• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اڄوڪو ڏينهن 20 سيپٽمبر تاريخ جي دريءَ مان

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
اڄوڪي ڏينهن 20 سيپٽمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:

20 سيپٽمبر 1889ع ماهر معاشيات ۽ اينٽي سنڌ سيپريشن تحريڪ جي اڳواڻ حشمت راءِ ڇاٻلاڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
20 سيپٽمبر 1892ع صوفي شاعر صوفي محمد سليمان جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
20 سيپٽمبر 1906ع شڪارپور سان تعلق رکندڙ سنڌ جي پهرين مسلمان عورت ڊاڪٽر، ڊاڪٽر ساران صديقي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
20 سيپٽمبر 1915ع سياستدان، پاڪستان جي اڳوڻي قائم مقام وزيراعظم ملڪ معراج خالد جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
20 سيپٽمبر 1920ع مشهور استاد، شاعر ۽ سماج سڌارڪ استاد شفيع محمد ٻگهيو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
20 سيپٽمبر 1911ع اسڪالر، تاريخدان ۽ محقق پير حسام الدين راشدي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
20 سيپٽمبر 1937ع ليکڪ محمد منگهن ڀٽو (ٽنڊو محمد خان) جو جنم ڏينهن آهي.
20 سيپٽمبر 1938ع شاعر مسڪين سروري (سرهاڙي) جو جنم ڏينهن آهي.
20 سيپٽمبر 1942ع نامور سماج سڌارڪ ۽ سياستدان قربان علي عباسي جو جنم ڏينهن آهي.
20 سيپٽمبر 1949ع شاعر غالب سولنگي (يارو ديرو) جو جنم ڏينهن آهي.
20 سيپٽمبر 1948ع باليووڊ جي فلمي ڊائريڪٽر مهيش ڀٽ جو جنم ڏينهن آهي.
20 سيپٽمبر 1950ع سياستدان پير امجد حسين شاھ جيلاني (حيدر آباد) جو جنم ڏينهن آهي.
20 سيپٽمبر 1955ع نامور صحافي ۽ سياستدان قاضي اسد عابد جو جنم ڏينهن آهي.
20 سيپٽمبر 1959ع شاعر غلام نبي ڪولاچي (باڊھ) جو جنم ڏينهن آهي.
20 سيپٽمبر 1961ع ليکڪ ۽ اسڪالر ڊاڪٽر عبدالحئي ابڙو جو جنم ڏينهن آهي.
20 سيپٽمبر 1963ع ڪرڪيٽرانيل ولد دلپت جو جنم ڏينهن آهي.
20 سيپٽمبر 1965ع مشهور نعت گو شاعر رفيق امروٽيءَ جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

20 سيپٽمبر 1288ع اسڪالر شيخ علي سيوستاني جي وفات ٿي.
20 سيپٽمبر 1309ع سلطان فيروز شاھہ تغلق جي وفات ٿي.
20 سيپٽمبر 1810ع تي مشھور شاعر مير تقي مير وفات ڪئي.
20 سيپٽمبر 1926ع شاعر بهاول فقير شڪارپوري جو انتقال ٿيو.
20 سيپٽمبر 1933ع فلاسافر ۽ ٿيافسٽ ايني بيسنت جي وفات ٿي.
20 سيپٽمبر 1983ع نامياري ليکڪ پروفيسر محمد سرور جامعي جي وفات ٿي.
20 سيپٽمبر 1996ع جمگوريت لاءِ جاکوڙيندڙ قائد عوام شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جو موڀي پُٽ مير مرتصيٰ ڀٽو ستر ڪلفٽن اڳيان پوليس مقابلي ۾ شھيد ٿي ويو.
20 سيپٽمبر 1996ع سياستدان عاشق حسين جتوئي ستر ڪلفٽن اڳيان مير مرتصيٰ ڀٽو سان گڏ پوليس مقابلي ۾ شھيد ٿي ويو.
20 سيپٽمبر 1999ع نامور تعليمي ماهر ايم ايڇ خواجا جو انتقال ٿيو.
20 سيپٽمبر 2020ع ريڊئي، ٽي. وي ۽ اسٽيج جو مشھور راڳي عبدالله پنهور جو انتقال ٿيو.

واقعا

1956ع – چين جو وزيراعظم، چواين لائي پھريون ڀيرو پاڪستان آيو.
1960ع – صوماليا اقوام متحدہ جو ميمبر ٿيو.
1960ع – ٽوگو اقوام متحدہ جو ميمبر ٿيو.
1961ع – آئل گيس ڊولپمينٽ ڪارپوريشن جو قيام عمل ۾ آيو.
1996ع – مرتضيٰ ڀٽو کي ڪراچي ۾ قتل ڪيو ويو.
2001ع – آمريڪي صدر جارج ڊبليو بش، آمريڪي ڪانگريس ۽ عوام سان خطاب دوران ”دهشتگردي خلاف جنگ” جو اعلان ڪيو.
2008ع – باورد سان ڀريل ٽرڪ کي اسلام آباد جي ميريٽ هوٽل سان ٽڪرايو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 54 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا ۽ 266 زخمي ٿيا.
2011ع – آمريڪي فوج ”نہ پڇو، نہ ٻڌايو“ پاليسي جو خاتمو آڻيندي هم جنس پرست مرد ۽ عورتن کي فوج ۾ شامل ڪرڻ جو اعلان ڪيو.
2017ع – هريڪن ماريا پورٽو ريڪو سان ٽڪرايو، جنهن جي نتيجي ۾ 2975 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا ۽ 90 ارب آمريڪي ڊالر جو نقصان ٿيو.

حوالہ:

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
روزانہ ڪاوش
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
وڪيپيڊيا
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
 
Back
Top