گذارش؛ دوستو! شاه جي سر سريراڳ جو مطالعو ڪندي هي بيت انتهائي سبق آموز ۽ آفاقي پيغام سان سرشار نظر آيو ... سوچيم ڇونه اوهان دوستن سان ونڊ ڪجي ... ٻيو عرض ته مون پنهنجي سمجهه آهر ان بيت جي تشريح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ جي ڪنهن دوست کي اڃان به وڌ ڪا ڳالهه هجي ته مهرباني ڪري ضرور اصلاح يا رهنمائي ڪري ... ________________________________________ اهــــــکي راه الله جي، اهــــــکي، اهـــکي ڀت، هوءِ جي ڏهائي ڏيهه جا، تن پڻ موڙهي مت، آڇـــــاڙان ابت، گهـــڙج گهــــاٽي نيهن سـان۔ آفاقي پيغام اهو هوندو آهي جو هر دور ۽ هر حالت ۾ ڪم جو هجي، جنهن سان سماج ۽ معاشري جي عڪاسي ٿيل هجي .. ۽ مشڪلاتن جو حل موجود هجي ... لطيف سرڪار جي پيغام ۾ جڏهن ڪنهن مشڪل جو ذڪر آهي ته ان سان گڏوگڏ انجو حل به آهي ... اڄ جڏهن شيطاني راهون انتهائي مضبوط ۽ سگهاريون ٿي چڪيون آهن ... اڄ جا جديد سائنسي علم، انساني معاشري کي فائدي رسائڻ سان گڏ و گڏ ابليسي سگهه سان سهڪاري آهن ... انٽرنيٽ، ٽي وي، ريڊيو، سئنيما ۽ ٻيون اهڙيون ايجادات جي فائدي سان گڏ انساني معاشري ۾ عرياني، لوڀ ۽ ٻيون برايون وڌائڻ ۾ پڻ سهڪاري آهن ... اڄ جون معاشرتي ۽ انساني ضرورتون، انسان کي هڪ اهڙي ڪشمش ۾ مبتلا ڪري چڪيون آهن جو کيس مٿي کنهڻ جي به واندڪائي نه آهي ... تيز رفتار رابطي جي وسيلن، اليڪٽرڪ ۽ اليڪٽرانڪ جا آلات ۽ گهريلو زندگيءَ جون انيڪ ۽ جديد ضروريات انسان کي ايترو ته مشيني ٺاهي ڇڏيو آهي جو سندس روح مرندو وڃي، سندس دلي جذبا بيسود ٿيندا وڃن ... نفسا نفسي جو دور هر گهڙي تيز کان تيز تر ٿيندو وڃي .... اهڙي دور ۾ الله جي راه پڻ اهکي کان اهکي ٿيندي وڃي ... انسان پنهنجن ديني فرضن ۽ معاشرتي سچائن کان ڪنڌ ڪڍائي پاڻکي ان مقابلي جي ڊڪ ۾ وڃائيندو وڃي ... اڄ، ڏينهن جون عبادتون يا راتين جا تهجد ۽ عبادتون، ۽ انساني ڀلائيءَ جا رويا ۽ چڱن عملن جا نظريا ... مادي ضروريات آڏو جهڪا ۽ ڌنڌلا ٿيندا پيا وڃن ... لطيف سڳوري پنهنجي هن بيت جي مٿي بند ۾ ان ئي طرف اشارو ڪيو آهي ته الله جي راهه اهکي کان اهکي ٿيندي پئي وڃي ۽ ابليس پنهنجي سگهه ۾ واڌاري وارين ڪوششن ۾ ڪامياب ٿيندو پيو وڃي ... اڄ، قومي عالم ۽ اديب پڻ ان نفسانفسي جي اثرات جا شڪار ٿي چڪا آهن، اڄ جي علمي ادارن ۾ مادي علمن پنهنجا پير ڄمايا آهن، روحاني ۽ رباني راهه پڙهڻ ۽ پڙهائڻ واري کي ڪنهن چڱي نظر سان ڏٺو نٿو وڃي، سچ جي راهه تي هلڻ واري کي ديوانو ۽ ملنگ چيو وڃي ٿو ... مٿان وري ديني عالم پڻ واٽون ويهه ٿيون جي مثال تي عمل ڪندي، پاڻکي به سڌي راهه تان ٿيڙي ٻين انسانن کي به گمراه ڪري رهيا آهن ... سچ کي ظاهر ڪرڻ سندن وس کان نڪرندو پيو وڃي پنهنجي شخصي دڪان کي سينگارڻ خاطر نت نوان نظريا ۽ خيال ايجاد ڪري ماڻهن جون متيون منجهائيندا پيا وڃن ... رب العالمين کانسواءِ نت نوان ٺڳيءَ جا ٺاهه ايجاد ڪري پنهنجو پيٽ ڀري رهيا آهن ... غريبن ، مسڪينن ۽ عام ماڻهن کي انهن نين ايجادات مان واڌو فائدي جي بجاءِ ڪاٽو نقصان ٿي رهيو آهي ... ايترن سارن نظرين ۽ خيالات کي پڙهي انسان مٿي کي هٿ ڏئي ويهي ٿو رهي ۽ مت منجهيو وڃي ... ان سڄي ساري مانڊاڻ ۾ انسان ڇا ڪري، هڪ سچو سالڪ ڇا ڪري، هڪ اهڙو انسان جو روحاني ۽ دلي مسرت واري زندگي گذارڻ گهري ٿو انکي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ جواب آهي پنهنجو سمورو توجهه، پنهنجو سمورو نيهن، پنهنجا سمورا لاڳاپا، هڪ الله سان لائجن ۽ پوءِ هن دنيا جي مادي ضرورتن سان منهن ڏجي ... ايمان ۽ عشق پڪو هوندو ته ماڻهون ڪنهن به حالت ۾ هوندو ڪنهن به دور ۾ هوندو ۽ ڪهڙين به ضرورتن جي پورائي واري عمل ۾ رڌل هوندو ته ڀٽڪندو نه، رستو نه وڃائيندو، دنيا جي ضرورتن اندر موجود برايون کيس پاڻ ڏانهن ڇڪي ڪونه سگهنديون ... ۽ هو هر منزل تي هر وک تي شيطان کي شڪست ڏيندو هن دنيا ۽ موت کانپوءِ واري دنيا ۾ سرخرو ٿي ويندو ....