عرب حڪومتن جي ماضي ۽ حال تي هڪ نظر : رسول بخش پليجو : ڪاوش 19 سيپٽمبر 2013

'مختلف موضوع' فورم ۾ گل حسن لاکو طرفان آندل موضوعَ ‏19 سيپٽمبر 2013۔

  1. گل حسن لاکو

    گل حسن لاکو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 جولائي 2010
    تحريرون:
    407
    ورتل پسنديدگيون:
    821
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    لائبريري اسسٽنٽ، مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو
    ماڳ:
    مهراڻ ٽائون، شهدادپور ضلع سانگهڙ
    عرب حڪومتن جي ماضي ۽ حال تي هڪ نظر
    رسول بخش پليجو
    جڏهن پاڻ سڳورن صه جي مڪي ۾ ولادت ٿي، ان وقت تائين دنيا ۾ ڪئين تهذيبون جهڙوڪ: عراقي، مصري، ايراني، سنڌي، هندي، چيني، جپاني، يوناني، روسي ۽ ٻيون پيدا ٿي ويون هيون. هندو، عيسائي، ٻڌ، يوناني، روسي ۽ ٻيا ڪئين مذهب وجود ۾ اچي چڪا هئا. ڪئين بادشاهتون ۽ شهنشاهتون پنهنجو وارو وڄائي چڪيون هيون يا اڃا به قائم هيون، جهڙوڪ مصري، عراقي، ايراني، جپاني، چيني، هندستاني، يوناني، روسي وغيره وغيره.
    حضرت محمد مصطفى صلعم جن جي ولادت با سعادت 570ع (ڪي مورخ اهو عيسوي سن 571 ڄاڻائين ٿا) ۾ ٿي ۽ 610ع کان رسالت جي اعلى منزلت تي رونق افروز ٿيا ۽ اسلام جي تبليغ ۽ عملي جدوجهد شروع ڪيائون. 622ع ۾ پاڻ سڳورن صه مديني منوره ڏانهن هجرت ڪرڻ فرمائي. 630ع ۾ مڪو شريف فتح ڪيائون ۽ 632ع ۾ پاڻ سڳورن جو وصال ٿيو. 632ع کان 634ع تائين حضرت ابوبڪر رضه جن جي خلافت هلي ۽ 634ع کان 644ع تائين حضرت عمر رضه جي خلافت جو دور هليو. حضرت عمر جي دور ۾ مسلمانن 638ع ۾ يروشلم، 639ع ۾ مصر، 641ع ۾ شام ۽ 642ع ۾ ايران فتح ڪيو. 644ع ۾ حضرت عمر رضه جي شهادت کانپوءِ حضرت عثمان رضه جي خلافت ۾ عربن، 646ع ۾ اسڪندريه، 649ع ۾ قبرص، 655ع ۾ وري اسڪندريه فتح ڪيو. 655ع ۾ عربن جي بحري ٻيڙي بازنطيني بحري ٻيڙي کي اسڪندريه وٽ شڪست ڏني. اها عربن جي پهرين بحري فتح هئي. حضرت عثمان رضه جي 656ع ۾ شهادت کانپوءِ حضرت علي رضه جي خلافت 656ع کان 661ع تائين هلي. 661ع کان 750ع تائين اموي گهراڻي جي حڪومت رهي. 673ع کان 678ع تائين عربن قسطنطنيه جو ناڪام گهيرو ڪيو. 674ع ۾ عربن جو فتحون هندستان ۾ وڃي سنڌو نديءَ جي ڪناري تائين پهتيون. 687ع ۾ عربن آفريڪا جو مشهور شهر ڪارٿيج فتح ڪيو. اهو لڙائيءَ جي ڪري تباهه ٿي ويو. 700ع ۾ عربن تيونس فتح ڪيو ۽ اتر آفريڪا مان عيسائيت جو بڻ بڻياد ڪڍي ڇڏيائون. 712ع ۾ عربيءَ کي مصر جي سرڪاري ٻولي بڻايو ويو. 707ع ۾ مسلمانن تانجير ۽ 709ع ۾ سوٽا کي فتح ڪيو. 711ع ۾ مسلمانن اسپين ۾ عيسائي گهراڻي جي حڪومت کي ختم ڪري اسپين فتح ڪيو. 712ع ۾ مسلمانن سنڌ ۾ حڪومت قائم ڪئي. عرب مسلمانن 716ع ۽ 717ع ۾ قسطنطنيه تي ٻيو ناڪام گهيرو ڪيو. 718ع ۾ عيسائين عربن کي ڪوارين جي لڙائيءَ ۾ شڪست ڏني. 732ع ۽ 737ع ۾ فرانس جي شاهي محل جي ميئر چارلس مارٿل عربن کي پهرين ٽورس جي ميدان ۾ ۽ پوءِ بارگون جي ميدان ۾ شڪستون ڏئي کين يورپ ۾ اتر طرف وڌڻ کان روڪي ڇڏيو. 746ع ۾ يونانين قبرص عربن کان واپس ورتو. 751ع ۾ عربن چين کي شڪست ڏئي سمرقند تي قبضو ڪيو. 756ع ۾ عبدالرحمان اموي اسپين جي قرطبه شهر ۾ اميه گهراڻي جو راڄ قائم ڪيو. 773ع ۾ عربن ۽ سندن اتحادين روم جي سيابلس جي ميدان تي فرنيڪن کي شڪست ڏني. 786ع کان 809ع تائين بغداد ۾ خليفو هارون الرشيد تخت نشين رهيو. 814ع ۾ عربن هندستاني انگ استعمال ڪرڻ شروع ڪيا. 869ع ۾ هنن مالٽا تي قبضو ڪيو. 880ع ۾ قسطنطنيه جي شهنشاهه عربن کان اٽلي واپس ورتي. 900ع ۾ ڪاسٽل جي حاڪم الفنگسو ٽئين طرفان عربن کان اسپين واپس وٺڻ جون ڪوششون، جن کي لاطيني ٻوليءَ ۾ Reconquesta جو مذهبي نالو ڏنو ويو هو، سي شروع ٿيون. 922ع ۾ مراڪش تي فاطمين جو قبضو ٿيو. 980ع ۾ عربن آفريڪا جي اوڀر واري ڪناري جي والار شروع ڪئي. 998ع ۾ ترڪ نسل جي غزنيءَ جي حاڪم محمود غزنويءَ اوڀر افغانستان ۽ اتر هندستان ۾ پنهنجي شهنشاهت قائم ڪئي. (مسلمانن جي مختلف گهراڻن جي هندستاني شهنشاهت 1857ع تائين قائم رهي.) 1054ع ۾ عبدالله بن ياسين اولهه آفريڪا کي قبضي هيٺ آڻڻ شروع ڪيو. 1061ع ۾ مسلمان الموحد گهراڻي اتر آفريقا ۾ قبضو ڪرڻ شروع ڪيو. 1062ع ۾ يونس بن تشفين موراڪو ۾ مراڪش شهر جو بنياد وڌو. 1071ع ۾ مانري ڪرت جي لڙائيءَ ۾ ترڪ سلجوق اڳواڻ بازنطينين واري اڀرندي شهنشاهت کي شڪست ڏئي اولهه ايشيا ۾ ايشيا مائينر کي فتح ڪيو. 1075ع ۾ ملڪ شاهه سلجوقيءَ شام ۽ فلسطين فتح ڪيو.
    مسلمان حڪومتن جي پاڙ پٽڻ لاءِ عيسائي مذهبي حملا،
    صليبي لڙايون (The Crusades)
    مسلمان حڪومتن جي سڀ – طرفي پکيڙ ٻي ڪنهن به ڌر کي پسند نه هئي، ان ڳالهه تي عيسائي ڪليسا ۽ عيسائي حڪومتون خاص ڪري ڪاوڙيل هيون. سندن ڪاوڙ جو هڪڙو خاص سبب اهو به هو ته مسلمان، عيسائين ۽ يهودين جي مذهبي مرڪز يروشلم تي ڪن زمانن کان قبضو ڪريو ويٺا هئا، جنهن ۾ حضرت عيسى عليه السلام زندگي گذاري هئي ۽ جتي سندن مدفن آهي. تان جو نيٺ اهم عيسائي مذهبي ۽ حڪومتي ڌرين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته جيسين يروشلم کي آزاد نه ڪرايو اٿئون، تيستائين ٻيا اندروني جهيڙا جهٽا حرام آهن. اعلان ڪيو ويو ته اندروني معاملن ۾ Peace of God (الاهي امن) قائم ڪيو ويندو. مسلمانن تي صليبي (عيسائي مذهب) حملو ڪري کين نيست ۽ نابود ڪيو ويندو. عيسائي پوپ اربن 18 نومبر 1095ع تي ڪلرمانٽ شهر ۾ عيسائي مذهبي اڳواڻن (بشپن) Bishops جي اجلاس کي خطاب ڪيو، جنهن ۾ عيسائين کي ”الله جو امن“ سختيءَ سان قائم رکڻ جي هدايت ڪئي ۽ کين ٻڌايو ته اوڀر ۾ (شام، لبنان وغيره ۾) اوڀر جي عيسائين جو ڪهڙو برو حال آهي. دنيا مان جيڪي زيارتي اتي زيارت ڪرڻ وڃن ٿا، تن سان ڪهڙيون عقوبتون ٿين ٿيون ۽ عيسائي درگاهن جي ڪهڙي بي حرمتي ٿئي ٿي. هن عيسائين کي چيو ته پنهنجي گناهن جي معافي وٺڻ لاءِ سختيون سهڻ فرض آهي. جنت ۾ جاءِ وٺڻ ۽ حضرت عيسى عه جي بادشاهت ۾ داخل ٿيڻ لاءِ مقدس جنگ ۾ شريڪ ٿين. نتيجي طور آگسٽ 1096ع ۾ صليبي ويڙهاڪن جون چار مکيه فوجون يروشلم روانيون ٿي ويون، انهن جي اڳواڻي فرانس جي بادشاهه فلپ جي ڀاءُ هيو ورمندوس (Hugh of vermandois) پئي ڪئي. ان سان گڏ جرمنيءَ جي لارين جو نواب گاڊ فري، ان سان گڏ سندس ٻه ڀائر بالدون ۽ يوسٽيسي هئا، انهن سان گڏ بازنطيني شهنشاهت جو فوجي دستو هو. 19 جون 1097ع تي عيسائي ويڙهاڪن اينٽيوڪ (انطاڪيه) شهر تي قبضو ڪيو. اڳتي هلي فوجون يروشلم ڏانهن روانيون ٿيون. يروشلم ان وقت قاهره جي فاطمي خليفي جي قبضي ۾ هو. شهر جي گورنر انهيءَ شرط تي شهر سندن حوالي ڪيو ته شهر جي ڪنهن به ماڻهوءَ کي اهنج نه رسايو ويندو ۽ اقصى مسجد جي حفاظت ڪئي ويندي. ”پر ان فيصلي کي نه مڃيو ويو، سڀ مسلمان مرد، زالون ۽ ٻار يهودي قتلام جو شڪار ٿي ويا“. (انسائيڪلو برٽينيڪا، جلد 16، صفحو 829) يروشلم، طرابلس ۽ ٻن ٻين رياستن کي قائم ڪري انهن کي صليبي رياستن جو لقب ڏنو ويو.
    ٻي صليبي چڙهائي:
    1148ع ۾ 50 هزار صليبي ويڙهاڪن اچي يروشلم وٽ ٺڪاءُ ڪيو، انهن ۾ ڪئين جرمن، فرينچ امير به شريڪ هئا. فيصلو ڪيو ويو ته دمشق تي حملو ڪجي، پر دمشق جي فوج جي ترڪ ڪمانڊر قاهره جي حاڪم نورالدين زنگي کي مدد لاءِ عرض ڪيو، جيڪو هن قبول ڪيو. دمشق کي پنج ڏينهن گهيرو ڪرڻ کانپوءِ 28 جولاءِ تي جڏهن نورالدين زنگيءَ جي فوج ذري گهٽ شهر جي ويجهو پهتي، تڏهن صليبي فوجون شهر ڇڏي پوئتي موٽيون. صليبي اڳواڻ ڪان راڊ، ٻيو اڳواڻ لوئي بحري جهاز ۾ چڙهي ڳوٺ پهتا ۽ ٻئي صليبي حملي لاءِ تياري ٿيڻ لڳي. 1168ع ۾ يروشلم جي حاڪم امل رڪ مصر تي ڪاهه ڪئي، جيڪو فاطمين جي قبضي ۾ هو، پر هو ناڪام ويو ۽ فاطمي حاڪم جو نمائندو شيرڪوه قائره ۾ داخل ٿيو. شيرڪوهه 23 مئي 1169ع تي گذاري ويو ۽ نورالدين زنگيءَ جو ڀائيٽو صلاح الدين ايوبي، جيڪو انهن ڏينهن ۾ زنگيءَ جو نائب هو، سو مصر جو حاڪم ٿيو. نورالدين صلاح الدين کي هدايت ڪئي ته هاڻي مسجدن ۾ خطبو قائره جي فاطمي خليفي بدران بغداد جي خليفي جي نالي پڙهيو وڃي، ۽ ائين ئي ڪيو ويو. 1174ع ۾ صلاح الدين سلطان ٿيو، ۽ ان ئي سال صلاح الدين شام کي فتح ڪيو. 1477ع ۾ يروشلم جي بادشاهه بارڊبن چوٿين مانٽ گسرت وٽ صلاح الدين کي شڪست ڏني. 1179ع ۾ صلاح الدين تائر جو گهيرو ڪيو. 1180ع ۾ صلاح الدين ۽ بارڊبن جي وچ ۾ جنگ بنديءَ جو ٺاهه ٿيو. 1187ع ۾ صلاح الدين يروشلم فتح ڪيو. 92-1189ع ۾ انگلينڊ جو بادشاهه شير دل رچرڊ، فريڊرڪ بروبروسا ۽ فرانس جو فلپ ٽين صليبي چڙهائيءَ جا اڳواڻ ٿي حملو ڪري آيا. 1190ع ۾ منگول اڳواڻ تيموجين عرف چنگيز خان اوڀر ايشيا ۾ شهنشاهيت قائم ڪئي. فريڊرڪ بروبروسا فلسطين ويندي واٽ تي ٻڏي مئو. 1191ع شيرل دل رچرڊ پهرين قبرص ۽ ڪرا تي قبضو ڪيو. 1192ع ۾ رچرڊ پهرئين جافا تي قبضو ڪيو ۽ صلاح الدين سان ٺاهه ڪيائين. صلاح الدين کي موٽندي چيائين ته مونکي پنهنجي طرفان يروشلم جو گورنر مقرر ڪري، پوءِ انگلينڊ جي فوج تنهنجي هڪل تي حاضر ڪندس. توکي جڏهن به ضرورت پوي، تڏهن مونکي حڪم ڪجان ته تنهنجي مدد لاءِ انگريز فوج پهچي ويندي. منهنجي ڀيڻ جو سڱ آئون توکي تنهنجي پٽ لاءِ ڏيان ٿو. (پوپ اهو ٺاهه رد ڪري ڇڏيو- چيائين ته اهو جائز ناهي).... پوءِ رچرڊ واپس ملڪ موٽيو، واٽ تي کيس سندس دشمن آسٽريا جي نواب ڊيو پول گرفتار ڪري ورتو. 1193ع ۾ سلطان صلاح الدين گذاري ويو، رچرڊ کي شهنشاهه هينري ڇهين جي حوالي ڪيو ويو، جنهن کيس آزاد ڪرڻ لاءِ ڀُنگ گهريو. 1194ع ۾ رچرڊ جي پاران ڀنگ ڏنو ويو ۽ هو انگلينڊ پهتو.
    1202ع ۾ چوٿين چڙهائي:
    صليبين قسطنطنيه تي قبضو ڪري انکي تباهه ڪري ان تي پنهنجو لاطيني حاڪم مڙهي ڇڏيو. ان وچ ۾ اڀرندي طرف 1208ع ۾ تيموجين کي چنگيز خان جي لقب سان شهنشاهه مقرر ڪيو ويو.
    1212ع ۾ ٻارن جي صليبي ڪاهه
    فرانس ۽ جرمنيءَ مان 30000 صليبي ٻار فلسطين روانا ٿيا. ڪاهه ناڪام ٿي وئي ۽ هزارين ٻار غلام ڪري وڪيا ويا. 22-1217ع ۾ پنجين صليبي ڪاهه مصر تي ڪئي وئي ۽ ناڪام ٿي. 29-1228ع ۾ ڇهين صليبي ڪاهه جي اڳواڻي شهنشاهه فريڊرڪ ڪئي. صليبين يروشلم تي وري قبضو ڪيو. 1243ع مصر جي مسلمانن يروشلم عيسائين کان کسي ورتو.
    70-1248ع ۾ ستين ڪاهه:
    ستين صليبي چڙهائي فرانس جي بادشاهه لوئي نائين جي اڳواڻيءَ ۾ ٿي. مسلمانن مصر ۾ لوئي نائين کي قيد ڪري ورتو ۽ کانئس ڀنگ ڀرائي کيس آزاد ڪيو. 1270ع ۾ هو مري ويو. 1268ع ۾ مصر جي مسلمانن عيسائين کان انتطاڪيه کسي ورتو. 1291ع ۾ مسلمانن عيسائين کان سندن فلسطين ۾ آخري ڳڙهه لڪره کسي ورتو ۽ مسلمانن خلاف عيسائين جون مذهبي صليبي چڙهايون ختم ٿي ويون.
    نئين صورتحال کي مسلمانن جي دشمنن ڪيئن منهن ڏنو ۽ ڪيئن کين غلام بنائي ڇڏيو ويو ۽ ان ماجرا کي ڪيئن پيو منهن ڏنو وڃي، سو انساني تاريخ جو هڪڙو انوکو ۽ حيرت انگيز باب آهي، جنهن کي چڱيءَ طرح پروڙڻ ۽ منهن ڏيڻ انساني تاريخ جي موجوده نسلن جو اهم ترين انساني فرض آهي. وڌيڪ خبرچار ايندڙ ڪچهريءَ لاءِ ڇڏي هتي فقط دنيا جي عياري ۽ مڪر سان زهريلي دشمنيءَ واري ويڙهه جي وڏي ۾ وڏي عالم، ٻه هزار ورهيه اڳ گذاري ويندڙ پنڊت ڪوتليه چاڻڪيه جا هي نسخا ياد ڪريون ٿا: ”آئون پنهنجي دشمن جو مقابلو ان جي سر جي ويريءَ جي ساٿيءَ جي مدد سان يا وچ واري قوت جي ساٿ سان ڪندس. آئون پاڙي وارن وحشي قبيلن، مخالف جي عزيزن يا دشمن جي ملڪ ۾ موجوده پنهنجي ماڻهن جي مدد سان مخالف ملڪ جي ڇانوڻي يا قلعي ۾ شديد/ زبردست فساد ۽ بد امني پيدا ڪندس. جڏهن منهنجو مخالف منهنجي هٿ چڙهندو ته باهه، زهر، هٿيارن يا ٻين ڳجهن طريقن سان کيس ختم ڪري ڇڏيندس. مان پنهنجي دشمن ۽ ان جي ساٿين جي وچ ۾ نفرت پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس ۽ ان جي فوج ۾ بغاوت ڪرائڻ جو بندوبست ڪندس.“ پنڊت ڪوتليه چاڻڪيه جي ڪتاب ارٿ شاستر جي ص- 535 کان 561ع تائين).







     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. شعيب محمد

    شعيب محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2012
    تحريرون:
    170
    ورتل پسنديدگيون:
    338
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    353
    ڌنڌو:
    ليڪچرار
    ماڳ:
    سکر
    تمام بهترين ليک آهي
     
  3. رسول بخش جوڻيجو

    رسول بخش جوڻيجو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    157
    ورتل پسنديدگيون:
    245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    413
    ماڳ:
    مارئي جو ديس ٿر
  4. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    ادا معلوماتي ونڊ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو