سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن متعارف ڪرائڻ جو جيڪو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو ڪتاب نمبر پنجاهه (50) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ممبئي ياترا سنڌ جي عاشق انور پيرزادي جو بمبئي بابت سفرنامو آهي.
اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هي ڪتاب ڪمپوز ڪري موڪليو. لک قرب پياري دوست امر پيرزادي جا جنهن هي ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي.
ڪتاب مان ورتل ٽڪرو:
سو اها ڳالهه ان ڪري نڪتي ته هندستان ۽ پاڪستان وچ ۾ سرحدون بند ٿيڻ سبب ڪيترائي مسئلا پئدا ٿي پيا. مثال ٿر ۾ ڏڪار آ پر راجستان ۾ وسڪارا ٿيا آهن يا صورتحال ان جي ابتڙ آهي ته راجستان ۾ ڏڪار آ ۽ ٿر وٺو آ اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن سرحد کليل هجي ته ڏڪار ڪٿي به محسوس نه ٿئي. ٿر وارا راجستان هليا وڃن ۽ راجستان وارا ٿر هليا اچن.
ان ڪري دنيا جي سڀني ملڪن وچ ۾ موجود سرحدون کُلڻ گهرجن. ملڪن جون سرحدون بند ڪرڻ بنيادي انساني حقن جي خلاف ورزي يا ڀڃڪڙي آهي
Close borders should be considered as serious Violation of basic human rights every where in the world
سو سرحدون بند هجڻ ڪري جيئن هندستان جي ماڻهن کي پاڪستان جي خبر ناهي ۽ پاڪستان جي ماڻهن کي هندستان جي خبر ناهي. اهڙي طرح ڪراچي جي ماڻهن کي بمبئي جي خبر ناهي ۽ بمبئي جي ماڻهن کي ڪراچيءَ جي خبر ناهي.