راشد ميمڻ
سينيئر رڪن
تون، جيڏين ۾ تارن ۾ قمر.
تون، محفل ۾ نيڻن ۾ نظر.
گلشن ۾ گلن جو عڪس، کلڻ،
ڪينجهر تي هوا جو رقص، ٽلڻ.
گفتار ۾ آ جهرڻن جي صدا
رخسار ۾ آ ڪِرڻن جي ادا.
خاموش مٿان، بيتاب اندر،
بي هوش اکيون، باهوش نظر.
ٻولين ته شهد، مشڪين ته شڪر،
چپ چاپ ته پو تن من ۾ چڪر.
وسرين به نه ٿي محبت جو قسم،
جذبات،ڪشش، شدت جو قسم
اِن مهتابي صورت جو قسم،
۽ سيمابي فطرت جو قسم،
۽ اڻپوري حسرت جو قسم،
موٽين به نٿي قسمت جو قسم.
ها، قسمت جنهن جو انگ اٽل،
هر گهاٽ عدم ۽ نام اجل.
تون، جنهن ڏي مان تاڻي نه سگهيس،
تاڻي نه سگهيس ، ماڻي نه سگهيس.
تون، جنهن کي مان سمجهي نه سگهيس،
پلٽي نه سگهيس پر پي نه سگهيس.
تن تنهجي ۾ سهڻِ جي چمڪ،
سسئي جي ڀڙڪ،
مومل جي مهڪ،
سورٺ جي سمڪ،
تون ڏور تڪين تارو چمڪي
نزديڪ اچين سورج اڀري،
وسرين به نٿي ، محبت جو قسم!
موٽين به نٿي قسمت جو قسم!