• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اچو ته سندي ٽائيپنگ سکو

جهاندادسمون

سينيئر رڪن
typing.jpg


ليکڪ: حبيب سنائي
اڄ ڪلهه هر گھر ۾ ڪمپيوٽر آهي. هر هڪ چاهي ٿو ته ان جي ٽائيپنگ اسپيڊ سٺي هجي. جيتوڻيڪ سوين ٽائيپنگ ٽيوٽوريل سافٽويئر به آسانيءَ سان دستياب آهن، پر پوءِ به اڪثريت انهن کي استعمالڻ نٿي گھري. ان نڪتي کي ذهن ۾ رکي هي مون انگريزي توڙي سنڌي ٽائيپنگ سکڻ جو ننڍڙو ٽيوٽوريل يا سکيا مواد ٺاهيو آهي. اميد ته نوان استعماليندڙ ان کي بغير ڪنهن استاد جي رهنمائي جي ڪم ۾ آڻي ٽائيپنگ سکي وٺندا.

هن ٽيوٽوريل ۾ ڏنل مشقن تي عمل ڪرڻ لاءِ اوهان کي ورڊ پئڊ يا مائڪروسافٽ ورڊ جي ضرورت پوندي. ان ڪري مائڪروسافٽ ورڊ جي ونڊو يا انٽرفيس وغيره تي به مختصر روشني وڌي ويئي آهي.

ڪتاب جي پهرئين حصي ۾ ڪمپيوٽر جي بنيادي ڄاڻ وغيره ڏني ويئي آهي. ۽ ٻئي حصي ۾ انگريزي ٽائيپنگ جا سبق ۽ مشقون آهن. ان حصي ۾ خطن جا حصا، قسم ۽ نمونا مختصر نموني سمجھايا ويا آهن. ان حساب سان هي ڪتاب اسانجي ادارن ۾ ڊپلومه آف ڪامرس پڙهندڙ شاگرد لاءِ به ڪارائتو اهي. ڪتاب جي ٽئين حصي ۾ سنڌي ٽائيپنگ سکڻ جو ٽيوٽوريل آهي. آخر ۾ ضميمي طور ايم بي سنڌي سافٽويئر انسٽال ڪرڻ جو طريقو ڏنو ويو آهي.

اوهان اگر هدايتن پٽاندر مشقن تي عمل ڪندائو، ته مهيني ٻن ۾ اوهان انگريزي توڙي سنڌي ٽائيپنگ سکي وٺندا.

شاگردن توڙي ماهرن کي پرزور گذارش ته پنهنجي راين کان مون کي آگاهه ڪن ته جيئن ايندڙ ڇاپي يا ورشن ۾ انهن جي روشني هن مواد کي سڌاريو وڃي.
ڊئونلوڊ لائي هتي ڪلڪ ڪجو
 
ادا سمون تمام بهترين شيئرنگ آهي، توهان جي اهڙي ناياب شئيرنگس جو بي چيني سان انتظار رهندو آهي
 
Back
Top