• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

او ڪو ٻيو فهم

نثارابڙو

نائب منتظم

ڏيڻ وارو هٿ وٺڻ واري هٿ کان اوچو هوندو آهي.

الله جي رسول فرمايو هو ته؛ جڏهن انسان مري ويندو ۽ سندس حساب ڪتاب جو وقت ايندو ته کائنس الله تعالا پڇندو ته ؛

اي بندا! آءُ بيمار هيس تو منهنجو علاج نه ڪرايو؟
بندو چوندو ته اي منهنجا مالڪ! تون ته پاڻ حڪيم ۽ طبيب آهين، آءُ ڪيئن تنهنجو علاج ڪرائي ٿي سگهيس؟
رب العزت فرمائيندو! ياد ڪر تنهنجي پاڙي ۾ هڪ مسڪين بيمار هيو ۽ تو ۾ اها سگهه هئي جو تون سندس علاج ڪرائي سگهين ها ۽ جيڪڏهن تون انجي خبر لهين هان ته مونکي ان جاءِ تي حاصل ڪرين هان.

خلقڻهار وري فرمائيندو ته؛
اي بندا! آءُ بکايل هيس تو مونکي ماني ڳڀو نه کارايو؟
بندو عرض ڪندو ته اي رزاق! آءُ ته تنهنجو رزق کائيندو هيس، آءُ ڪيئن توکي کارائي ٿي سگهيس؟
ڪائنات جو رازق فرمائيندو! ياد ڪر تنهنجي پهچ ۾ هڪ مسڪين هر رات بکيو سمهندو هو ۽ توکي اها خبر هئي ته مسڪين وٽ ماني ڳڀو ناهي، جيڪڏهن تون سندس خبر لهين ته مونکي ان جڳهه تي حاصل ڪرين هان.

لطيف سرڪار فرمايو! او ڪو ٻيو فهم جنهن سان پسجي پرينءَ کي، اجهو هن وڊيو ۾ ڏنل پيغام ئي اهو ٻيو فهم آهي ... رب العالمين اسانکي ان ڳالهه جي سمجهه عطا فرمائي ۽ پنهنجي ماحول ۾ ڏيڻ واري هٿ جي توفيق عطا فرمائي ... آمين​
 
Back
Top