ڦلپوٽو فقير
سينيئر رڪن
قومي اسيمبلي جو سومر ڏينهن 5 وڳي ۽ سينيٽ جو سومر ڏينهن ساڍي 4 وڳي تائين اجلاس ملتوي ڪيو ويو آهي، ٻن ڏينهن جي موڪل جي ڪري قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا اڪثر ميمبر پنهنجن پنهنجن علائقن ڏانهن روانا ٿي ويا آهن، جيڪي سومر ڏينهن اسلام آباد جي دوري تي ايندا ۽ سڄو هفتو وري کين اجلاسن ۾ شرڪت ڪرڻي آهي، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ مختلف وفاقي وزارتن پاران سنڌ کي نظر انداز ڪرڻ جي حوالن سان ڪيل اعترافن بابت اوهان سان اڄوڪي ڊائري ۾ احوال اوريندس پر ان کان اڳ اوهان کي اهو به ٻڌائيندو هلان ته قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ وزيرن جي عدم موجودگيءَ جون ته ميمبر دانهون ڪندا رهندا آهن، کين شڪايت رهندي آهي ته سندن سوالن جا جواب ڏيڻ لاءِ وزير موجود نه آهن، ڏسجي ته اها شڪايت درست به آهي، تازو ئي سينيٽ ۾ سينيٽ چيئرمين فاروق ايڇ نائيڪ وزيراعظم جي آءِ ٽي بابت صلاحڪار ۽ اڳوڻي اٽارني جنرل سردار لطيف کوسي جي درخواست تي ان جي وزارت آءِ ٽي ۽ ڪابينه سيڪريٽريٽ جا سوال ملتوي ڪري ٻئي ڏينهن جي اجلاس ۾ رکيا ته ان ڏينهن به ان جي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪري سگهڻ جي درخواست پهتي نه وري هو پاڻ ئي اجلاس ۾ آيو، ان تي سينيٽ چيئرمين فاروق ايڇ نائيڪ کي سردار لطيف کوسي خلاف ڪاوڙ جو اظهار ڪرڻو پيو ۽ اهو چوڻو پيو ته اهو رويو درست نه آهي، ائين ڪاوڙ جو اظهار قومي اسيمبليءَ ۽ سينيٽ ۾ گهرو وزير رحمان ملڪ لاءِ به ٿيندو رهيو آهي ۽ ٻين وزيرن لاءِ به ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويندو رهيو آهي، پر ڪالهه سينيٽ ۾ جواب ڏيڻ لاءِ وزير ته موجود نظر اچي رهيا هئا پر سوال ڪندڙ سينيٽ ميمبر ايوان ۾ موجود نه هئا، جنهن ڪري سوالن جوابن لاءِ وقفي دوران ڪيل هڪ ڪلاڪ جي وقت کان اڳ ئي گهڻي ڀاڱي ”ڪئسچن آور“ مڪمل ٿي ويو، ائين عدم دلچسپي جو مظاهرو قومي اسيمبلي جي اجلاسن ۾ به اڪثر طور نظر ايندو رهندو آهي، ڪڏهن ڪڏهن ته اسپيڪر کي مقر وقت کان 20 منٽن کان اڌ ڪلاڪ تائين اجلاس دير سان شروع ڪرڻو پوندو آهي، تڏهن به شروعاتي وقت ۾ ڪڏهن 50 ته ڪڏهن 100 کان وڌيڪ ميمبر نظر ايندا آهن، جڏهن ته قومي اسيمبليءَ جو ايوان 342 ميمبرن تي مشتمل آهي، هن سيشن جي هلندڙ ڪارروائي کي ڏسي مون کي ائين محسوس ٿي رهيو آهي ته هي سيشن ڄڻ ته ڏينهن (پارلياماني سال ٻئي جا) پورا ڪرڻ لاءِ هلي رهيو آهي، هاڻي اوهان کي وزيرن پاران ڏنل لکت ۾ سوالن جي جوابن بابت ٻڌائڻ گهران ٿو جن مان سنڌ سان زيادتي بلڪل واضح نموني نظر اچي ٿي، قومي اسيمبلي جي ايوان ۾ 15 فيبروري واري ڏينهن شهباز سليم جي سوال نمبر 2 جو جواب ڏيندي محنت جي وزارت ٻڌايو آهي ته گذريل سال 09-2008ع دوران وفاقي حڪومت 8 لک 34 هزار 927 ڄڻن کي پرڏيهي ملڪن ڏانهن روزگار لاءِ اماڻيو آهي جن ۾ 4 لک 8 هزار 105 پنجاب مان روزگار لاءِ پرڏيهه اماڻيا ويا آهن، جڏهن ته سنڌ مان 63 هزار 26 ڄڻا، سرحد صوبي مان 2 لک 46 هزار 27، بلوچستان مان 11 هزار 264، آزاد ڪشمير مان 63 هزار 244 ۽ ڏاکڻن علائقن مان 888 ڄڻا روزگار لاءِ موڪليا ويا آهن، حيرت ته ان ڳالهه جي آهي جو ان وزارت جو وزير سيد خورشيد شاهه آهي، جيڪو اڪيلو اهڙو سنڌ جو وزير آهي، جنهن مان سنڌ جو هر ضلعي جي ماڻهن کي گهٽ ۾ گهٽ شڪايتون ۽ وڌ ۾ وڌ ڪرڻ لاءِ تعريف هجي ٿي پر ان جي موجودگي ۾ اها وزارت سنڌ جيڪا آبادي جي اعتبار کان ملڪ جو ٻيو نمبر وڏو صوبو آهي ۽ آمدني ۽ وسيلن جي اعتبار سان ملڪ کي وڌ ۾ وڌ حصو ڏئي ٿي، ان جي ڀيٽ ۾ ڪشمير ۽ سرحد صوبي مان ماڻهو روزگار لاءِ پرڏيهه وڌيڪ وڃن، اها سنڌ سان زيادتي آهي، وري اچون ٿا سينيٽ جي ايوان ۾، جتي 12 فيبروري تي ٻڌايو ويو ته مذهبي مامرن جي وزارت ۾ 223 ملازم ڪم ڪري رهيا آهن، جن مان 148 پنجاب مان، سنڌ مان 17، سرحد صوبي مان 32 ملازم ڪم ڪري رهيا آهن، جڏهن ته 18 فيبروري واري ڏينهن سينيٽ ۾ مخدوم شاهه محمود قريشي بدران مخدوم شهاب الدين کي غلطي مان وزير لکيو ويو آهي، ان وزارت ٻڌايو ته پاڪستان جا دنيا ۾ مشن (سفارتخانن) ۾ گريڊ 16 کان 22 تائين جا 441 ملازم مقرر آهن جن مان گريڊ 22 ۾ 12 ڄڻا مقرر آهن جن ۾ 5 پنجاب ، 2 سنڌ، 3 سرحد، هڪ بلوچستان، هڪ فاٽا مان آهي، جڏهن ته 21 گريڊ ۾ 36 آفيسر ٻاهر مقرر آهن، جن مان 24 پنجاب، 5 سنڌ، 6 سرحد ۽ هڪ فاٽا سان تعلق رکندڙ ملازم آهي، گريڊ 20 ۾ 90 ملازم ڪم ڪري رهيا آهن، جن ۾ 45 پنجاب، 21 سنڌ، سرحد 14، بلوچستان 5، فاٽا 3، آزاد ڪشمير جا 2 ڄڻا شامل آهن. گريڊ 19 ۾ 106 ڄڻا ٻاهر مقرر آهن، جن مان 56 پنجاب، 21 سنڌ، 13 سرحد جا آهن، اهڙي ريت ٻاهرين ملڪن ۾ گريڊ 22 کان 16 تائين جا ڪم ڪندڙ 441 ملازمن ۾ 251 پنجاب، 83 سنڌ، سرحد 62، بلوچستان 16 ۽ فاٽا جا 22 آفيسر مقرر آهن ۽ 8 آزاد ڪشمير سان تعلق رکن ٿا.
رپورٽ ايم بي سومرو
روزانه ڪاوش جي ٿورن سان
رپورٽ ايم بي سومرو
روزانه ڪاوش جي ٿورن سان