڪتبخانن ۾ گڏيل تعاون پيدا ڪري. پر اسان جي ملڪ ۾ پرائمري اسڪول ۾ لائبريري جو تصور به موجود ڪونهي ۽ جيڪڏهن اتي ڪتبخانا موجود آهن به سهي پر نه هئڻ جي برابر. اسڪول ۾ لائبريري کي استعمال ڪرڻ وارا استاد ۽ شاگرد هوندا آهن. انڪري ٻنهي جي ضرورت مطابق ڪتابن، اخبارن ۽ رسالن جو انتخاب هئڻ گهرجي. اسڪول لائبريري جو ڪنهن ويجهي پبلڪ لائبريري سان واسطو هئڻ گهرجي. ان مان امداد به ملڻ گھرجي. جيئن پبلڪ لائبريري جي تعاون سان اسڪول لائبريري جي اڻاٺ کي ختم ڪري سگهجي، ڇو جو لائبريري ۾ ڪتاب جمع ڪرڻ جو مقصد ئي اهو آهي جو انهن ڪتابن جو وڌ کان وڌ استعمال ٿئي. لائبريري جو قيام هن امر جو اهم جز آهي ته، تعليم هميشہ جاري رهڻ وارو عمل آهي. ۽ لائبريري جي Staff جي ذمي ڪتبخاني کي (Uptodate) رکڻ لاءِ نهايت ضروري آهي. لهذا (Professinal Staff) کي به پنهنجي علم کي به Uptodate رکڻ لازمي آهي. (Librarian) جي اولين ذميواري هي آهي، ته هو لائبريري ۾ موجود مواد کي بهتر طريقي ترتيب ڏئي ۽ ڪلاسيفڪيشن ۽ ڪئٽلاگ ڪري، جئين پڙهندڙن تائين مواد جي رسائي آسانيءَ سان ٿئي ۽ ماڻهن کي علمي تحقيق ۾ سولائي ٿئي. عرب ملڪن ۾ (Librarian) جي لاءِ امين المڪتب يعني امين ڪتبخانا جي اصطلاح استعمال ٿئي ٿي. اها ته سڀني کي خبر آهي ته امين جو لقب يا خطاب حضرت مصطفيٰ جي محافظن کي اگر امين ڪتبخانا چئون ته مناسب ئي ٿيندو، ۽ هن مقصد نالي، لقب جو مان رکڻ اسان جي ديني فرضن ۾ شامل آهي. ڪتاب مقدس آهي. ڪتبخانا قابل احترام آهن، انهي لحاظ کان ”امين ڪتبخانو“ (Librarian) به قابل احترام ۽ قابل قدر آهي. پڙهندڙ ۽ شاگرد ته واقعي ان جو قدر ۽ عزت ڪن ٿا.پر اسان جا آفيسر ۽ اقتدار وارا انهن کي حقير، ڪمتر ۽ گهٽ سمجهن ٿا. اسان جي ملڪ ۾ لائبريرين (Librarian) کي چاق و بند Smart ۽ خوشگوار هئڻ گهرجي. جيئن ترقي يافته ملڪن ۾ ٿيندو آهي. بشرط انهن کي سهولتون، معاوضو ۽ مواد به اهڙي نموني مهيا ڪيو وڃي. جيئن ترقي يافته ملڪن ۾ ٿيندو آهي. ان جو مثال پنهنجي ئي ملڪ پاڪستان ۾ آمريڪن سينٽرل لائبريري، برٽس ڪائونسل لائبريري ۽ ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي جي لائبريري آهي. لائبرين Librarian کي واندڪائي واري وقت ۾ ڪتبخاني ۾ موجود مواد ڪتابن ۽ رسالن مان مختلف موضوعن تي مشتمل ڪتابيات Bibliographics ترتيب ڏيڻ گهرجن. اسان جي ڪتبخانن ۾ اخبارن ۽ رسالن جو ڍير لڳو پيو آهي. انهن کي پنهنجي ماضي جي علم جو سرمايو سمجهي محفوظ رکيو ويو آهي. انهن جي اهميت کان انڪار ته نه ٿو ڪري سگهجي، انهن مان فائدو ضرور وٺڻ گهرجي. پر جيئن ته هاڻي سائنس ايتري ترقي ڪئي آهي جو رسالن ۽ ڪتابن کي مائڪرو فلم ۽ مائڪرو فش پليٽن تي منُتقل ڪري، انهن کي ختم ڪري ڇڏڻ گهرجي. اهڙيءَ طرح گهٽ جڳهه تي گهڻو رڪارڊ رکي سگهجي ٿو، ۽ پراڻن ڪتابن ۽ رڪارڊ کي به محفوظ ڪري سگهجي ٿو. پر مائڪرو فش يا مائڪرو فلم ۽ ان سان متعلق سامان تمام گهڻو مهانگو ٿئي ٿو ۽ ان کي Use ڪرڻ جي لاءِ تربيت يافته عملو به کپي. انهن کي اهو ڪم ڪرڻ جي لاءِ جڳهه به اوتري کپي. ان لاءِ بهتر ٿيندو ته ڪنهن هڪ لائبريري ۾ ان جو انتظام ڪرڻ گهرجي ۽ ٻين ڪتبخانن کي مائڪرو فلم ٺاهي ڏيڻ اُتان جي سهولت مها ڪئي وڃي. اهڙيءَ طرح مائڪرو فلم جو هي يونٽ بهتر ڪم ڪري سگهي ٿو. يا ائين به ممڪن آهي ته نئين تعمير ٿيندڙ لائبريري ۾ اهڙو انتظام ڪيو وڃي ۽ ٻين ڪتبخانن کي مائڪرو فلم ٺاهي ڏيڻ جي سهولت مهيا ڪئي وڃي. ڇاڪاڻ جو اسان وٽ اهڙو انتظام ٿورن ڪتبخانن ۾ آهي. جئين هڪ مثال سنڌالاجي ڄامشورو لائبريري آهي. جتي مائڪرو فلمنگ جو ڪم بهترين نموني ٿئي ٿو. اڄ ڪلهه ڪمپيوٽر زندگي جي هر شعبي ۾ لازمي ٿي پيو آهي. ڪتبخانن ۾ ته ان جي سخت ضرورت آهي. سڀني ڪتبخانن کي (On-line) نظام ۾ ڳنڍيو وڃي تو ڪتبخانن جي (Services) ۽ ڪارڪردگي ۾ بي پناهه سهولت ۽ سولائي پيدا ٿي سگهي ٿي. ائين ڪرڻ سان ڀيٽ وارن ڪمن جيئن انڊيڪس، ببلو گرافي ۽ يونين ڪيٽلاگ وغيره ڏيڻ ۾ به سهولت ٿي پوندي. سڀني ڪتابن جي درجه بندي(Classification) ۽ ڪيٽلاگ سازي (Cataloging) مرڪزي ڪتبخانن ۾ ڪئي وڃي. انهن جا ڪارڊ ٺاهي، انهن جو هڪ سيٽ مرڪزي ڪتبخاني ۾ رکيو وڃي ۽ ان تي ڪتبخاني جو نالو ضروري رکيو وڃي ۽ اهڙيءَ طرح مرڪزي ڪتبخاني کي ۽ ڄاڻايل ڪتبخاني کي اهو معلوم ٿي ويندو ته، ڪهڙو ڪتاب ڪهڙي ڪتاب خاني ۾ موجود آهي ۽ ان جون ڪيتريون ڪاپيون آهن. اهڙيءَ طرح هڪ متحده ڪيٽلا يعني (Union Catalogue) ٺهي ويندو. اڄڪلهه مغربي ملڪن ۾ هي ڪم خودڪار مشين يعني Computer سر انجام ڏئي ٿو. ۽ هن ڪم کي (Library Automytoion) جون خدمتون ترقي يافته ملڪن ۾ به سڀني ڪتبخانن کي حاصل ناهن. پر پاڪستان ۾ هيءَ (Sercvice) شروع ناهي يا شايد ڪن وڏن ادارن ۾ شروع ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هجي. بهر حال هن جو استعمال وڏن ڪتبخانن ۾ ضرور هئڻ گهرجي. وقت جي بچت ۽ معلومات جي لاءِ هي Service تمام موزون ۽ فائديمند آهي. اڄڪلهه ماحول (Spoon Feeding) اسپون فيڊنگ جو آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ماڻهن ۾ خود علمي جي عادت پيدا ڪئي وڃي. لائبريرين (Librarian) جي ڪتاب سان محبت، حفاظت، انسانيت سان محبت ۽ علم سان محبت ئي اهي بنيادي وصفون آهن، جنهن سان هو هڪ سٺو لائبريرين (Librarian) چورائي سگهي ٿو. (Librarianship) هڪ مقدس پيشو آهي، لائبريرين جي اصل خوشي صرف ان ڳالهه ۾ هوندي آهي، جڏهن پڙهندڙن کي گهربل مواد بروقت مهيا ڪري ٿو. ڊاڪٽر رنگاناٿن (Dr. Ranga Nathan) فلاسافي آف لائبريرن شپ (Philasophy of Librarian- ship) کي پنهجن چند لفظن ۾ اهڙي خوبصورتي سان واقع ڪيو ويو آهي، جو هي (Idea) خيال بلڪل واضع ٿي وڃي ٿو. لائبريري جي نظام کي بهتر بنائڻ جي لاءِ ڪجهه نڪتن تي عمل ڪيو وڃي ته سڌارو اچي سگهي ٿو. (1) اسڪول ۽ ڪاليج جي لائبريري ۾ Staff جي ضرورت جو معيار مقرر ڪيو وڃي. (2) ڪتبخانن جي ڪارڪدگي جو جائزو وٺڻ جي لاڳو ڪيو وڃي. (3) ڪتبخانن ۾ باهمي تعاون وڌاڻ جي لاءِ قانون لاڳو ڪيو وڃي. (4) سڀني لائبريرن (Librarian) کي چيو وڃي ته هڪ مقرر وقت اندر ڪتابن جي درجه بندي (Classification) ۽ (Indexing) انڊيڪسنگ ڪن. (5) پبلڪ لائبريريز (Public Librares) جي تنظيم ۽ انتظام جي لاءِ هڪ آرڊيننس تيار ڪيو وڃي. (ڪتاب جو نالو: سرتيون، 2-1/ 1999ع، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو جي ٿورن سان)