ذاتي ڄاڻ ظاهر ٿيڻ جو خدشو، هڪ ڪروڙ 10 لک ماڻهن پنهنجا فيس بڪ اڪائونٽ ختم ڪري ڇڏيا لنڊن (اي پي پي) نگراني واري ڳجهي آمريڪي پروگرام بابت ڄاڻ منظر تي اچڻ بعد هڪ ڪروڙ 10 لک ماڻهن پنهنجا فيس بڪ اڪائونٽ ختم ڪري ڇڏيا آهن، ذريعن مطابق آمريڪا جي قومي سلامتي بابت ايجنسي طرفان انٽرنيٽ استعمال ڪندڙن جي ڳجهي نگراني بابت اطلاع ملڻ بعد ماڻهو پنهنجي ذاتي ڄاڻ بابت احتياط ڪرڻ لڳا آهن. پتو پيو آهي ته فيس بڪ اڪائونٽ ختم ڪندڙن مان 48 سيڪڙو ماڻهن جو خيال آهي ته انٽرنيٽ تي سندن ذاتي زندگي بابت ڄاڻ جي حفاظت ڪرڻ ناممڪن آهي.