حڪيم محمد يوسف کتري
سينيئر رڪن
سمنڊ گجي
عربي زبدالبحر
سنڌي سمنڊ ڦيڻ
انگريزي Cuttle fish
حيواني نالو Internal shel of sepia officinalis
خاندان Seppia officinilis
هي هڪ سمنڊ جي مڇي جو مٿيون تهه جيڪو مڇي جي مرڻ کان پوءِ گوشت ڳرڻ جي صورت ۾ سمنڊ جي پاڻي ۾ ترندا نظر اچن ٿا هن مان اها مراد نه آهي ته ڪو هر جڳهه تي هي مڇي هوندي آهي هن جا به پنهنجا آستانه آهن انهن علائقن ۾ هي عام جام ملي ٿو ڪراچي سامونڊي علائقي ۾ به هي مڇي ٿئي ٿي ،هي 5سينٽي ميٽر کن ويڪرا ۽15کان 25 سينٽي ميٽر ڊگھا ٽڪرا آهن جيڪي پنسارين کان سمنڊ ڦيڻ يا سمند جي گجي جي نالي سان ملن ٿا هي سخت ڍال وانگر هوندو آهي جيڪو بيضوي شڪل تي ته ڪڏهن ڪنڊون ڀڳل ملندو آهي . هي جانور جڏهن جيئرو هوندو آهي ته وزن ساڍا 10 ڪلو تائين ٿي ويندو آهي .هن ۾ ڪيلشم ڪاربو نيٽ ۽ سلفيٽ ۽ فاسفورس هوندو آهي. يورپ ۾ ته هن جوباقائدي شڪار ڪيو ويندو آهي ايستائين جو هوٽلن ۾ به هن جون ڊشون تيار ڪيو وڃن ٿيون. هن کي سامونڊي سانڊو به چيو وڃي ٿو اهو انهيءَ ڪري چوندا آهن ته سانڊي وانگر هي پنهنجو رنگ ترت تبديل ڪري ويندو آهي . نيٽ ۾ هڪ تصوير موجود آهي ان ۾ ته سامونڊي زمين جي خاڪي نشانن وانگر پنهنجو رنگ ڪيل آهيس جنهن مان واقعي سندس دشمن کيس سڃاڻي نه سگھندا. هن جي رت جو رنگ سائو بليو مائل هوندو آهي اهو انهيءِ ڪري آهي ته هن جي غذا ۾ٽامون زياده هوندو آهي انهيءَ کان سواءِ پرو ٽين هيمو سائينين جيڪا آڪسيجن آڻڻ جو ڪم ڪري ٿي ،هن ۾ عجيب ڳالهه اها آهي ته هن کي ٽي دليون ٿينديون آهن جن مان ٻه دليون ته هرهڪ ڪلي لاءِ مخصوص آهي جڏهن ٽي دل پوري جسم کي رت سپلائي ڪندي آهي هن جي دل تمام تيز رفتاريءَ سان ڪم ڪري ٿي اهو انهيءَ ڪري ته هيموسائينن تمام گھٽ آڪسيجن کڻي اچي ٿوتازو تحقيق ٿي آهي ته هن جي هڪ قسم ۾ تمام خراب قسم جو زهر هوندو آهي.اها تحقيق آسٽريليا جي وڪٽوريا شهر جي ميوزم ۾ مارڪ نارمن ڪئي. هن جا گھٽ ۾ گھٽ 120قسم آهن جيڪي پنجن خاندانن ۾ تقسيم ڪيا ويا آهن
مزاج گرم خشڪ 3
مضريعني نقصان
جيئن ته اسان وٽ جيئري جانو جو استعمال نه آهي سمنڊ ڦيڻ جي لاڳيتي استعمال سان اڳرا اثر ٿي سگھن ٿا تڏهن به دماغي بيمارين جي مريضن کي هي خوردني نه واپرئجي. تمام طبي ڪتابن ۾ هن کي زهريلو لکيو ويو آهي پر ڪنهن به طبيب اها ڳالهه نه لکي ته آخر زهريلو ڇو آهي .مون باقائدي هن جو خوردني استعمال ڪرايو آهي مناسب مقدار ۾ کارائڻ سان اڄ ڏينهن تائين ڪو به نقصان نه ٿيو آهي
مقدار خوراڪ ؛ گھڻو ڪري هي لڳائڻ جي دوائن ۾ استعمال ٿيندو آهي پر جي خوراڪي استعمال ڪجي ته 500 ملي گرام تائين کارائي سگھجي ٿو
فائدا
هن کي قديم طبيب گھڻوڪري اکين جي بيماري ۾ استعمال ڪندا هئا سو به اڪيلو استعمال نه ٿيندو آهي ڪنهن نه ڪنهن ٻين شين سان ملائي عرق گلاب ۾ کرڙ ڪري ان کان پوٰ اکين ۾ وڌ و ويندو آهي . ڏندن کي صاف ڪرڻ جي منجنن ۾ به ڪافي استعمال آهي انهيءَ ڪري ڏندن جي بيماريءِ ۾ به هن کي مفيد قرار ڏئي سگھجي ٿوانهيءَ کان سواءِ هندستان جا طبيب يا دايون ڪنوارن جي رنگ نکارڻ کان علاوه منهن جي داغ ڌٻن موهيڙن تي به استعمال ڪنديون آهن. گھٽ مقدار ۾ کارائڻ سان الٽي اٻڙڪي ۾ مفيد آهي.هن جي ليپ سان منهن جا ڪاراداغ ، ڇائون،بهق ۽ نمش کي فائدو ٿي وڃي ٿوورمن کي تحليل ڪري ٿو استسقا م به مفيد آهي ميڻ ۽ گل روغن ۾ ملائي لڳائڻ سان ڦٽ ڦڙوڙين ۽ خارش ۾ مفيد آهي .ويدن جو چوڻ آهي ته هن جي استعمال سان مني خشڪ ٿي وڃي ٿي صفراوي بيمارين ۾ مفيد آهي ماکي ۾ سمنڊ ڦيڻ لکائي انهيءَ مان وٽ ٺاهي ناسور ۾ رکڻ سان فائدو ٿي وڃي ٿو ويد ورم الرحم ۽ سيلان رالرحم ۾ هريڙن جي ٻج جو مغز برابر سمنڊ ڦيڻ سان ملائي 5 گرام جون پوٽليون ٺاهي رحم ۾ رکڻ سان ڪافي فائدو ٿي وڃي ٿي سمنڊ ڦيڻ ڪن جي سور ۽ صاف ڪرڻ لاءِ هن کي استعمال ڪندا آهن جيئن ذڪر ڪيو اٿم ته مون هي خوردني ڪافي استعمال ڪرائي آهي انهيءَ تجربن دوران مون کي خبر پئي ته سمنڊ ڦيڻ پيشاب آور به آهي
تجربات
اسان جو قريبي دوست حڪيم محمد اسماعيل کي پٿري ٿي پئي . ديسي دوائون کائيندو رهندو هو پٿريون نڪرنديون به رهنديون هيون پر آّخر ڪار هڪ کجي جي ٻج جيتري پٿري مثاني ۾ رهي جيڪا پيشاب روڪي ڇڏيندي هئي نيٺ هڪ ڏينهن حڪيمن جي محفل ۾ ڇيائين ته منهنجو ڪو بندوبست ڪريو هاڻ بيزار ٿي پيو آهيان انهن حڪيمن مان هڪ حڪيم چيس ته مٺي سوڍا ۽ سمنڊ ڦيڻ برابر ڪٽي ڇاڻي وڏا ڪيپسول ڀري ٻه صبح ٻه شام کائي . يڪدم دوا ٺاهي همراه کي کارائي وئي ٽن ڏينهن کان پوءِ پيشاب تيز اچڻ لڳو رات جو اها پٿري پيشاب جي پريشر ڪري مثاني مان آلت جي وچ ۾ اچي ڦاسي پئي . همراه جون رڙيون نيٺ کيس هڪ اسپتال ۾ داخل ڪري آلت کي معمولي چيرو ڏئي پٿري ڪڍي وئي جيڪا کجيءَ جي ٻج جيتري هئي
ڪيميائي جز
هن ۾ جھجي مقدار ۾ ڪيلشيم ڪاربونيٽ هوندو آهي 80.85 سيڪڙو هوندو آهي.انهيءَ کا سواءِ فاسفيٽ ۽ سلفيٽ۽ سليڪا هوندا آهن
مرڪبات
سنون مجلي ،ڪحل روشني،مصفي رحم ،معجون سورنجان،معجون شيربرگد والا
سپ سچي