• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اڄوڪو ڏينهن 17 سيپٽمبر تاريخ جي دري مان

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
اڄوڪي ڏينهن 17 سيپٽمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:

17 سيپٽمبر 1880ع سياسي ۽ سماجي اڳواڻ بئريسٽر عبدالرحمان (هالا) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
17 سيپٽمبر 1883ع سياستدان شيوا رام وزيراڻي (ٺٽو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
17 سيپٽمبر 1906ع ليکڪ، شاعر ۽ تعليمدان محمد اسماعيل عرساڻي (هالا) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
17 سيپٽمبر 1924ع اديب ۽ اسڪالر پوپٽي هيراننداڻي (حيدرآباد / بمبئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
17 سيپٽمبر 1927ع ديني عالم، اديب ۽ شاعر سلطان حيدر مرزا جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
17 سيپٽمبر 1936ع سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير اختر علي جي قاضي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
17 سيپٽمبر 1942ع پاڪستان جي نيوڪلائي فزڪس جي سائنسدان سمر مبارڪمنڊ جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
17 سيپٽمبر 1949ع نامور ديني عالم مولانا محمد ادريس ڏاهري جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
17 سيپٽمبر 1953ع سياستدان ۽ ايم ڪيو ايم جي باني الطاف حسين جو جنم ڏينهن آهي.
17 سيپٽمبر 1968ع اداڪار عبدالحسين ساريو جو جنم ڏينهن آهي.
17 سيپٽمبر 1969ع ناليواري ڪهاڻيڪار، ڊراما نگار ۽ صحافي طارق قريشي جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

17 سيپٽمبر 1590ع مخدوم نوح هالائيءَ جو لاڏاڻو ٿيو.
17 سيپٽمبر 1982ع مشھور سنڌي گائڪ آزاد صوفي (خيرپور/ احمدآباد) جو انتقال ٿيو.
17 سيپٽمبر 1966ع مشهور شخصيت عبدالستار جان سرهندي جو انتقال ٿيو.
17 سيپٽمبر 1990ع مذهبي اسڪالر پير غلام رسول سرهندي (مٽياري) جوانتقال ٿيو.

واقعا

1945ع – هونڊوراس اقوام متحدہ جو رڪن بڻيو.
1955ع – خان عبدالغفار خان بلوچستان ۾ داخلا تي لڳل پابندي باوجود بلوچستان پهتو تہ کيس گرفتار ڪيو ويو.
1973ع – باموس اقوام متحدہ جو رڪن بڻيو.
1974ع – جمھوريہ گني بساو اقوام متحدہ جو رڪن بڻيو.
1978ع – اسرائيل ۽ مصر ڪيمپ ڊيوڊ معاهدي تي صحيحون ڪيون.
1984ع – کٽمنڊو ۾ پھريون ڏکڻ ايشين فيڊريشن گيمز ٿيون.
1991ع – گڏيل مفادن واري ڪائونسل پاران انڊس واٽر سسٽم اٿارٽي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

حوالہ:

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
روزانہ ڪاوش
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
وڪيپيڊيا
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
 
Back
Top