• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪاميابي سان اڳتي وڌندڙ عورتون

ڦلپوٽو فقير

سينيئر رڪن
اهو ڪنهن ڏاهي جو قول آهي ته وقت وڏو بادشاهه آهي ڇوته وقت جي رفتار تمام تيز آهي، جيڪا ڪڏهن ڪنهن مظلوم جي حق جي آواز بڻجي ٿي ته ڪڏهن وري ڪنهن ظالم جي سزا بڻجي ٿي، وقت جا اصول ڪنهن امير ۽ غريب جي فرق کي نه ٿا ڏسن، وقت جا اصول هن معاشري جي بي حس ماڻهوءَ جيان عورت ۽ مرد جي فرق کي به نه ٿا مڃين، جنهن انسان وقت جي ڏات کي سمجهيو، اهو انسان ئي وقت سان گڏ حڪومت ڪري ٿو، جيئن جيئن وقت بدلجي پيو، تيئن تيئن انسان اڃا به اڳيان وڃي پيو ۽ انسان جي ان ترقي جو ڪارڻ صرف ۽ صرف تعليم آهي، ڇوته تعليم ئي انسان کي فرش کان عرش تائين پهچائي ٿي، علم هڪ اهڙو زيور آهي، جنهن کي چوريءَ جو ڪو به ڊپ ناهي، علم ڪنهن به معاشري جي بقا ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو، ان علم ئي عورت جي زندگي کي پڻ معنيٰ ڏني، پهرين دور ۾ جڏهن تعليم نالي ڪا شيءِ نه هئي ۽ انساني زندگي جو ڪو خاص مقصد نه هو، سواءِ زندگي گذارڻ جي، هر طرف رڳو جهالت ڪري کنيو بيٺي هئي پر جيئن جيئن وقت بدلجڻ لڳو، تيئن تيئن انسان کي علم جي ضرورت محسوس ٿي، هن ڪائنات جي وجود کي سمجهڻ جي ڪشش ٿي، انساني زندگي کي مقصد بڻائڻ جي حسرت ٿي، تڏهن آهستي آهستي پراڻي دور ۾ تعليم رونما ٿيڻ لڳي، پر اها سوچ سامهون آئي ته علم صرف مردن تائين محدود ناهي پر عورت به ان کي پڙهي ۽ سمجهي سگهي ٿي، ائين عورت به علم جي دنيا ۾ پير پاتو ۽ تعليم کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ لڳي، علم اڃا به وسيع ٿيڻ لڳو، تڏهن عورت لاءِ اهو سمجهيو ويو ته (نرسنگ) هڪ واحد شعبو آهي، جنهن ۾ عورت اڳيان ڪم ڪري سگهي ٿي ۽ باقي ٻيا شعبا عورت جي ڪم جا ناهن، ڪافي صديون عورت نرسنگ جي شعبي ۾ ئي ڪم ڪندي رهي ۽ ڪجهه وقت کانپوءِ اهو شعور پيدا ٿيو ته عورت هاڻي هڪ استاد به ٿي سگهي ٿي ۽ گڏوگڏ ميڊيڪل ڏانهن به رجحان وڌندو ويو، عورت هاڻي ڊاڪٽر به ٿي سگهي ٿي، عورتون ميڊيڪل ڏانهن تيزي سان وڌڻ لڳيون ۽ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏينديون رهيون، سالن تائين اهو ڪم هلندو رهيو ۽ وري صلاح ٿيڻ لڳي ته عورت صرف ميڊيڪل نه پر (انجنيئرنگ) جي شعبي ۾ به قدم رکي سگهي ٿي ۽ هاڻي عورت انجنيئر به ٿي وئي ۽ مختلف جاين تي پنهنجي صلاحيت ڏيکاريندي رهي، وقت گذرندو رهيو، ۽ پوءِ اهو وقت به اچي ويو ته عورت تجارت ۽ بئنڪنگ به ڪري سگهي ٿي، وري ساڳي طريقي سان ڪجهه وقت کانپوءِ اهو نظريو ڏنو ويو ته عورت قانون جي مختلف شعبن ۾ به ڪم ڪري سگهي ٿي، عورت هر شعبي ۾ اڳتي وڌي ۽ پنهنجي منزل ڏانهن وڌڻ لڳي، علم جون شاخون اڃا به پکڙجڻ لڳيون، ايتري قدر جو انسان وڃي چنڊ تي پهتو پر عورت اڃا زمين تي ئي پنهنجي ذات ڳولي پئي، قانون ۽ تجارت کانپوءِ اسان جو معاشرو ميڊيا ڏانهن وڌڻ لڳو ۽ عورت هاڻي ريڊيو ۽ ٽي وي تي به ڪم ڪري ٿي ۽ پوءِ وري عورت (ٽرئفڪ) پوليس ۾ به قدم رکيو ۽ سياست ته اهو شعبو آهي، جنهن ۾ عورت تمام گهڻي ڪاميابي ماڻي، اڄ اهو زمانو به اچي ويو آهي، جڏهن عورت مردن سان گڏ خلا ۾ سفر ڪري پنهنجو پاڻ مڃرايو آهي، نرس کان ڊاڪٽر تائين، انجنيئرنگ کان تجارت تائين، قانون کان وٺي انسان جي حقن جي تنظيمن تائين ۽ ميڊيا کان وٺي اسان جي ملڪ جي سرحدن تائين عورت هر جاءِ تي ڪم ڪري رهي آهي. لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ اديون چون ٿيون ته هتي پهچڻ لاءِ اسان تمام گهڻي محنت ڪئي آهي، شوق هڪ ٻي شي آهي پر ضروري ناهي ته عورت رڳو ميڊيڪل ڏانهن اچي ۽ ڊاڪٽر بڻجي، اسان جي معاشري کي صرف ڊاڪٽر نه پر هر شعبي جي ضرورت آهي، ڇو ته اسان کي پنهنجي معاشري کي هر طرح کان مضبوط ڪرڻو آهي ته جيئن سڀاڻي سڄي دنيا اسان کي ڏسي رشڪ ڪري ۽ هر جاءِ تي انسان جي معاشري جو مثال ڏنو وڃي، مهراڻ يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ ڀينرون ٻڌائين ٿيون ته جڏهن ڇوڪري انٽر ڪندي آهي ته کيس پهريون آپشن ان لاءِ ميڊيڪل رکيو ويندو آهي ۽ اڄ به اسان جي معاشري ۾ ڪجهه اهڙا گهراڻا آهن، جيڪي پنهنجي نياڻين کي ميڊيڪل کانسواءِ ڪنهن ٻئي شعبي جي اجازت نه ٿا ڏين، اسان جي معاشري جون ايتريون هوشيار ۽ ذهين ڇوڪريون رڳو فيملي جي هڪ غلط فيصلي جي ڪري گهر ۾ رهجي وڃن ٿيون، سنڌ يونيورسٽي جي مختلف شعبن ۾ پڙهندڙ ڇوڪريون ٻڌائن ٿيون ته عورت صرف ڪنهن هڪ جاءِ تائين محدود ناهي، هتي توهان کي هر شعبي ۾ ڪم ڪندڙ ۽ پڙهندڙ ڇوڪريون ملنديون ۽ اسان جا سڀني شعبن سان رابطا هوندا آهن ۽ ائين اسان هڪٻئي جي شعبن ۽ ڪمن کان واقف ٿينديون آهن ته ڪيئن عورت ڪنهن شعبي ۾ ڪم ڪري سگهي ٿي ۽ ان شعبي ۾ ڇوڪرين لاءِ فائده ڪهڙا آهن ۽ انهن جون ضرورتون ڪهڙيون آهن، ائين ڪرڻ سان اسان ۾ هڪ خود اعتمادي پيدا ٿئي ٿي، برصغير ۾ تعليم ۽ پنهنجي ڏاهپ جي بدولت دنيا جي ڪافي عورتن پنهنجو پاڻ مڃرايو آهي ۽ مردن سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي اهو ثابت ڪيو آهي ته عورتون به مردن جيان معاشري جو اهم حصو آهن، پوءِ اها عورت آنگ سانگ سوچي نالي فوج سان وڙهندڙ هجي يا وري پنهنجي ڀاءُ جو ساٿ ڏيندڙ فاطمه جناح ڇو نه هجي، ڪٿي وري جمهوريت لاءِ ڪوششون وٺندڙ آڪسفورڊ يونيورسٽي ۽ هاروڊ يونيورسٽي اندر ليڪچر ڏيندڙ ۽ پهرين مسلمان عورت وزيراعظم غريبن ۽ مسڪينن لاءِ جان جو نظرانو ڏيندڙ، شهات جو جام نوش ڪندڙ سنڌ راڻي بينظير ڀٽو جي نالي ۾ نرواڙ ٿيندڙ عورت ئي آهي، ڀارت اندر انوکي سياست جو بنياد وجهندڙ ۽ هڪ گمنام گولي جو نشانو بڻجندڙ پر آمرن آڏو نه جهڪندڙ اها انڌرا گانڌي به هڪ بهادر عورت هئي، اهڙا ٻيا به کوڙ سارا نالا آهن، جن مردن جيان ميدان ۾ بيهي پاڻ ملهايو آهي، اڄ اها ڳالهه ثابت ٿي وئي آهي ته اهڙو ڪوئي ڪم نه آهي، جيڪو عورت نه ڪري سگهي، ڪاٺين ذريعي باهه ٻارڻ کان وٺي پنهنجو نور وڃائي نازڪ هٿن سان سنهڙو ڀرٿ ڀرڻ تائين، استاد کان وٺي سياست تائين ۽ سياحت کان وٺي صحافت تائين هر جڳهه تي مردن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي عورت ڪم ڪري رهي آهي.

روزانه ڪاوش جي ٿورن سان

جنت جروار

 
Back
Top